ساحر راهو

ناليواري شاعر ساحر راھو جو پورو نالو عبدالرحمان ولد احمد خان راھو آھي. ساحر راھوءَ جو جنم، پھرين آڪٽوبر 1963ع تي اڳوڻي تعلقي ھالا ۽ ضلعي حيدرآباد (موجودہ تعلقي نيو سعيدآباد، ضلعي مٽياريءَ) جي ڳوٺ شھمير راھوءَ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شھمير راھوءَ ۾ حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاء اسڪول نيو سعيدآباد، انٽر سروري اسلاميه ڪاليج ھالا مان حاصل ڪيائين. ساحر راھو ھن وقت صحت کاتي ۾ ڳوٺ شھمير راھوءَ ۾ ملازم آھي. ساحر راھوءَ شاعري جي شروعات 1988ع ۾ ڪئي. سندس پھريون شعري مجموعو ’خواب کٿوري چنڊ‘ جي نالي سان 1996ع ۾ سچائي اشاعت گھر دڙو پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ھن وقت تائين ھن جي اردو شاعريءَ جي ھڪ ڪتاب سميت شاعريءَ جا پنج مجموعا ۽ اردو شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي، جن جو تفصيل ھن ريت آھي: (1) ’خواب کٿوري چنڊ‘ (1996ع)، (2) ’سانوري شام‘ (2000ع)، (2) ’نيڻ سجدي ۾‘ (2004ع)، (3) ’خوابن جي خودڪشين کان پوءِ‘ (2007ع)، (4) ’وهي پت جھڙ ھي آنکھون ۾‘ (اردو شاعري: 2011ع).۽ ’دل جي ڳلي‘ آھي. ساحر راھوءَ جا ڪيترائي غزل۽ نظم سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳاتا آھن. ماسٽر وليءَ پاران ڳايل ساحر راھوءَ جي ٻن نظمن جي وڊيو ڪئسيٽ پڻ ٺھي چڪي آھي، اُھي نظم سنڌي چئنل ’آواز‘ تان نشر پڻ ٿيندا رهيا آھن. ساحر راھوءَ کي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آھن، جن ۾ ’سوجهرو اوارڊ‘، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي شيلڊ‘، ’مرحوم حاجي غلام نبي رند اوارڊ‘، ’ڄام فقير جمالي اوارڊ‘ شامل آھن. ساحر راھوءَ سنڌي ادبي سنگت، شاخ صابو راھوءَ جو بنيادي ميمبر، ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري، سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي نوابشاھ جو رابطا سيڪريٽري رهي چڪو آھي.

  • جنم: 1963-10-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image