ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۽ مڪالمن جو مجموعو ”پاڻ ۾ ويٺا آھيون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ سچو ۽ حقيقت پسند ڪھاڻيڪار ۽ تنقيد نگار هيو. ھن زندگيءَ جي هر پاسي کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ جاءِ ڏني. طبقاتي نظام جي خلاف جدوجھد هن جو مک عنصر هيو. هن جي افسانن ۾ ڏکويل ۽ جيءَ جهريل ماڻھن جو درد ۽ سورن جو اظھار نمايان ملي ٿو. هن سماج جي نام نھاد ٺيڪيدارن، جاگيردارن، ڀوتارن، پيرن ۽ عام انسانن جي زندگيءَ کي زهر بڻائيندڙ منفي ڪردارن جي چھرن تان مصنوعي نقاب لاهي ڏيکاريو، جيئن سماج کي انھن جي اصليت جي خبر پئجي سگهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ 17 ڪھاڻيون ۽ ٻئي حصي ۾ 10 مڪالما شامل آھن. 
ھي ڪتاب 1992ع  ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ