نجم عباسي

Author Name

ڊاڪٽر نجم عباسي ولد الهندو خان عباسي سنڌ جي تاريخي شهر خان واهڻ ضلعي نوشهروفيروز ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۲۷ع تي جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي والد کان به حاصل ڪئي، جنهن بعد انگريزي تعليم خان واهڻ جي ڀرسان واري ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۽ پوءِ نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان ورتي. ۱۹۴۶ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪرڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ سن ۱۹۴۸ع ۾انٽر جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪري ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويو. ۱۹۵۳ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺڻ بعد ترت ئي کيس سرڪاري ملازمت ملي وئي. ع۱۹۵۸ تائين سنڌ جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪيائين، پر اها نوڪري سندس طبعيت ۽ مزاج کي گهڻو وقت نه آئڙي جو هن ان نوڪريءَ کي بارُ محسوس ڪندي آخرڪار ان کي خيرباد چيو ۽ گاڏي کاتي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ شروع ڪئي، جيڪا آخري وقت تائين خدمتِ خلق واري جذبي تحت هلائيندو رهيو.
نجم عباسي جي اندر ۾ ٻين لاءِ هڪ درد رکندڙ دل هئي جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه چڱو ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل رهي، جڏهن هو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته اهو دَور آزاديءَ واري تحريڪ جو اهم ترين دور هو جنهن ڪري ان وقت ڪيترين ئي تحريڪن به جنم ورتو. آل انڊيا مسلم ليگ جي هڪ ذيلي شاخ مسلم نيشنل گارڊ جنهن ان وقت آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ جي شاخ جو بنياد ڳوٺ خان واهڻ ۾ ۱۹۴۶ع ڌاران پهريون ڀيرو نجم عباسيءَ ئي وڌو، جڏهن آزاديءَ جا جشن ملهايا ويا ته ان وقت نجم عباسيءَ هڪ يادگار ترانو به لکيو هو.
نجم عباسي کي ادب دوست استادن جي صحبت اسڪول واري زماني کان ملي. سندس استاد مخدوم امير احمد پنهنجي دور جو عالم ۽ اديب هو، جنهن ”بزمِ ادب“ نالي تنظيم قائم ڪري علم ادب ۽ شاعري جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام منعقد ڪرايا، جن ۾ نجم عباسي ان وقت ڀرپور حصو ورتو. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات به انهن ادبي ميڙاڪن کان ئي ڪئي ۽ شروعات ۾ شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بڻائي لکندو رهيو. پهريون ڀيرو ان ئي ”بزمِ ادب“ ۾ ۱۹۴۱ع ڌاري پهريون شعر پڙهيائين. سندس شاعري شروعات کان ئي غير روايتي رهي. هن گل و بلبل جا قصا ڪُٽڻ بجاءِ قومي ۽ اصلاحي نوعيت واري شاعريءَ کي ترجيح ڏني. پاڻ ۱۹۴۴ع کان ۱۹۴۶ع تائين ”بزمِ ادب“ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
نجم عباسي کي گهر ۾ ئي علمي ادبي ماحول مليو. سندس والد جا گڏ ڪيل ڪتاب جڏهن هن پڙهڻ شروع ڪيا ته سڀ کان پهريون کيس مشهور عالم اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص طور تي انقلابي حوالي سان لکيل سندس مضمونن کيس نثر لکڻ ڏانهن اُتساهيو. هن زندگيءَ جي پهرئين ڪهاڻي ”همت ۽ ڪوشش“ ۱۹۴۴ع ۾ لکي جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي. ان وقت رسالي جو ايڊيٽر لالچند امر ڏنو مل هو جنهن سندس همت افزائي ڪندي سندس ٻي ڪهاڻي ”کنڊ جي چوري“ (آڪٽوبر ڊسمبر) ۱۹۴۷ع واري پرچي ۾ شايع ڪئي ۽ ائين سنڌي ساهت جي دنيا ۾ نجم عباسي پنهنجي خاص اسلوب سبب مشهور ٿيڻ لڳو.
نجم عباسيءَ پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌي سماج کان ٻاهر نه کنيا. هن اڪثر انهن حقيقتن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو جيڪي سندس ئي اوسي پاسي ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ٿيا هئا. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙا جو پڙلاءُ به آهي، لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا به آهن، جن کي پڙهندي روح تڙپي پوي ٿو، اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. حقيقت ۾ اهو ڪنهن به ليکڪ جي قلم جو وڏو ڪمال هجي ٿو ته سندس لکيل لفظ پڙهندڙ جي دل تي ان حد تائين اثر انداز ٿين جو نيڻ ڀِڄي پون! نجم عباسي ڪهاڻين، ناول ۽ آتم ڪٿائن جي حوالي سان ٽيهارو کن ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، جن مان هڪ به ڪتاب هن پاڻ ناهي ڇپرايو. سندس هڙئي ڪتاب پبلشرس کانئس وٺي ڇپرايا جن مان ڪجهه ڪتابن جا چئن کان پنج ڇاپا به آيا. ان مان نجم عباسي کي پڙهندڙن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو.
نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪهاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي لکيو. سندس هر لکڻي انياءَ، ظلم ۽ درد جو هڪ داستان آهي، ان حوالي سان نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي پڻ هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ ڪهاڻيون، ”پٿر تي ليڪو“ ڪهاڻيون، ”ڳاڙهو لالٽين“ ترجمو، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“ ڪهاڻيون، ” ناچڻي“ ڪهاڻيون، ايڏو سور سهي“ آتم ڪهاڻي،مضمون، ”رشتا ناتا“ ڪهاڻيون، ”اڪيلا نه آهيون“ ترجمو، ”سورج هوندي مرجهايل“ ڪهاڻيون، ”للڪار“ ڪهاڻيون، ”پهاڙن ۾پڪار“ ترجمو، ”پيار ڪهاڻي“ ناول، ”بلنديون“ ناول، ”پروفيسر“ ڪهاڻيون، ”دارون هن ديواني جو“ ڪهاڻيون، ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ڪهاڻيون ۽ تنقيد، ”گانڌي“ ترجمو، ”تصوف جي چير ڦاڙ“مضمون، ”تلاش“ ناول،”زلزلو“ ترجمو، ”ماسترياڻي“ ترجمو، ”دوکو“ ڪهاڻيون، ”مٿي سنڌ سڪار“ ڪهاڻيون، ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“ ترجمو، ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪهاڻيون، ”پاڻ ۾ويٺا آهيون“ ڪهاڻيون ۽ ڪالم، ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ ڪهاڻيون ۽ انٽرويو ۽”جبل مٿي باهڙي“ خط شامل آهن.
سن ۱۹۸۹ع ۾ مٿانئس فالج جو حملو ٿيو ته اسپتال بند ڪري گهرُ وسايائين. ڇهن سالن تائين مرض سان جنگ جوٽيائين ۽ آخرڪار ۶۸ سالن جي عمر ۾ ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي لاڏاڻو ڪيائين. 

رضوان گُل جي ٿورن سان

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نجم عباسي جا ڪُل 17 ڪِتاب موجود آھن


نجم عباسي جا ڪتاب

پٿر تي ليڪو، ليکڪ : نجم عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پٿر تي ليڪو
ليکڪ : نجم عباسي
تصوف جي چير ڦاڙ، ليکڪ : نجم عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تصوف جي چير ڦاڙ
ليکڪ : نجم عباسي
ڏٺم اڻ ڏٺل، ليکڪ : نجم عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏٺم اڻ ڏٺل
ليکڪ : نجم عباسي
اوچا ڳاٽ پھاڙن جا، ليکڪ : نجم عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اوچا ڳاٽ پھاڙن جا
ليکڪ : نجم عباسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ