خالد حسين چنا
سماج سڌارڪ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي جاکوڙي ڪردار خالد حسين چنا جو جنم 18 جنوري 1977ع تي شهدادڪوٽ جي هڪ غريب خاندان ۾ عبدالڪريم چنا جي گهر ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري تعليم مهراڻ پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان سٺن مارڪن سان ۽ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ مان پري انجنيئرنگ ۾ 1994ع ۾ پاس ڪيائون، جنهن بعد 1996ع ۾ شاهہ عبداللطيف يونيورسٽي مان پرائيوٽ BA جو امتحان پاس ڪيائين. 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ريگيولر انگلش سبجيڪٽ ۾ M.A پاس ڪيائون. 2004ع ۾ بي.ايڊ ۽ 2005ع ۾ ايم.ايڊ شاهہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. 2016ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو مان ايم فل جي ڊگري بہ حاصل ڪري چڪا آهن.
ھن 2002ع ۾ ليڪچرر جي ڪميشن پاس ڪئي. ليڪچرر شپ ملڻ کان پوءِ تعليم کاتي جي ڪاليجئيٽ ڪيڊر ۾ پنهنجن صلاحيتن آڌار سٺي عزت ۽ شهرت حاصل ڪندي 2002 کان 2013ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ شريف ۾ انگريزي ليڪچرار رهيو. 2011 کان 2014ع تائين اسٽيڊي سينٽر شهدادڪوٽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ استاد رهيو. 2014 کان 2017ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوهڻ شريف ۾ ليڪچرار رهيو. 2017 کان 2018ع گورنمينٽ سنڌ ڪاليج ۽ ڪامرس اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر حيدرآباد ۾ ليچڪرار ۽ پوءِ 2018 کان 2021ع تائين ساڳئي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي ترقي ماڻي. هن وقت گورنمينٽ ڪاليج آف انفارميشن ٽيڪنالوجي قاسم آباد حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ سندن خدمتون نمايان رهيون آهن. سگا برانچ شهدادڪوٽ جا بنيادي ميمبر ۽ ٻہ ڀيرا برانچ جا صدر ۽ هڪ دفعو سگا برانچ شهدادڪوٽ جا جنرل سيڪريٽري رهي چڪا آهن. پاڻ 2012-2015ع ۾ سگا مرڪزي اليڪشن ۾ سيڪريٽري تعليم چونڊيو ويو. ان بعد 2015-2018ع ۾ سي اي سي جا ميمبر چونڊيا ويا. هاڻي 2018-2021ع دوران سگا سي اي سي جو ميمبر چونڊجڻ کان پوءِ 30 ڊسمبر 2018ع کان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
ننڍپڻ کان وٺي کيس لکڻ پڙهڻ سان تمام گهڻو چاهه هيو. ننڍي هوندي ٻاراڻيون آکاڻيون، مختلف ٻارن جا رسالا پڙهندي هن کي تمام گهڻو لطف ايندو هو. ننڍپڻ ۾ پڙهيل ٻاراڻي آکاڻين پڙهڻ مهل انهن ڪردارن ۾ گم ٿي ويندو هو ۽ ان وقت پنهنجي ننڍڙي ذهن ۽ سوچ مان ڪهاڻيون لکڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو هئو. اهو ئي سبب آهي جو ننڍپڻ جي اتساهه ٻاراڻي ادب ڏانهن لاڙو پيدا ڪيو. تنهن کان پوءِ اهو سفر جاري رکندي اڄ وڏو ليکڪ بڻجي چڪو آهي.
هن مهل تائين ٻارن لاءِ ويهه کان مٿي آرٽيل، مضمون دلچسپ ڪهاڻيون لکي چڪو آھي. سال 2012-2015ع تائين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ جڏهن سيڪريٽري تعليم رهيو تہ ان عرصي دوران ٽه ماهي “روشن تارا ٻالڪ مئگزين” هر ٽين مهيني پابندي سان ڪڍيو جنهن ۾ ٻارڙن جا شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، انٽرويو، بايو گرافي مختلف موضوعن تي تعليمي، تفريحي رپورٽون، ٻارڙن جي هث سان ٺهيل ڊرائنگ، پروليون، ٻوليءَ متعلق اشتقاق، پهاڪا شامل هيون. “روشن تارا ٻالڪ مئگزين” جي Circulation سموري سنڌ ۾ ٽن هزارن تائين پهتي. خالد حسين سموري سنڌ جي روشن تارا اسڪول ۾ ڪلسٽر ليول تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي اوسر لاءِ “اسان جو شاهه” نالي پروگرام ڪرايائين جن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. پوري سنڌ ۾ انهيءَ پروگرام کي بيحد پسند ڪيو ويو. پاڻ ٻارڙن جي ذهانت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموري سنڌ جي روشن تارا اسڪول ۾ ڪلسٽر ليول تي Honey Bee Competitions ڪرايا ويا جنهن ۾ پڻ ٻارن جي ادب کي سامهون رکي لفظن جي چونڊ ڪئي وئي.
سندن سيڪريٽري جنرل جي دور ۾ سگا سماچار جا ڏهه پرچا پنهنجي پوري ٽائيم تي ڇپيا آهن ۽ برانچن توڙي مرڪز جون رڪارڊ سرگرميون سماچار جو حصو بنجي، سگا جي ساٿين جي محنتن جو هڪ اهم رڪارڊ بنجي چڪو آهي. پاڻ سگا سماچار جي هر ايڊيشن تي پنهنجي مڪمل نگراني رکندا آيا آهن. سگا جي 50 سالن جي تاريخ کي ترتيب ڏنو اٿائين. لائبريري ۾ سگا ڪارنر جو قيام ڪيائين جنهن ۾ سگا جي 50 سالن جي تاريخ کي سهڻي نموني سهيڙيو رکيو اٿائين. سگا ڪارنر ۾ مختلف پروگرام جا فوٽو ۽ سي.ڊيز ترتيب ڏئي سال وائيز رکرايا آهن. ان کان علاوه سگا ڪارنر ۾ آڊٽ رپورٽون، ميٽنگ منٽس، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جا لکيل خط، سگا پبليڪيشنس، سگا شاخن پاران لکيل ڪتاب رکيا آهن. پاڻ اڍائي سالن جي مختصر عرصي ۾ سگا جي تاريخ متعلق 5 ڪتاب لکي ڇپرائي چڪو آهي جن ۾: “سگا شهدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي” ڪتاب ۾ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ تي مشتمل آهي. “سگا اتهاس” ۾ سگا جي 50 سالن جي تاريخ کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. هن ڪتاب ۾ سگا جي 50 سالن ۾ رهندڙ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا تفصيل ۽ رضاڪارن کي مليل ايوارڊ ترتيب ڏنا اٿائين. “سگا الماس” هن ڪتاب ۾ سگا جي سڀني صدر ۽ جنرل سيڪريٽرين جا نالا لکيل آهن گڏوگڏ سگا جا منعقد ٿيل ڪنوينشن ۽ سالگرهه جي لسٽ ڏنل پڻ آهي. Volunteerism Above Self ۾ سگا جي بي لوث 50 رضاڪارن تي انگريزيءَ ۾ پروفائيل لکيا اٿائين. “سنڌ جن جي ساهه ۾” ڪتاب ۾ سگا جي 100 بي لوث ڪارڪنن جي زندگي ۽ جدوجهد جو احوال قلمبند ڪيو اٿائين، جن بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پير پٿون ڪندي، ڏکايل انسانيت جي واهر ڪرڻ لاءِ ڪنڊا لتاڙيا آھن ۽ دنيا جي طعنن ۽ مهڻن جي پرواھه نه ڪندي، پنهنجن مٺڙن ماروئڙن جي خدمت ڪئي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل