ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار  قمر شھباز جي طنزيہ ڪھاڻين ۽ مزاحيا ڪالمن تي مشتمل مجموعو ”ضمير جو موت“  اوھان اڳيان پيش آھي. 
ھي ڪتاب قمر شھباز جي نھايت ئي دلچسپ 50 ڪالم ڪھاڻين تي ٻڌل آھي. اڪثر ڪالم سنڌي ٻوليءَ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن.. قمر شھباز پنھنجي ڪالمن ۽ ڪھاڻين ذريعي سنڌ جي مسئلن ۽ پيڙهيل طبقي جي هيسيل ماڻھن جي نمائندگي ڪئي. هن جابر ڪردارن جي پت وائکي ڪري عام ماڻھن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بيباڪي سان مسلسل قلم ذريعي جنگ جوٽي. ھن ڪتاب ۾ مزاح جا رنگ بہ آھن تہ مسئلن کي پڻ نروار ڪيو ويو آھي. ساڳي وقت جابر ۽ ظالمن تي ٺٺول پڻ ھر ڪالم ڪھاڻيءَ ۾ ملندي.
ھي ڪتاب 1992ع  ۾ سنگم پبليڪيشن، سچل ڳوٺ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي  صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي ٿورن سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ