ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ساحر راھو جي غزلن جو  مجموعو ”سانوري شام“  اوھان اڳيان پيش آھي. 
نئين ٽھي جي غزل جي شاعرن ۾ ساحر راھو جو نالو نمايان آھي. ساحر راھو جي شاعري فطري حسناڪين ۽ چاھتن سان ڀرپور آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ چنڊ، ستارا، گُل، خوشبو، پوپٽ، انڊلٺ، آس، اميد، روشني، رنگ، اُلڪا ۽ اوسيئڙا سڀ  عڪس کڻي نروار ٿين ٿا. ساحر جي شاعريءَ ۾ سندس مطالعي ۽ مشاھدي جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آھي. ساحر راھو ڪنول، گُلن، نمن، ٻور ۽ اڪ جي ڦلڙين جھڙا خوبصورت غزل تخليق ڪندو آھي. سندس ھر تخليق جي پسمنظر ۾ درد ھوندو آھي. 
 ھي ڪتاب 2000ع  ۾ سونھن اشاعت گهر، قاضي احمد  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي گلبھار باغائي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ