ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ جو سھيڙيل ڪتاب ”موهن جو دڙو: پراچين سڀيتا، نئين تهذيب جي دائري ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جو مھاڳ شيام ڪمار لکيو آھي. ھو لکي ٿو تہ ”سنڌو ماٿر جي قديم تھذيب، پراچين مصري، يا سميرياڻي تھذيبن کان جاگرافيائي حدن، پکيڙ ۽ ايراضي ۾، گهڻي وسيع ۽ ڪشادي ھئي.“
ڪتاب ۾ ايڇ ٽي لئيمبرڪ، هوتچند روچيرام واڌواڻي، پروفيسر چيتن ايل، ماڙيوالا، جواهر لال نهرو، تاج صحرائي، ڊاڪٽر ايم. رفيق مغل، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، دوارڪا پرساد شرما، گنگارام سمراٽ، شيخ خورشيد حسن، محمد يوسف ابڙو شاڪر، حاڪم علي شاهه بخاري، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، نياز رسول، مسعود الحسن، نرنجن دوداڻي، ايس .آر. رائو ۽ تنوير عباسيءَ جا موھن جو دڙو بابت تحقيقي مقالا ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ