رکيل مورائي
مشھور ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائيءَ جو پورو نالو الھرکيو ولد جاڙو خان سولنگي آھي. ھن 9 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني سولنگي، تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ھو نوجوان ٽہيءَ جو پختو شاعر آھي. خاص ڪري غزل جي صنف تي سٺي دسترس رکي ٿو. سندس وايون بہ پختيون آھن. ھن جي شاعريءَ ۾ ھٿرادو تجنيس حرفي نہ پر فطري رواني آھي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌ ۽ ھند جي معروف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. قومي تحريڪ سان بہ سندس وابستگي رهي آھي. ھن شاعريءَ بابت ڪافي تنقيدي مضمون لکيا آھن ۽ سٺو نقاد آھي. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ ’عوامي آواز ميگزن‘ ۾ ڪم ڪري رهيو آھي.
سندس ادبي ۽ صحافتي پسمنظر ھن ريت آھي:
گلزار پبليڪيشن موري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت موري جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو ٻہ ڀيرا جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ماھوار ساڃاھ جو جوائنٽ ايڊيٽر، ماھوار انٽرنيشنل لائنز جو ايڊيٽر، ماھوار سنڌ لائين ميگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماھوار لھرون جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماھوار ھمرچو جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماھوار سنڌ رويو استاد بخاري نمبر ۽ عبدالغفار تبسم نمبر جو ايڊيٽر، روزاني برسات جو سب ايڊيٽر، روزاني ڪاوش مئگزين جو سب ايڊيٽر، دانش اڪيڊميءَ جو چـيـئرمئـن رهيو آھي، جنھن پـاران ھن چار ڪتاب شايع ڪرايا آھن. نقاد جي حيثيت ۾ ڪيترن ڪتابن جا مھاڳ لکي چڪو آھي.
سندس مرتب ڪيل ڪتابن ۾ ھيٺيان شامل آھن:
(1) ڪوڙين ڪن سلام (ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا) ثقافت کاتو سنڌ 2008ع، (2) ’ٻولي ۽ لپيءَ جو اتھاس'>سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتھاس‘ (جيرام داس دولترام: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: 2009ع)، (3) سنڌ جو سرمست (سچل سرمست بابت مقالن جي ترتيب: ثقافت کاتو سنڌ: 2009ع)، (4) مان جي مُئس پنڌ ۾ (بينظير ڀٽو کي منطوم ڀيٽا: ثقافت کاتو سنڌ: 2010ع) (5) سنڌي شاعريءَ جو وھائو تارو شاھ ڪريم (ثقافت کاتو سنڌ: 2012ع). رکيل مورائيءَ کي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آھن، جن ۾: (1) رام پنجواڻي لٽرري اينڊ ڪلچرل سينٽر ممبئيءَ پاران سونو ٻلو/ اوارڊ، (2) ســنڌي ادبي سڀا پوني پاران ’نـوجــوان شـاعـر‘ اوارڊ، (3) سنڌي اڪيڊمي دھليءَ پاران ’سنڌ جو شاعر‘ اوارڊ، (4) سنڌ ڪلچرل ايسوسئيشن پاران ’بيسٽ پوئيٽ‘ اوارڊ، (5) سنڌ رويو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ’مڃتا اوارڊ‘، (6) مورو ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ’مڃتا اوارڊ‘ وغيره.
رکيل مورائي سنڌي اديبن جي وفد سان ۽ اڪيلي سر 2001ع ۾ ھندستان جي دھلي، آگري، ممبئي، پونا، لونا ولا، کنڊالا ۽ الهاس نگر ۽ 2007ع ۾ ممبئي، احمد آباد، اجمير، انڊور، اُجين ۽ دھليءَ جا سفر ڪيا ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي.
- جنم: 1965-04-09
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل