ڪارخانا
ڪپڙي، کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ لوھ جا ۽ ٻيا ڪارخانا ڏاڍي تيزيءَ سان ھتي اڀرڻ لڳا. پر جيئن جيئن ڪارخانا جڙندا ۽ چالو ٿيندا ويا ته پڌرو ٿيندو ويو ته انھن ۾ ملازمتون ۽ روزگار ڏيڻ ۾ ھتي جي ماڻھن کي صفا نظرانداز ٿي ڪيو ويو. روزگار ته ٺھيو پر ڪٿي ڪٿي ته ھنن جي اجهن ۽ ڳوٺڙن تي بلڊوزر ٿي گھمايا ويا ۽ ٻنين کان وانجهو ٿي ڪيو ويو. ڪاغذ تي ڪھڙا به واعدا ۽ وچن ٿي ڪيا ويا، پر عملي طرح ذري گھٽ ھڙئي مزور ۽ ملازم ٻاھريان ٿي آندا ويا. اھو به ڏٺو ويو آھي ته اتفاق سان اسان جي ڪن ماڻھن کي ڪنھن ڪارخاني ۾ ملازمت ملي ٿي ته ٻاھريان ھنن کي پنھنجي بيجا روش سان تنگ ڪن ٿا، ۽ ھنن جي ترقي ۽ پروموشن کي ميٽيو وڃي ٿو. ان ڪري تَرَ جا ڳچ ماڻھو اھڙي نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا. اھي حالتون سرڪاري ڪارخانن ۾ به آھن ۽ خانگي ڪارخانن ۾ پڻ. خانگي ڪارخانن جا مالڪ گھڻو ڪري تَرَ جا نه ھوندا آھن. انھن ڏاڍاين خلاف دانھون به ٿينديون رھيون آھن، اھڙا احتجاج اڃا اثرائتا نه ٿيا آھن.
ان جو سياسي ۽ قومي سطح تي ڇيھو اسان کي اھو ڏسڻو پيو آھي جو اسان جي صنعتي مزور (Proletariat) طبقي جي وجود ۾ اچڻ، تيار ٿيڻ ۽ وڌڻ جي رفتار ڏاڍي ڍلي آھي. تنھن کان سواءِ انھن ڪارخانن ۾ جيڪي ٻاھريان مزور ۽ ملازم رکيا وڃن ٿا، سي ھتي دبئيءَ کان به وڌيڪ سڻايون حالتون ڏسي، دائمي طرح ھتي پير کوڙڻ لڳن ٿا. ھو پنھنجي مٽن مائٽن کي به اتي ئي نوڪريون وٺي ڏين ٿا ۽ پوءِ ھر ڪو پنھنجا ٻار ٻچا به ھتي آڻي گھر بنايو وھي. اھڙي ريت اھا ڪاروائي اسان کي ٿوڙائيءَ ۾ آڻڻ جو جزو بنجيو وڃي، ۽ اسان جي ذھنن ۾ فلسطينين جو حشر ڦرڻ لڳي.
ھن ڌرتيءَ مان تيل نڪتو. اسان کي خوشي ٿيڻ کپي ۽ خوشي ٿي به، پر اھا خوشي قائم ڪيئن رھي؟ اھو سمجھي آيو ته اتي ٻاھرين کي آڻي نوڪريون ۽ ملازمتون ڏنيون وينديون ۽ ھو ان بھاني سان ھتي کپ کوڙي رھي پوندا ۽ تَرَ جي ڏتڙيل ماڻھن واسطي پاڻ نوان مسئلا ڪَرَ کڻندا.
ھتي ڪارخاني جي کلڻ جي خوشيءَ جو ٻيو ڪارڻ اھو ھوندو ھو جو آسرو ٿيندو ھو ته انھن شين جي قيمت گھٽبي. پر اھي شيون تيار ٿي، جڏھن بازار ۾ ٿي آيون ته پتو ٿي پيو ته انھن جي قيمت ذري گھٽ ساڳي ولايتي شين جيتري آھي. البت اھو فرق ٿيو جو ولايتي شيون وڌيڪ مھانگيون ٿي ويون. معيار کي پيو ڏسجي ته ملڪي شيءِ نه ڏسڻ ۾ اھڙي وڻندڙ، نه چوڙڻ ۾ جٽادار ۽ نه استعمال ۾ تسلي بخش.
”ملڪي شيون واپرايو“ جو نعرو تمام پراڻو آھي، پر ملڪي شيون اھي واپرائيندا آھن جن کي ولايتي شيون خريد ڪرڻ جي بچت ڪانه ھوندي آھي.
سرمائيداري سرشتي ۾ ملڪي شيون خريد ڪجن يا ولايتي، فائدو سرمائيدار يا سامراج کي ٿيندو آھي ۽ نه پورھتين ۽ عوام کي. سرمائيدار ديسي ھجن يا ولايتي، دولت ڪنھن نه ڪنھن نموني ٻاھرين ملڪن ڏي کنيو وڃن.
جي کيسو اجازت ڏيندو آھي ته مان پنھنجي لاءِ ھر گھربل شيءَ ولايتي وٺندو آھيان. پر جيڪڏھن مونکي ڪا ملڪي چيز ڳنھڻي پوندي آھي ته پوءِ مان ”ملڪي“ کان به اڳڀرو ”صفا ملڪي“ بنجي ويندو آھيان. ھن مان منھنجو مطلب آڳي ته جيڪڏھن ساڳي چيز پنھنجي پرڳڻي واري ڪارخاني جي موجود ھوندي ۽ پرڳڻي کان ٻاھر واري ڪارخاني جي به، ته مان پنھنجي پرڳڻي واري ڪارخاني جي ٺھيل شيءِ ئي خريد ڪندس، نه رڳو ايترو پر جي پنھنجي پرڳڻي ۾ پنھنجي تَرَ ۾ ڪو ڪارخانو ھوندو ته انجو مال پسند ڪندس. مطلب آھي ته مان ھينئر حيدرآباد ۾ آھيان، انڪري جي مونکي گھربل شيءِ حيدرآباد يا انجي آسپاس جي فئڪٽريءَ جي ملي ويندي ته ڪراچي يا سکر جي فئڪٽرين ۾ ٺھيل ساڳي شيءِ نه وٺندس. مثالطور اسپتال واسطي دوائون، جي حيدرآباد جي ڪارخانن جون ٺھيل ملنديون آھن ته اھي ئي خريد ڪندو آھيان. ان وقت ويچار اھو ئي ھوندو آھي ته من ڪنھن نه ڪنھن نموني، ڪجھه نه ڪجھه فائدو پنھنجن پورھتين کي پوي.
مونکي اھو ٻڌائڻ وسري ويو ته جي مونکي ملڪي شيءِ وٺڻي پوندي آھي ته ترجيح انھن شين کي ڏيندو آھيان، جن جا اشتھار سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ ايندا آھن يا ريڊئي ۽ ٽي وي تي سنڌي ۾ اشتھار ڏنا ويندا آھن.
دوائن سان منھنجي جيون جي وڏي حصي جو سائنسي، سماجي ۽ اقتصادي واسطو رھيو آھي. ولايتي دوائن ۽ ديس جي ڪارخانن ۾ ديسي ڪمپنين جي ٺھيل دوائن جي اثر ۾ فرق جي تجرباتي ڄاڻ پلئه پئي اٿم. پاڻ لاءِ ۽ پنھنجي گھر جي بيمارن لاءِ، يا اھڙن بيمارن لاءِ جن جي باري ۾ خبر ھوندي اٿم ته مالي حالت مناسب اٿن، تن لاءِ دوا تجويز ڪرڻ وقت ھي طريقو اختيار ڪندو آھيان: ان بيماريءِ واري دوا، جي ولايت مان ٺھيل ھتي ملندي آھي ته اھا لکندو آھيان. ٻي حالت ۾ ان ولايتي ڪمپنيءَ جي دوا لکندو آھيان، جنهن جو دوائن ٺاھڻ جو ڪارخانو ھن ملڪ ۾ ھوندو آھي. ديسي ڪمپنين جي دوا اھڙن مسڪين مريضن لاءِ لکندو آھيان، جن کي مھانگيون دوائون وٺڻ جي بچت ڪانه ھوندي آھي جيئن ڪجھه نه ڪجھه ڀرجھلو ٿئين.
ڊاڪٽرن وٽ دوائن جي ڪمپنين جا عيوضي ايندا رھندا آھن. ھو پنھنجي ڪمپنيءَ جي اشتھاربازي ڪندا آھن. ھڪڙي ديسي دوائن جي ڪمپنيءَ جو عيوضي جڏھن به مون وٽ ايندو ھو ته پنھنجي دوائن جي اجائي واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ ان ڳالھه تي زور ڏيندو ھو ته اسان جي ڪمپني پنھنجي ملڪ جي ڪمپني آھي ۽ اسان جو قومي فرض آھي ته ملڪي صنعت کي ھٿي ڏيون. ھو منھنجي اسپتال جي ويجھو واري دوائن جي دڪان تان به پڇندو ھو ۽ اھو دڪاندار ٻڌائيندو ھوس ته ھي ڊاڪٽر تنھنجي ڪمپنيءَ جي دوائن جا نسخا ڪونه ٿو لکي، جڏھن ٻه ٽي ڀيرا مونکي ھن اھا ميار ڏني ته ھڪ ڏينھن پڇيومانس:
” مان توکان ھڪ سوال پڇان ٿو، جواب ايمانداريءَ سان ڏجانءِ. تو واري ڪمپني به مدي جي تپ جي دوا ٺاھي ٿي، جنھن جي قيمت چار رپيا آھي۽ فلاڻي ولايتي ڪمپني به ساڳي دوا ٺاھي ٿي، جنھن جي قيمت ڏھ رپيا آھي. ھاڻي سچي ٻڌاءِ ته جي تنھنجي پنھنجي ٻار کي مدي جو تپ ٿي پوي ته تون ھن کي پنھنجي ڪمپنيءَ واري دوا پياريندين يا ان ولايتي ڪمپني واري؟“
ڏٺم ته ھو ککو وکو ٿي ويو ۽ ڦڪي مرڪ مرڪي چيائين:
” سائين، انجو ڪھڙو جواب ڏيان، پنھنجي ٻار جو ته وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو.“
مونکي ھن سان بحث ڪرڻو ڪونه ھو.
ياد ٿو اچيم ته ڳچ سال اڳ وھنجڻ جاءِ لاءِ سامان خريد ڪرڻ لاءِ ھڪ دڪان تي چڙھيو ھوس. ولايتي سامان به ھو ۽ ملڪي سامان به. دڪاندار چيو ھو: ” اگھه وڌيڪ آھي پر ولايتي سامان ڳنھي وڃو، جو سٺو به آھي سستو به. ملڪي سامان وٺندا ته ڏاڍو تنگ ٿيندا. اھو سامان ته سرڪاري ٺيڪيدار، سرڪاري جڳھين ۾ فٽ ڪرڻ لاءِ وٺندا آھن، پر سرڪار کان ولايتي سامان جي مُلھه وارو بل اڳاڙيندا آھن.“
اھڙي ريت ملڪي ڪمپنين جون دوائون به گھڻو تڻو سرڪاري ۽ خيراتي اسپتالن ۾ ھلنديون ھونديون ۽ بل ولايتي دوائن جي قيمت وارا وصول ڪيا ويندا ھوندا.
ڪي عيوضي بيمارن جي ڄاڻ ۽ رھنمائيءَ لاءِ ڪمپنيءَ جا اڙدو ۾ ڇپايل چارٽ يا پوسٽر کڻي ايندا آھن. مان اھي نه وٺندو آھيان يا جي وٺندو آھيان ته اھي ٽنگيندو نه آھيان ۽ ھنن کي چوندو آھيان ته منھنجا گھڻا مريض سنڌي آھن، انڪري پنھنجي ڪمپنيءَ وارن کي چئو ته اھي سنڌي ۾ ڇپرائن. ھو قومي ٻوليءَ جي حوالي سان دليل بازي ڪرڻ چاھيندا آھن. مان ھنن کي چوندو آھيان ته ھتي بيمارن جي ٻولي جو سوال آھي.
ٿوڙي وقت کان ڪن ڪمپنين دوائن جي دٻين ۽ بوتلن تي دوا ۽ ڪمپني جو نالو ۽ بيمار لاءِ ھدايتون اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيون آھن. اھڙي ڪمپنيءَ جي عيوضيءَ کي چيم: ” انگريزي دوا جي دٻي يا شيشيءَ تي اڙدو لکت ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته اھا دوا ڪنھن اشتھاري نيم حڪيم جي آھي. مريضن تي به پڪ اھڙو نفسياتي اثر پوندو ھوندو، انڪري مان مريضن لاءِ اھڙي دوا تجويز نه ڪندو آھيان.“
سوچيان ٿو ته جي اھڙي لکت سنڌي ۾ ھجي ته منھنجا احساس ڪھڙا ٿيندا؟“
(16 آگسٽ 1982)