ڊاڪٽر ڦلو سندر ميگهواڙ
ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ جو جنم عمرڪوٽ شھر ۾، 3 نومبر 1982ع تي خاڪو ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ’ڍاٽڪي ٻولي، ڍاٽڪي لوڪ ادب، سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي اڀياس‘ جي عنوان تي پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ھن سنڌ اڀياس اڪيڊمي (زيبسٽ) ڪراچيءَ ۾ 2012ع کان 2015ع تائين ريسرچ ائسوسيئيٽ/ليڪچرر طور ڪم ڪيو. ان کان سواءِ شاھ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شاھ لطيف انسائيڪلوپيڊيا واري رٿا ۾ ريسرچ آفيسر طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو . سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’نوري، ناري ۽ عدم‘ (2017ع)، (2) ’سنڌي پھاڪا- لسانياتي ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس‘ (ترجمو: 2017ع) وغيرہ شامل آھن. ڊاڪٽر ڦلو مل ھن وقت شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظيرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آھي.
- جنم: 1982-11-03
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل