ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ گوبند خوشحالاڻي جو لکيل ناول ”پاڻ ھرتڙيون مايون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ناول منفرد موضوع تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي گهريلو۽ نجي زندگيءَ ۾ ٽوڻن، ڦيڻن، ٻاون ۽ ٻانڀڻن جو عڪس چِٽيو ويو آھي. ناول ۾ عورتن جي وهم پرستيءَ، سان جنم وٺندڙ سماجي مسئلن جي ڀرپور نموني سان عڪاسي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ لکيو آهي تہ ڪتاب جو موضوع (Theme) پھرينءَ پڙهڻيءَ ۾ ئي کيس نرالو لڳو. زالن جو جادو منتر ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ وشواس آهي ۽ ان جا اگرا نتيجا هن ناول جو موضوع آهن. سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار علي بابا پنهنجي مختصر راءِ ۾ ليکڪ کي فطري ناول نگار سڏيو آهي، جڏهن ته قاضي خادم لکيو آهي تہ خوشحالاڻيءَ جو هي ناول سنڌي سماج جي هڪ ڏکوئيندڙ نبض تي نشتر آهي..
ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2002ع ۾ ھند ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ