قمر شھباز

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ، دانشور، ڪالم نگار، ڊراما نگار، صداڪار، ڪمپيئر، هدايتڪار، سماج سڌارڪ ۽ شاعر قمر شهباز 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهيو جي گهر نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس مقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور ٿي، جنهن دوران ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون فن ادب ثقافت کي هٿي ڏيڻ هو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ئي اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيائين جنهن ۾ پاڻ ناٽڪ لکيا ۽ اداڪاري پڻ ڪيائين. هو ڪميشن جو امتحان پاس ڪري وفاقي سرڪار جو ملازم ٿيو ۽ نوڪرين جي حوالي سان مختلف ترقيون ڪندو ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن 1998 ۾ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ مڪمل وقت ڏيڻ لڳو. نوڪريءَ دوران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم، يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ، مصر، هالينڊ، چين، انڊيا ۽ هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن. قمر شهباز لکڻ جي شروعات 1954 ۾ ڪئي جنهن دوران اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما، فلمون، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم لکيا، سندس ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ناٽڪن کي تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ پاڻ ڪيترن ئي ريڊيو جي ناٽڪن ۾ صداڪاري پڻ ڪئي. قمر شهباز ٽيليويزن جي، مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور پاڻ مڃرايو. قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊ ڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جو سرپرست ۽ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌي اسپيڪنگ يونين جو صدر سميت ٻين سماجي ثقافتي ادارن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنائين. قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي مسلسل ڪالم پڻ لکيا.

سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
 قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون (1983ع). اٺون گهر (چونڊ ڪالم) ضمير جو موت (1992ع) ريڊيو، ٽي وي، ڊرامن جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (1987ع) ۽ رام بخشاڻي جي آتم ڪهاڻي Taking the high Roadجو ترجمو ”آکيرا آڪاس“ ۾ (2005ع) شامل آهن.

قمر شهباز 5 مئي 2009ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي قمر شھباز جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


قمر شھباز جا ڪتاب

چنڊ رهين ٿو دور، ليکڪ : قمر شھباز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چنڊ رهين ٿو دور
ليکڪ : قمر شھباز
آکيرا آڪاس ۾، سنڌيڪار : قمر شھباز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
آکيرا آڪاس ۾
سنڌيڪار : قمر شھباز
اٺون گهر، مصنف : قمر شھباز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اٺون گهر
مصنف : قمر شھباز
ضمير جو موت، مصنف : قمر شھباز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ضمير جو موت
مصنف : قمر شھباز
واچوڙن ۾ لاٽ، مصنف : قمر شھباز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
واچوڙن ۾ لاٽ
مصنف : قمر شھباز
ڄڃ پرائي، مصنف : قمر شھباز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڄڃ پرائي
مصنف : قمر شھباز
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ