خليل مورياڻي

Author Name

نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن 18 جنوري 1949ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. 1965ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، 1969ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1972ع ۾ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. ادبي مطالعي جو ذوق کيس اسڪول واري زماني کان ئي رهيو، ڪيترائي مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين، سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آهي. 1973ع ڌاري هن سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتان جنوري 2009ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. 1984ع ڌاري قائم ڪيل شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي. 2 مئي 1985ع ۾ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا: (1) ’شڪارپور سونھن جو شھر‘ (1996ع)، (2) ’شڪارپور- تاريخ ۽ تحقيق‘ (2004ع)، (3) ’ڳالھيون نعمت ڀاءُ جون‘ (نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: 2010ع). (4) موهن جو دڙو (2011ع). خليل مورياڻيءَ 1984ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن نالي اشاعتي ادارو قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘شايع ڪيو هو. خليل مورياڻيءَ جا ھي ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن: (1) ’صدين جو سرجڻهار- شيخ اياز‘، (2) “Historical Romance of Shikarpur”. 
خليل مورياڻي 26 نومبر 2019ع تي وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي خليل مورياڻي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


خليل مورياڻي جا ڪتاب

موھن جو دڙو (پراچين سڀيتا، نئين تھذيب جي دائري ۾)، ليکڪ : خليل مورياڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
موھن جو دڙو (پراچين سڀيتا، نئين تھذيب جي دائري ۾)
ليکڪ : خليل مورياڻي
سنڌ جو ڪنول ڀڳت ڪنور رام، مُرتب : خليل مورياڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ جو ڪنول ڀڳت ڪنور رام
مُرتب : خليل مورياڻي
ڳالھيون نعمت ڀاءُ جون، مُرتب : خليل مورياڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڳالھيون نعمت ڀاءُ جون
مُرتب : خليل مورياڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ