اٺون گهر
ھي ڪتاب قمر شھباز جي نھايت ئي دلچسپ 75 ڪالم ڪھاڻين تي ٻڌل آھي. اڪثر ڪالم ڪھاڻيون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي مشھور پروگرام ”سورج شاخون ڪڍيون“ لاءِ لکيل آھن. قمر شھباز پنھنجي ڪالمن ۽ ڪھاڻين ذريعي سنڌ جي مسئلن ۽ پيڙهيل طبقي جي هيسيل ماڻھن جي نمائندگي ڪئي. هن جابر ڪردارن جي پت وائکي ڪري عام ماڻھن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بيباڪي سان مسلسل قلم ذريعي جنگ جوٽي. ھن ڪتاب ۾ مزاح جا رنگ بہ آھن تہ مسئلن کي پڻ نروار ڪيو ويو آھي. ساڳي وقت جابر ۽ ظالمن تي ٺٺول پڻ ھر ڪالم ڪھاڻيءَ ۾ ملندي.