بھارن کي چئجو
شاعري قمر شھباز جي فطرت ۾ شامل ھئي، ھن پھريون شعر 16 سالن جي عمر ۾ لکيو. قمر شھباز ڪھاڻي، ڊرامي ۽ شاعريءَ ۾ پاڻ مڃرايو آھي. سندس شاعريءَ ۾ سماج جا ڏک، رومانس، سنڌ سان حب جهلڪي ٿي. شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ نظم، غزل، دوھا، بيت، وايون ۽ گيت شامل آھن.