ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران شاھہ لطيف جي فن ۽ فڪر جي تحقيقي اڀياس تي ٻڌل ڪتاب ”نوري، ناري ۽ عدم“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو محقق ڊاڪٽر ڦلو سندر ميگهواڙ آھي.
هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 
ھي ڪتاب سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ثقافت کاتي جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ