ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شھيد بينظير ڀٽو جي ڀيٽا ۾ سنڌ جي مختلف تخليڪارن جي شاعريءَ جو مجموعو "مان جي مئس پنڌ ۾" اوهان اڳيان حاضر آهي.
سنڌ جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت تي سنڌ جي تخليقڪارن مختلف صنفن ۾ مختلف وقتن تي شھيد محترمه بينظير ڀُٽو کي جيڪا ڀيٽا پيش ڪئي آھي ان کي سھيڙي محترم رکيل مورائيءَ سھيڙي ڪتابي شڪل ڏني آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي ڀيٽائون آھن جيڪي دلين مان دانھن جي صورت ۾ نڪتيون ھيون ۽ جن جو عمل اڃان تائين جاري آھي. جيڪو ڪجھ ھن ڪتاب ۾ آھي اھو آھي پيار، ڏک، غصو ۽ ڪجھ ڳوڙھا جيڪي ھر تخليقڪار پنھنجي شھيد اڳواڻ کي ڀيٽا طور آڇيا آھن.
ھي ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي پيش ڪجي ٿي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ