”تصوف جي چير ڦاڙ“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڪتاب، تصوف جي باري ۾ موجود جاهلانه تصورن جي سائنسي ۽ عقلي دليلن وسيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک تي مشتمل مضمونن تي آڌاريل آهي.
نجم عباسي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ صوفين جو ديس آھي، پر تصوف ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. سياسي ۽ سماجي نظريا به اھي ترقيءَ جي واٽ وٺرائن ٿا، جن جو بنياد سائنس تي آھي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪ وٺن ٿا. مدي خارج واٽون اسانکي اوڙاھ ۾ وڃي ھڻنديون. مونکي نفرت آھي اسانجي ڌرتيءَ تي ڌارين کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌاري سڀيتا ۽ ڌاري ٻوليءَ کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌارين غير سائنسي نظرين ۽ ويچارن کان، ۽ مون ھنن صفحن اندر انھن نفرتن جي ڀرڀور نموني وائکائي ڪئي آھي؛ ۽ مان چاھيان ٿو ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ به انھن نفرتن سان ايترو ڀرجي وڃن جو جوالامکيءَ وانگر ڦاٽي پون.“
تصوف
تصوف جي چير ڦاڙ
- 0/5.0
- 5023
- 1850
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (310) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ”تصوف جي چير ڦاڙ“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڪتاب، تصوف جي باري ۾ موجود جاهلانه تصورن جي سائنسي ۽ عقلي دليلن وسيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک تي مشتمل مضمونن تي آڌاريل آهي. تصوف ۾ دلچسپي رکندڙ دوست مهرباني ڪري اهو ڪتاب به پڙهي ڏسن جنهن جي رد ۾ نجم عباسي صاحب اهو ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب جو نالو آهي ”تصوف ڪِي حقيقت“ (اردو) ليکڪ: غلام احمد پرويز ... اردو بازار ڪراچيءَ مان اهو ڪتاب بلال بڪ شاپ تان ملي سگهي ٿو.نجم عباسي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ صوفين جو ديس آھي، پر تصوف ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. سياسي ۽ سماجي نظريا به اھي ترقيءَ جي واٽ وٺرائن ٿا، جن جو بنياد سائنس تي آھي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪ وٺن ٿا. مدي خارج واٽون اسانکي اوڙاھ ۾ وڃي ھڻنديون. مونکي نفرت آھي اسانجي ڌرتيءَ تي ڌارين کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌاري سڀيتا ۽ ڌاري ٻوليءَ کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌارين غير سائنسي نظرين ۽ ويچارن کان، ۽ مون ھنن صفحن اندر انھن نفرتن جي ڀرڀور نموني وائکائي ڪئي آھي؛ ۽ مان چاھيان ٿو ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ به انھن نفرتن سان ايترو ڀرجي وڃن جو جوالامکيءَ وانگر ڦاٽي پون.“
هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدر آباد پاران 1987ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ نجم عباسي
- ڇپيو ويو 1987
- ڇپائيندڙ سنڌي ساهت گهر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1850 ڀيرا