ناول
پاڻ ھرتڙيون مايون
ھي ناول منفرد موضوع تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي گهريلو۽ نجي زندگيءَ ۾ ٽوڻن، ڦيڻن، ٻاون ۽ ٻانڀڻن جو عڪس چِٽيو ويو آھي. ناول ۾ عورتن جي وهم پرستيءَ، سان جنم وٺندڙ سماجي مسئلن جي ڀرپور نموني سان عڪاسي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ لکيو آهي تہ ڪتاب جو موضوع (Theme) پھرينءَ پڙهڻيءَ ۾ ئي کيس نرالو لڳو. زالن جو جادو منتر ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ وشواس آهي ۽ ان جا اگرا نتيجا هن ناول جو موضوع آهن.
- 0/5.0
- 194
- 77
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ گوبند خوشحالاڻي جو لکيل ناول ”پاڻ ھرتڙيون مايون“ اوھان اڳيان پيش آھي.ھي ناول منفرد موضوع تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي گهريلو۽ نجي زندگيءَ ۾ ٽوڻن، ڦيڻن، ٻاون ۽ ٻانڀڻن جو عڪس چِٽيو ويو آھي. ناول ۾ عورتن جي وهم پرستيءَ، سان جنم وٺندڙ سماجي مسئلن جي ڀرپور نموني سان عڪاسي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ لکيو آهي تہ ڪتاب جو موضوع (Theme) پھرينءَ پڙهڻيءَ ۾ ئي کيس نرالو لڳو. زالن جو جادو منتر ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ وشواس آهي ۽ ان جا اگرا نتيجا هن ناول جو موضوع آهن. سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار علي بابا پنهنجي مختصر راءِ ۾ ليکڪ کي فطري ناول نگار سڏيو آهي، جڏهن ته قاضي خادم لکيو آهي تہ خوشحالاڻيءَ جو هي ناول سنڌي سماج جي هڪ ڏکوئيندڙ نبض تي نشتر آهي..
ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2002ع ۾ ھند ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ گوبند خوشحالاڻي
- ڇپيو ويو 2006
- ڇپائيندڙ ڪويتا پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 77 ڀيرا