ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا  جو لکيل ڪتاب ”سگا شھدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 
هي ڪتاب 2020ع ۾ سِگا شھدادڪوٽ شاخ پاران مُرڪ پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون خالد حسين چنا جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾  پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ