ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مٽيءَ جا مور ماڻھو“  اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ خاص ڪري بدين ۽ لاڙ جي 125 شخصيتن تي لکيل ھي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق عثمان راھوڪڙي جو لکيل آھي.  
عثمان  راھوڪڙي جي ھن ذاتي لکيل انسائيڪلوپيڊيا جھڙي ڪم جون خوبيون آھن، ھڪ تہ ڪتاب سھڻي ٻوليءَ ۾ لکيل آھي. ھنن لکڻين ۾ ادبي چس بہ آھي تہ صحافتي رنگ جي مھڪ بہ ارپيل اٿس. ٻي اھم خوبي ھيءَ آھي تہ ھنن لکڻين ۾ شخصي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ کي سلھاڙي پوءِ لکيو ويو آھي. ھن انھن ڪردارن تي لکيو آھي جن ڌرتي، ٻولي، قوم، ادب ۽ تھذيب کي پنھنجو رَتُ سَت ڏنو آھي .
هي ڪتاب ڪنھن اداري نہ پر راھوڪڙي صاحب پاڻ 2015ع ۾ ڇپايو. سنڌ سلامت سٿ پاران سندس ٿورائتا آهيون جو ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني اٿن.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ