مٽيءَ جا مور ماڻھو
سنڌ خاص ڪري بدين ۽ لاڙ جي 125 شخصيتن تي لکيل ھي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق عثمان راھوڪڙي جو لکيل آھي. عثمان راھوڪڙي جي ھن ذاتي لکيل انسائيڪلوپيڊيا جھڙي ڪم جون خوبيون آھن، ھڪ تہ ڪتاب سھڻي ٻوليءَ ۾ لکيل آھي. ھنن لکڻين ۾ ادبي چس بہ آھي تہ صحافتي رنگ جي مھڪ بہ ارپيل اٿس. ٻي اھم خوبي ھيءَ آھي تہ ھنن لکڻين ۾ شخصي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ کي سلھاڙي پوءِ لکيو ويو آھي. ھن انھن ڪردارن تي لکيو آھي جن ڌرتي، ٻولي، قوم، ادب ۽ تھذيب کي پنھنجو رَتُ سَت ڏنو آھي .