تصوف جي چير ڦاڙ
تصوف اسلام جو حصو نه آھي جو مطلب ٿيو ته تصوف، مذھب اندر بغاوت ھو. ڪن سوچيندڙن کي، جڏھن خدا جو تصور سمجھه ۾ نه آيو، ۽ غير عقلي ۽ غير سائنسي لڳو ۽ سوچي سوچي ٿڪجي پيا، تڏھن بيزار ٿي چوڻ لڳا ۽ ان چوڻ ۾ طنز جو جزو به شامل ٿي سگھي ٿو، ته مان ئي خدا آھيان، يا خدا مون ۾ جذب ٿي ويو آھي، يا مان خدا ٿي ويو آھيان، يا ھر چيز خدا آھي، يا ھر چيز خدا جو پاڇو آھي. جنسيات (Sex) تي مذھب جون سخت پاپنديون ھيون. سوچيندڙن ان کي غير سڀاويڪ ڏسي چوڻ شروع ڪيو ته مجازي عشق، حقيقي عشق تائين پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ آھي. مجازي عشق جو مطلب آھي: سھڻين ڇوڪرين سان ميلاپ جنھن لاءِ نڪاح جو شرط ضروري نه آھي، يا ڇوڪرن سان ھم جنس پيار. انڪري گھڻن صوفين جا ھم جنس پيار جا قصا مشھور آھن. پرويز جي لکڻ موجب: سڄي دنيا جي صوفي شاعرن جي لٺ سردار مولانا جلال الدين روميءَ جي معشوق ڇوڪرن جي ته پوري لانڍ ھئي. ”ظاھر ۾ زاني، فنا منجھه فڪر ٿيا“ جھڙيون صوفين جون چوڻيون به طنز آھن ته پنھنجو بچاءُ پڻ.
جيڪي صوفي شاعر آھن، تن جو شعر شراب ۽ جنسيات سان ٽٻٽار آھي، جام ۽ ساقي ھر سٽ ۾ موجود آھن. ھنن جو جنسيات کي ته مجازي عشق جو مراقبو پھرايو پيو وڃي ۽ شراب کي شايد ”روحاني شراب“ جو. صوفين جي ڪردارن ۽ قولن جو فرائيڊ جي نفسياتي ۽ جنسياتي نظرين جي روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندي – ويچاري پرويز ھن ڪتاب ۾ صوفين، ولين ۽ مجددن جون جنسياتي ڳالھيون لکي بار بار توبھه توبھه، معاذالله، ۽ استغفرالله پڙھيو آھي.
ناچ ۽ راڳ کي مذھب، زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو. صوفين انھن کي مستي، وجد، جذبي ۽ جنون جو نالو ڏيئي ايترو ڳايو ۽ نچيو ۽ اڪثر مڌ ۾ مست ٿي ڳايو، جو راڳ ۽ ناچ عبادت جو روپ وٺي ويا. اھڙي طرح سوچيندڙن رسمي عبادتن کي نظر انداز ڪري، پرينءَ کي پسڻ جا پھه پچايا آھن. پڌرو آھي ته ھي پرين ڪو انسان آھي. جي خدا کي پسڻ جي نيت ھجين ھا ته عبادت کي اھميت ڏين ھا. اھڙي طرح طريقيت ۽ باطنيت جو ڍڪ وٺي، اسلامي عبادتن جھڙوڪ نماز، روزو، حج وغيره کان لنوائي ويا. مثال طور ھنن چيو؛ ” نمازون ۽ روزا اي پڻ چڱو ڪم، پر اھو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.“ ظاھر آھي ته ھي پرين مجازي آھي، جي ھي پرين خدا ھجي ھا ته نماز روزي کي اھميت ڏني وڃي ھا.
اھڙي ريت ھنن حج لاءِ پڌرو ڪيو ته: ” قلب اندر جو ڪعبو ڏٺوسين، مڪي وڃڻ جو ڪھڙو ضرور!“
ھن مامري ۾ پنجابي صوفي شاعر به پوئتي نه آھن. نموني طور پنجابي صوفي شاعر سلطان باھوءَ جو ھڪ شعر؛
نفل نمازون ڪم زنَانو،
روزا رکن سي جن کي ناھي روٽي،
مڪي مديني اھي ٿا وڃن،
جي آھن سست ۽ ٽوٽي.
بلند ٻانگون اھي ٿا ڏين،
جن جي نيٽ آھي کوٽي.
اھڙي طرح ڏسجي ٿو ته تصوف، سوچيندڙ ڏاھن جو مذھب خلاف موٽ عمل آھي، رد عمل آھي، احتجاج آھي، بغاوت آھي. ھنن مذھب جي اوٽ ۾ مذھب جي مخالفت ڪئي. مذھب جي نالي ۾ مذھب کي رد ڪيو ۽ مذھب جي طريقي مذھب جي مذاق اڏائي. ائين به ٿي سگھي ٿو ته انقلابي ڏاھن، حالتن ۽ ماحول جو ڪاٿو ڪري، مذھب جي آڙ ۾ پنھنجا ترقي پسند، بغاوتي ۽ انقلابي ويچار پيش ڪيا ۽ ان طريقي کي تصوف جو نالو ڏنو. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ھنن ڏاھن، انسان ذات جي ڀلي خاطر مذھب جي ڪٽرپڻي ۽ اھميت کي گھٽايو ۽ چيو ته سڀني مذھبن ۾ خاص خاص ڳالھيون ۽ عقيدا ساڳيا آھن، انڪري مذھب جي بنياد تي پاڻ ۾ نه وڙھو ۽ نه ويڇا رکو. اھڙي طرح صوفين مذھب جي نالي ۾ مذھبي ڪٽراپڻي کان ڇوٽڪارو پائڻ ۽ انسان کي فقط انسانيت جي نقطي نگاھ کان سوچڻ سيکارڻ جو جتن ڪيو.
ھنن ڏٺو ته مذھب ئي انسان کي انسان جو دشمن بنائي ٿو. جيتوڻيڪ ھنن جي اھا سوچ پوري طرح صحيح نه ھئي. طبقاتي سماج ۽ سامراجيت ئي انسان کي انسان جو دشمن بڻائن ٿا، ۽ مذھب اھڙي پرمار نظام جو ھڪ ھٿيار بنجي وڃي ٿو. ھنن اھو به محسوس ڪيو ته مذھب انسان جي اوسر ۽ واڌاري ۾ وڏي رڪاوٽ بنجي رھيو آھي. ھتي به ھو پوري طرح صحيح نه ھئا. انسان جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ ھو جاگيرداري نظام. بھرحال صوفين مذھب جي باري ۾ جيڪي محسوس ڪيو، ان احساس کان ھنن مذھب جو زور گھٽائڻ چاھيو ۽ چوڻ شروع ڪيو ته ھڙئي مذھب ھڪ آھن. جيتوڻيڪ ائين ھرگز ناھي. مذھبن جا باھمي بنيادي توڙي مٿاڇڙا وڏا وڏا اختلاف آھن. خود خدا جي باري ۾ ھر مذھب جو تصور الڳ ۽ ٻين کان ابتڙ ھوندو آھي. ھنن جو کوڙ رسمون ھڪ ٻئي کان صفا جدا ۽ ابتڙ آھن، انڪري ھنن جي پاڻ ۾ خونزيزي پئي ٿيندي آھي. اھا به حقيقت آھي ته ملا، مولوي ۽ مفتي سدائين وقت جي حاڪمن، بادشاھن، وزيرن، لشڪري مھندران، ظالمن، جاگيردارن، پرمارن، سرمائيدارن ۽ سامراجين جي سرپرستيءَ ۾ پئي پليا آھن ۽ انھن جا دادلا ۽ دلال ٿي پئي رھيا آھن ۽ موجون ڪيون آھن. ان جي ابتڙ صوفين جو ساٿ عوام سان رھيو آھي ۽ ھو سدائين مٿين طبقن جي عتاب جو شڪار رھيا آھن ۽ سور سختيون ۽ ڦاسيون کاڌيون آھن.
ائين به ٿي سگھي ٿو ته ڪن ملڪن ذھني ۽ تھذيبي طرح اسلام کي قبول نه ڪيو ھجي. جنگ جي ميدان تي اسلام کان ھارائڻ ڪري ھنن کي حاڪمن جو مذھب اختيار ڪرڻو پيو. اسلام اچڻ وقت عربستان جا ماڻھو بيحد جھنگلي ۽ جاھل ھئا، ۽ ذھني ۽ تھذيبي طرح ايران، سنڌ يا ھندستان کا گھڻو پوئتي ھئا. شڪست کائڻ ڪري ھنن ملڪن جي ماڻھن کي مسلمان ٿيڻو پيو، پر ذھني ۽ تھذيبي طرح پنھنجي ملڪ جا رھيا. انڪري ھنن جو اسلام، ديسي اسلام بنجي پيو. يعني ايران جو اسلام ايراني اسلام بنجي ويو، سنڌ جو اسلام سنڌي اسلام بنجي ويو ۽ ھندستان جو اسلام ھندي اسلام بنجي ويو. اھڙي اسلام جو ئي تصوف حصو بنجي ويو ھجي.
صوفي چون ٿا ته ٻين ماڻھن کي علم يا ڄاڻ حواسن ذريعي حاصل ٿئي ٿي، پر کين خدا وٽان سنئين سڌي ڄاڻ ملي ٿي. جنھن طريقي ھنن کي خدا وٽان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، ان طريقي کي ھو آسماني ساڃھه (Religious Experience) چون ٿا. ساڳيءَ شيءِ کي ڪشف يا الھام به چيو وڃي ٿو. نبيءَ جي حالت ۾ انھيءَ ئي شيءِ کي پرويز ” وحي“ ڪوٺي ٿو.
”وحي“ جي چٽائي پرويز ھن ريت ڪئي آھي رواجي ماڻھو حواسن وسيلي علم يا ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. اڳي ڪن خاص ماڻھن کي، جن کي نبي يا پيغمبر ٿو سڏيو وڃي، تن کي علم سڌي طرح خدا وٽان حاصل ٿيندو ھو. علم جي اھڙي نموني جي حاصلات کي ”وحي“ چئبو آھي. علم حاصل ٿيڻ جو اھو طريقو ھاڻي ختم ٿي ويو آھي، ڇو ته اسلام جو رسول آخري پيغمبر ھو ۽ ھاڻي ڪنھن به انسان کي خدا وٽان سڌي طرح علم حاصل نٿو ٿئي يا ھن تي وحي نه ٿو لھي. انڪري ئي، پرويز جو چوڻ آھي، ته صوفين جي اھا دعوى غلط آھي ته ھنن کي خدا وٽان سڌي طرح ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، پوءِ ھو ان جو نالو وحيءَ بدران ڪشف ۽ الھام ڇو نه کڻي رکن. پرويز جي چوڻ جو مطلب ھي وڃي ٿيو ته علم جو اھو ذريعو ڪيئي صديون اڳ ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي رڳو حواسن وسيلي علم حاصل ڪري سگھجي ٿو.
مان سوچيان ٿو ته ڊارون جو ارتقا جو نظريو (Theory of Evolution) ، مارڪس جو سائنسي سوشلزم (Scientific Socialism) ، جو نظريو ۽ سگمنڊ فرائيڊ جو نفسياتي ڇنڊڇاڻ (Psycho_Analysis) جو نظريو: انھن جي ڄاڻ مون حواسن وسيلي حاصل نه ڪئي، پر وڻ پڪل ميوي وانگر اھو علم حاصل ڪري ورتم. ھاڻي مان ھي پڪل ميوو حاصل ڪرڻ کي ڇا چوان ۽ انھن سائنسدانن ۽ دانشورن کي ڪھڙي حيثيث ڏيان؟... .ھتي خدا، صوفي ۽ سائنسدان جي ڀيٽ يا مشابھت ڪرڻ مقصد نه آھي، پر ڳالھه ڪرڻي آھي علم جي ذريعن جي. ھونءَ ته علم ۽ ڄاڻ جا ذريعا وڌڻ ۽ ويجھڻ، اڀرڻ ۽ اسرڻ کپن، بند ڇو ٿيڻ کپن!
پرويز جي لکڻ موجب: جبرئيل جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان گھر ويٺي ئي گھڙيءَ ۾ علم حاصل ٿي ويندو ھو.
علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر ماڻھن کي سالن جا سال ۽ ڪڏھن پوري حياتي ڏينھن رات ھڪ ڪري، ذھني ۽ جسماني تڪليفون سھي، دولت ۽ وقت جي قرباني ڏئي، جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. چارلس ڊارون کي ارتقا جي اصول جي ڄاڻ يا علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي سڄي حياتي وقف ڪرڻي پئي، ڏينھن جا ڏينھن، راتين جون راتيون سانده اوجاڳو ڪڍي لئبارٽرين ۾ تجربا ۽ ڪم ڪندو رھيو. سمنڊ جھاڳيائين، جهنگلن، جبلن ۽ ويرانين ۾ وڃي تحقيق ڪيائين. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سائنسدانن ۽ دانشورن سان وڃي خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين، ايتري قدر جو پنھنجي جان جي بازي لڳائي آفريڪا جي گھاٽن ٻيلن ۾ وڃي اتي جي خوفناڪ جانورن ۽ زھريلن جيوڙن جي چڪاس ڪيائين. اھڙي طرح اسان جي سائين حسام الدين راشديءَ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ واسطي پنھنجي پوري ڄمار جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي ان لاءِ ھو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ويو، عالمن ۽ تاريخدانن سان مليو، قديم آثار ۽ تاريخي اھڃاڻ چڪاسيائين، انھن جو تفصيل لکيائين ۽ تصويرون ورتائين، ڪتابن جا پراڻا نسخا ۽ مسودا ھٿ ڪيائين. ايران، انگلينڊ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏي ويو ۽ اتي لئبررين ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ ڪتابن جا اڀياس ڪيائين، ۽ اتي جي سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻن وٽان معلومات حاصل ڪيائين. ڪيتريون ٻوليون سکيائين ۽ انھن ٻولين ۾ سنڌ جي باري ۾ لکيل ڪتابن جو اڀياس ڪيائين. اھڙي طرح پنھنجي جيون جو وڏو حصو اھو علم حاصل ڪرڻ لاءِ پورھيو ڪيائين: ڏينھن رات، نور نچوڙي، ذھن ولوڙي.
ان مان پڌرو آھي ته علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر سالن جا سال، صدين جون صديون، حياتين جون حياتيون ڏونگر ڏورڻا ٿا پون، بحر ولوڙڻا ٿا پون. علم يا ڄاڻ سان جستجو ۽ جاکوڙ لازمي شيون آھن. انھن حالتن ۾ جي چيو وڃي ته علم گھر ويٺي گھڙيءَ ۾ ڪنھن جي ڦوڪ ڏيڻ سان حاصل ٿي ٿو وڃي ته ان چيز کي مڃڻ جھڙو بنائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ علم کانسواءِ ٻيو ڪو نالو ڏنو وڃي. خود حضرت صلعم جن جو چوڻ آھي ته علم حاصل ڪرڻ واسطي چين وڃڻو پوي ته اوڏانھن به وڃو ۽ ان زماني ۾ چين وڃڻ ڏکئي ۾ ڏکئي مھم ھئي.
ھتي ھڪڙي ڳالھه جو وزنن ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو: جڏھن مان ڪراچي ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھندو ھوس، تڏھن ھر ھفتي آچر ڏينھن، پرويز جو قرآن جو تفسير ٻڌڻ ويندو ھوس. سائنسي ذھن ھنجي ڳالھين کان ڏاڍو متاثر ٿيندو ھو. ھن جو ھڪڙو طريقو ھي ھوندو ھو جو ڪنھن جڳ مڃيل سائنسدان يا دانشور جي نظريي يا ويچار جو تفصيل سان وستار ڪري، ان جي سمجھاڻي ڏئي ۽ چٽائي ڪري، پڇاڙيءَ ۾ قرآن جي ڪا آيت ٻڌائي چوندو ھو: ” پر اھا ڳالھه قرآن ۾ اول ئي موجود آھي.“ ان تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي ۽ فخر کان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو ھو. مثال طور ڊارون جو ارتقا جو نظريو. عام طرح ملا ان کي قرآن جي خلاف چوندا ھئا ۽ ڊارون کي دھريو سڏيندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ مون اھو نظريو پنھنجي ڪورس جي ڪتابن ۾ پڙھيو ھو ۽ پاڻ ۾ وڏو ذھني ڦيرو محسوس ڪيو ھوم. ڪتابن ۾ نظريي جي ڳالھه علمي ھئي ۽ ثبوت پڻ ڏنل ھئا، پر ملن جون ان باري ۾ فتوائون ٻڌي، منھنجي ذھن ۾ ڇڪتاڻ ۽ تضاد اڀرندا رھندا ھئا. ھڪ ڀيري ليڪچر ۾ پرويز ڊارون جو نظريو کنيو ۽ ان جو پورو تفصيل ٻڌايائين جو مان اول ئي ڪتابن ۾ پڙھي چڪو ھوس. پڇاڙيءَ ۾ قرآن جون ٻه ٽي آيتون پڙھي ٻڌايائين، جي مونکي ھن وقت ياد نه آھن، ۽ چيائين ته اھو نظريو اول ئي قرآن اندر موجود آھي. اھو ٻڌي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ھئي ۽ ذھن تان وڏو بار لھي ويو ھو. اھڙي طرح ھو مارڪس، برٽرينڊ رسيل ۽ موجودھ دور جي ٻين مفڪرن جي ويچارن ۽ نظرين سان ڪندو ھو. ٻين واتان پڻ ڪڏھن ڪڏھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌبيون آھن. جيئن چوندا آھن ته سوشلزم اسلام ۾ اولي ئي آھي ۽ ” اسلامي سوشلزم “ جو اصطلاح به گھڙيو ويو. پوءِ مون سوچيو ھو ته جي ايئن آھي جيئن پرويز چوي ٿو ته پوءِ چوڏنھن سؤ سال اھي ويچار ۽ نظريا ڇو نه پڌرا ٿيا ۽ ڇو نه سامھون آيا. ٻين اھي نظريا ڳوليا ۽ پڌرا ڪيا ۽ انھن جي ڪري سوچ ويچار، سائنس، سياست ۽ اقتصاديات جي دنيا ۾ وڏا وڏا انقلاب آيا، ته انھن کي آفرين ۽ شاباس کان وانجھو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻيو اھو به سوچيم ته ھڪ ماڻھو منھنجي سڄي عمر صَرف ڪري، ذھني ۽ جسماني تڪليفون سھي، جستجو ۽ جاکوڙ ڪري، علم جا سڀ وسيلا ڪتب آڻي، ثبوت ۽ شاھديون ڪٺيون ڪري، ھڪڙو نظريو پيش ڪري ٿو، جنھن کي پوري دنيا عظيم نظريو مڃي ٿي، تنھن کي ھڪ سٽ چئي، ھن جي ساري محنت ۽ ڪاوش تي منڌيئڙو ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي!... ان کي ھلڪڙائپ ۽ ٽرڙائپ سان گڏ ٻچاپڙائيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگھجي؟
نبي بخش کوسي، پنھنجي ڪالم ”ڳالھه ٻولھه“ (ھلال پاڪستان) ۾ لکيو آھي: ”دنيا ۾ جيڪي قومون تاريخي سببن ڪري ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي وينديون آھن، تن ۾ وري ٻٽاڪ جي عادت ٿي پوندي آھي، ھو دنيا جي سمورن ترقي يافته نظرين کي ھروڀرو پنھنجي بزرگن جا نظريا ڪري پيش ڪنديون آھن ۽ اسين سنڌي پڻ ان سوچ کان آجا ڪو نه آھيون. ھر نظريو ھڪڙي مخصوص سماجي ۽ تاريخي حالتن جي پيداور ھوندو آھي، انڪري جاگيردانه دور جي سوچ ڪڏھن به ۽ ڪنھن به صورت ۾ صنعتي سماج جي سوچ کان بھتر ٿي نه ٿي سگھي ۽ جيسين اسين ان تاريخي فرق کي نه سمجھنداسون، تيسين پيا انڌيري ۾ ٿاڦوڙا ھڻنداسون.“
پرويز اھا تمام پراڻي ڳالھه چئي آھي ته علم يا ڄاڻ جو ذريعو حواس ئي آھن. نئون نظريو ان باري ۾ گھڻو ڪجھه وڌيڪ چوي ٿو: رڳو حواسن سان علم حاصل نه ٿو ٿئي يا اڻپورو علم حاصل ٿئي ٿو. علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ واسطي ذھن ۽ پوري جسم کي حصو وٺڻو پوي ٿو. حواسن وسيلي مليل معلومات کي ذھن ولوڙي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، ضرورت پوڻ تي حافظي کي ڪتب آڻي، ڪنھن فيصلي، ڪنھن فڪر، ڪنھن ويچار تي پھچي ٿو. اھو فيصلو، اھو تخيل، اھو ويچار به تيسين عام نه آھي، جيسين ان کي تجربي جي عملي ڪسوٽيءَ تي نه پرکيو وڃي. عملي تجربي جو مطلب آھي ته ماڻھو جسماني طرح اھو تجربو ڪري يا ان تجربي جو حصو بنجي يا ان تجربي جو مشاھدو ڪري. مطالعي سان به علم حاصل ٿئي ٿو. مطالعي ۾ حواس يعني اکيون ذريعو آھن، ۽ ذھن ان پڙھيل مواد کي جذب ڪري سمجھي ٿو، پر ان علم جي تڪميل ايستائين نه ٿيندي جيستائين انجو عملي تجربو نه ڪجي.... ڊاڪٽريءَ جو علم رڳو ڪتابن پڙھڻ سان پراپت نه ٿيندو، پر ڪتاب پڙھي، لئباريٽري ۽ اسپتال ۾ تجربا ڪرڻا پوندا. ننڍڙي ٻار کي ٻڌائبو ته باھ ساڙيندي آھي ته ھن کي ڄاڻ يا علم حاصل ٿيندو، پر جي باھ جي ويجھو ويندو يا ڪڏھن اتفاق سان باھ ۾ ھٿ پئجي ويس ته ھن کي باھ ساڙڻ واري ڄاڻ جو تجربو ٿي ويندو ۽ ائين ھنجي ڄاڻ تڪميل تي پھچندي. تجربي ۾ حواسن ۽ ذھن سان گڏ جسم ۽ انسان جي پوري شخصيت به علم جو ذريعو بنجن ٿا. ھي آھي علم حاصل ڪرڻ جو شخصي تجربو (Practice) دنيا جي ٻين انسانن جو تجربو يا سماج جو تجربو (Social Practice) . پڻ علم يا ڄاڻ جو وسيلو ٿيندو آھي.
يعني تجربو به اھڙو جنھن ۾ ساري دنيا کي شريڪ ڪري سگھجي، ۽ ھر شخص ان سچائيءَ کي پنھنجي ذاتي تجربي سان پرکي سگھي.
يعني علم جي ٽي ذريعا ٿيا: (1) حواس (2) تخيل (3) تجربو. انھن ٽنھي جو ھڪ ٻئي تي مدار آھي، ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر ٽنھي جو پاڻ ۾ ڳنڍيل ھجڻ ضروري آھي. علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ واسطي ماڻھوءَ کي خواھش ھجي يا اڃابه ائين چئجي ته جنون ھجي ۽ پوءِ ھو مٿين ٽنھي ذريعن ذريعي جستجو ۽ جاکوڙ ڪري.
علم جي گھٽتائي ڪرڻ ۽ مذاق اڏائڻ جي ٻي ھيءَ ترڪيب اختيار ڪئي ويندي آھي: جاگيرداري سرشتي ۾ جاگيردار طبقي جي ڪوشش رھندي آھي ته عوام علم کان پالھو رھي، ڇو ته علم شعور ٿو پيدا ڪري ۽ اھو شعور طبقاتي سماج خلاف بغاوتي ۽ انقلابي آگ ٿو ڀڙڪائي. ان سازش ھيٺ ئي جاگيردار علم جي گھٽتائي ڪرڻ جو جتن ڪندا آھن ۽ سازش ھيٺ مشھور ڪيو ويندو آھي ته حضرت محمد صلعم جن اُمي يا اڻ پڙھيل ھئا ۽ ماڻھن جي ذھن ۾ اھا ڳالھه وڌي ويندي آھي ته ھو ان تي فخر ڪن ته رسول اڻ پڙھيل ھو، جيتوڻيڪ اھا ڳالھه ڪنھن به پھلوءَ کان فخر نه پر ڪنڌ جھڪائڻ جھڙي آھي. ساڳيءَ ريت لطيف سائينءَ کي پڻ اڻپڙھيل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. اصل ۾ نه حضرت محمد صلعم اڻپڙھيل ھو ۽ نه لطيف سائين.
” تصوف جي حقيقت“ جي ليکڪ غلام احمد پرويز کي اعتراض آھي ته حواسن کانسواءِ ۽ سڌو سنئون خدا وٽان ڄاڻ رڳو نبين کي ملندي ھئي، جنھن کي وحي چئبو آھي، ۽ صوفين تي وحي ڪو نه لھندي آھي. وحيءَ لاءِ پرويز اھو لکيو ته انساني عقل ان کي سمجھي نٿو سگھي ته اھو ڪيئن ٿو لھي؟
اھو ته ٿيو پرويز ۽ سندس مذھبي ڳالھيون. ان سلسلي ۾ مون پنھنجي ڇنڊڇاڻ ڪئي.... ڄاڻ سان لاڳاپيل چار سلسلا آھن: (1) حواسن ذريعي ڄاڻ (2) ڄاڻ جو نچوڙ (3) سوچ جي ولوڙ ۽ اٿل پٿل (4) تخليق.. اکين ذريعي ڏسڻ سان، ڪنن ذريعي ٻڌڻ سان، نڪ ذريعي سنگھڻ سان، ڄڀ ذريعي چکڻ سان، ۽ چمڙي ذريعي ڇھڻ سان دماغ ۾ ڄاڻ پھچي ٿي. اھي جدا جدا ڄاڻون دماغ ۾ گڏجن ٿيون ۽ انھن جو نچوڙ تيار ٿئي ٿو. دماغ جو پنھنجيون سوچڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جو قوتون آھن ۽ اھو ڄاڻ جي نچوڙ تي سوچي، سوچ جي ولوڙ ۽ اٿل پٿل ڪري، نوان ويچار ۽ نوان نظريا پيدا ڪري سگھي ٿو. سوچيندڙ دماغ کي ذھن چئجي ٿو. ذھن تخليق جو ڪم ڪري ٿو ۽ اھا تخليق حواسن رستي مليل ڄاڻ کان صفا نئين ۽ نرالي ٿي سگھي ٿي. اھڙي تخليق کي دماغ وٽان مليل ڄاڻ چئي سگھجي ٿو، جا سوچيندڙ انسان کي حاصل ٿئي ٿي. اھڙي تخليق تي تنقيد به ٿي سگھي ٿي، تنقيد سان انجي ڇنڊڇاڻ ڪري سگھجي ٿي. ان ۾ تبديلي آڻي بھتر بنائي سگھجي ٿو ۽ اھڙي طرح ان ۾ تخليق جي ارتقا جاري رھي ٿي.
مونکي ياد آھي ته جنھن ڏينھن منھنجو ايم بي بي ايس جي پڇاڙڪي سال جو نتيجو پڌرو ٿيو ھو ۽ ھڪڙي بزرگ کي پنھنجي پاس ٿيڻ جو ٻڌايو ھوم ته ھن ھڪدم چيو ھو : ” خدا جو شڪر آھي.“ مون فورن وراڻيو ھو: ” واھ چاچا واھ، محنت مون ڪئي ۽ شڪر خدا جو!“
فنڪارن ۽ دانشورن لاءِ چيو ويندو آھي ته ڏات خدا طرفان ڏنل اٿن. ڇا اھڙين روايتي چوڻين ڪري، انسان جي محنت ۽ عظمت جي گھٽتائي نه ٿي ٿئي؟
ڪجھه به ”آخري سچ“ نه ٿيندو آھي. ڪا به ” مطلق حقيقت“ نه ٿيندي آھي. ”سچ“ ۾ ڦيرو اچي سگھي ٿو ۽ ان ۾ ارتقا ٿئي ٿي. ”حقيقت“ ۾ تبديلي اچي سگھي ٿي ۽ ان انقلاب جو امڪان آھي. اسلام جي اولين ڪتاب جو فڪر يونان، مصر، يھوديت ۽ عيسائيت جي فڪر جي ارتقائي صورت آھي، ڇو ته ان زماني ۾ ان طرف انھن تھذيبن جو ئي اثر ھو، ھونءَ به ڪنھن به ڪتاب جي ھر ڪا ڳالھه اصلي ڪانه ٿيندي آھي.
صوفين پاڻ کي خدا جو جزو سڏايو. ھڪڙو صوفي، جو شاعر به ھو، تنھن شايد انھيءَ حساب سان شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جزو ڪوٺيو. پر پيغمبر نياپو پھچائيندڙ ٿيندو آھي. ھو ٻئي ڪنھن جي سوچ، تخليق يا حڪم پھچائيندو آھي. پر شاعر جي پنھنجي سوچ، پنھنجو رايو ۽ پنھنجي تخليق ٿيندي آھي. ھو پاڻ خالق ھوندو آھي.
جيڪڏھن اھو ڪاٿو درست آھي ته شروعاتي صوفي ترقي پسند، باغي ۽ انقلابي ھئا ته پوءِ ھو صحيح واٽ سوچي نه سگھيا. ھنن کي مذھبن جو فرق مٽائڻ بدران سماجي طبقن جو فرق مٽائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گھرجي ھا. ان طرف سوچين ھا ته ھو معاملي جي تھه تائين به پھچي سگھن ھا ۽ ھو پروڙي وڃن ھا ته مذھب پرمار طبقي جو ھٿيار آھي ۽ اھو طبقاتي سماج جي پيداور آھي. پر تصوف جي اصولن ۽ عملن مان ڏسجي ٿو ٿو ته انجي دائري ۾ اقتصاديات ۽ سماجيات جو دخل ڪونھي.
ھن وقت جيڪي ماڻھو آسماني ڳالھين مان کٽا ٿين ٿا ۽ بغاوت ڪن ٿا تن لاءِ قوميت، سوشلزم، جدلي ماديت ۽ تاريخي ماديت جا نظريا ٺھيا ٺڪيا رکيا آھن. پر شروعاتي صوفي، جيڪي مذھب کان باغي يا بيزار ٿي ٿيا تن واسطي ان وقت اھي نعمتون موجود ڪونه ھيون. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ھنن وٽ ڪا پنھنجي تخليقي سوچ به ڪانه ھئي، تنھنڪري ڪو ھاڪاري قدم کڻي ڪونه سگھيا.
اڄوڪا صوفي پنھنجي اصولن ۽ عملن جون ٽي خصوصيتون ڳڻائن ٿا: (1) خدا سان سڌي لھه وچڙ (2) روحانيت (3) باطنيت.
صوفين جي چوڻ موجب: خدا سان مليا ٻيا آھن يا خدا جو حصو آھن. ھن سان ڳالھائن ٿا ۽ ھن وٽ رسائي ۽ اثر رسوخ اٿن. ھنن جو چوڻ آھي ته عام انسان سڌي طرح خدا کان ڪجھه گھري يا پني نه ٿوسگھي. اھو گھرڻ يا پنڻ سندن ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو، جيئن اڄڪلھه ڪامورن وٽان ڪم ڪرائڻ لاءِ سفارش ۽ دلاليءَ جو تصور آھي.
صوفين جي روحانيت جو مطلب آھي اڳڪٿيون ڪرڻ ۽ ڪرامتون ڏيکارڻ: فلاڻي ھنڌ زلزلو ايندو، فلاڻي جاءِ طوفان لڳندو، پٽ وٺي ڏيڻ، ڪيس ۾ ڇٽائڻ، سڪل ۽ ناس ٿيل فصل مان ٻٽي پيداور ڪرائڻ، ھڪ ئي وقت ڏھن يا وڌيڪ ھنڌن تي موجود رھڻ، مصيبت وقت ھڪل سان اچي حاضر ٿيڻ.
پرويز جي چوڻ موجب: روحانيت اصل ۾ اھا آھي جنھن کي اڄوڪي دور ۾ نفسيات (Psychology) ۽ نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ (Psychoanalysis) چيو ٿو وڃي.
تصوف ۽ سائنس جي ناتي جي سلسلي ۾ پرويز ٻڌايو آھي ته صوفين جي ڪرامتن ۽ نفسيات جي ماھرن جي ھپناٽزم جو بنياد ساڳيو ئي آھي ۽ اھو آھي ارادي جي سگھه کي يڪجا ڪرڻ (Concentration of will-power) .. صوفي مراقبي، رياض ۽ چلي رستي؛ ويدائتي يوگ، تپسيا ۽ گيان ڌيان ذريعي ۽ نفسيات جو ماھر ڪاليج ۽ اسپتال ۾ سائنسي سکيا جي سھاري، ارادي جي سگھه يڪجا ڪرڻ جو فن سکي ٿو. ھو پنھنجي ارادي ۾ مضبوطي پيدا ڪرڻ سکي وڃن ٿا ته اڳلي تي حاوي پئجڻو آھي. ارادي جي يڪجھائيءَ ڪري مريد يا مريض کي ھن جي چھري تي جلال، اکين ۾ جوت ۽ روش اثر انگيز محسوس ٿئي ٿي ۽ نفسياتي طرح ھو ان ڊاڪٽر يا مرشد جي غلبي ھيٺ اچيو وڃي. غلبي ھيٺ اچڻ جو مطلب آھي ته ھنجو شعور ختم ٿيو وڃي. يعني ھو نه پنھنجي پوري ھوش ۾ ٿو رھي ۽ نه پنھنجي پوري وس ۾، پوءِ حاوي پوندڙ ھن کي جيڪي خيالي ڳالھيون ڏيکاري يا ٻڌائي، سي ھن کي سچ پچ سامھون ٿيندي نظر اينديون، حالانڪ حقيقت ۾ انھن جو وجود ڪو نه ھوندو آھي. شعور جو ڪنٽرول ختم ٿيڻ ڪري ھڪ ته اھو مريد يا مريض پڇڻ تي پنھنجي اندر جون ڳالھيون ۽ دل جا راز ٻڌائيندو ۽ ٻيو ته سندس ڊاڪٽر يا مرشد ھن کي جو حڪم ڏيندو سو مڃيندو، پوءِ چاھي اھو حڪم ڪنھن کي خون ڪرڻ جو ئي ڇونه ھجي. پر ھھڙي نفسياتي غلبي لاءِ ضروري آھي ته مريد يا مريض پنھنجي جھالت، وھم يا ذھني ڪمزرويءَ ڪري، پنھنجي حاوي ٿيندڙ ۾ مڪمل اعتماد ۽ عقيدتمندي رکندڙ ھجي ۽ ذھني طرح پاڻ کان گھڻو برتر سمجھندو ھجي،...... ڊاڪٽرن ته ھپناٽزم کي سائنسي سطح تي ترقي ڏئي، ان کي ذھني روڳن ۽ آپريشن لاءِ سُن ڪرڻ لاءِ پئي ڪتب آندو آھي، پر اڄڪلھه جي صوفين پنھنجي طريقي کي ڪاروباري ڪرامتن، بازيگري، مدارپڻي ۽ ذاتي مقصدن لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي.
صوفين جي ”باطنيت“ جو مطلب آھي ظاھر کان مختلف ھجڻ. مثال طور قرآن جي جيڪا لفظي معنى آھي اھا نه آھي پر باطني معنى ٻي آھي يا ھو ظاھري طرح جيڪي ڪم ڪندا نظر اچن ٿا، جھڙوڪ ڇوڪري بازي يا ڀنگ پيئڻ، اھي روحاني رمزون ۽ باطني طرح ڀلي مقصد ڪارڻ ھوندا آھن..... گھڻا ماڻھو لطيف سائينءَ جي شعر جو ظاھري مطلب ھڪڙو بيان ڪندا آھن ۽ باطني طرح ٻيو. باطنيت جي باري ۾ پرويز کي شڪايت آھي ته ھي ماڻھو پاڻ کي نه ٿا بدلائن پر قرآن کي بدلايو ڇڏين.
پرويز جو چوڻ آھي ته پيري فقيري ۽ مريدي مرشديءَ جي دڪانداري چمڪائڻ خاطر صوفين جي خدا سان لھه وچڙ، روحانيت ۽ باطنيت جو مانڊاڻ ٺاھيو ٿو وڃي؛ ولي، مرشد، مجدد، خيراتون ۽ ختما، ٽيجھا ۽ چاليھا، نذر ۽ نياز، خانقاھون ۽ درگاھون، قبر پرستي ۽ مردي پرستي، رياض ۽ چلو، مراقبو ۽ ڏھو، تعويذ ڦيڻو، باس باسڻ ۽ ڏن ڏيڻ، وھم ۽ وسوسا، معجزا ۽ ڪرامتون، عرس ۽ ڌمالون، ناچ ۽ قواليون، يارھيون ۽ ورسيون سڀ تصوف جو نتيجو آھن.
انھن ڳالھين ۽ رسمن ۾ ته نوانوي سيڪڙو ماڻھو ورتل آھن. پرويز جي چوڻ موجب، جي تصوف اسلام جو جزو نه آھي ته پوءِ سؤ مان فقط ھڪ ڄڻي کي مسلمان ڳڻي سگھبو.
مزي جي ڳالھه ھيءَ آھي ته سر ڊاڪٽر محمد اقبال جنھن کي انگريزن ”سر“ جي لقب سان نوازيو، جنھن پنھنجي اقتصادي بدحاليءَ جي دور ۾ روزگار ڏيڻ لاءِ انگريزن کي ٻاڏايو، جنھن پنھنجي مادي زبان کي نظرانداز ڪري ٻين ٻولين ۾ شاعري ڪئي، جنھن واسطي چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي تصور جو خالق آھي؛ تنھن لاءِ پرويز سندس شاعريءَ مان ئي ثابت ڪيو آھي ته ھو شروع ۾ تصوف جي خلاف ۽ ان کي غير اسلامي سمجھندو ھو، پر اڳتي ھلي تصوف جو مڃيندڙ بنجي ويو.
پرويز واسطي چيو ويندو آھي ته ھو حديثن جو منڪر آھي. ھن جو چوڻ آھي ته اسلام مڪمل طرح قرآن ۾ ڏنل آھي. حديثون گھڻيون ھٿ جو ٺھيل آھن، ھن جي چوڻ موجب حديث اھا صحيح آھي جا قرآن مطابق ھجي. ائين چوندي ھو وري به اھا سائنسي سوچ وساري ويھي ٿو ته غلط ۽ درست جي پرک علم ۽ عقل ھجن گھرجي. جيتوڻيڪ پاڻ ئي ھن ڪتاب ۾ پنھنجي باري ۾ پڌرائي ڪئي اٿائين ته؛ مونکي تنقيدي نگاھ عطا ڪئي ويئي آھي ۽ ان جو نتيجو اھو ٿيو آھي ته مان ڪنھن به ڳالھه کي ايستائين مڃڻ لاءِ تيار نه آھيان، جيستائين منھنجا قلب ۽ دماغ مطمئن نه ٿي وڃن.... اھڙيون ٻيون به ڪي ابتڙايون پڙھندڙ جو ڌيان ڇڪائن ٿيون. ھن صوفين کي چيو آھي ته ھو روحانيت جو مطلب ڪرامتون ڪرڻ ٻڌائن ٿا. ھن جي چوڻ موجب روحانيت، موجوده دور جي نفسيات (Psychology) ۽ نفسياتي ڇنڊڇاڻ (Psychoanalysis) جي سائنس آھي. پر وري ٻئي ھنڌ لکي ٿو ته موت وقت انسان جو جسم ختم ٿئي ٿو، پر ھن جو روح آخرت جي زندگي گذارڻ لاءِ موجود رھي ٿو. جيتوڻيڪ موجوده علمي ۽ عقلي تحقيق اھا آھي ته روح يا ذھن يا psyche جو مدار مادي تي آھي. روح يا ذھن يا psyche مغز مان ڦٽي ٿو يا انجي پيداور آھي. جڏھن انسان مري ٿو تڏھن ھن جو دماغ به ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ان انسان جو روح يا ذھن يا به ختم ٿي وڃي ٿي.... ھن ڪتاب ۾ اھا ڳالھه پڙھي ته روح، رياح ۽ ريح ساڳي جڙ ۽ معنى وارا لفظ آھن، مان بي اختيار مرڪي ويٺس. ريح يا رياح جا اکر ٻڌڻ سان اسان ڊاڪٽرن جو ڌيان ھروڀرو ٽٽ ڦوس ڏانھن ھليو وڃي.
جئن مون مٿي چيو آھي ته پرويز جو صوفين سان خدا ڪارڻ بغض آھي، انڪري تصوف جي وصف ۾ ھن کي ان ۾ خدا سان سڌي طرح لھه وچڙ ۾ اچڻ واري ڳالھه نظر آئي ۽ پنھنجي تنقيد جو سارو مانڊاڻ ان ھڪ ڳالھه تي ئي اڏيو. بغاوت وارو ڪردار، ھو شايد ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري ويو آھي.
تصوف جي حوالي سان سنڌ بابت ڪي ويچار ھي آھن؛ چوندا آھن سنڌ صوفين جي ديس آھي. ھتي ويدانيت ۽ تصوف جو گھڻو ۽ گھرو اثر رھيو آھي. انڪري ئي ھتي ايترو مذھبي ڪٽرپڻو ڪڏھن به نظر نه آيو آھي. ساڳئي سبب ڪري ورھاڱي وقت ھندستان جي ٻين پرڳڻن ۾ خونريز مذھبي فساد ٿيا، پر سنڌ ۾ ائين ڪو نه ٿيو. ھتي ان سلسلي ۾ جو ڪجھه ٿيو سو ٻاھرين اچي ڪيو ۽ نه سنڌين.
تصوف جي گھڻي ۽ گھاٽي اثر ڪري سنڌ ۾ پيري مريديءَ جو بيحد وڏو دخل رھيو آھي ۽ پيري مريديءَ سنڌين جي ترقي ۽ ارتقا ۾ رڪاوٽ ۽ پراڻ پسند جو مکيه ڪارڻ رھي آھي. پيري مريديءَ جو ڪامياب ۽ نفعي بخش ڌنڌو ڏسي، ڪيترا ڌاريا ھتي پيرن، ولين، ۽ قلندرن جي روپ ۾ پئي آيا آھن۽ ھتي جي عوام جي پرماريت پئي ڪئي اٿائون. انھيءَ تصوف ڪري ئي سنڌين پنھنجي سماجي ۽ معاشي مسئلن ۽ مشڪلن جي ڪارڻن جو بنياد ڳولڻ جي جاکوڙ نه ڪئي ۽ نه طبقاتي سماج کي ڊاھڻ جو اونو ڪيو، ڇو ته ھنن لاءِ سماجي شعور ۽ طبقاتي شعور جون راھون ٻين پرمارن سان گڏ پيرن ۽ مرشدن پڻ بند پئي رکيون آھن. جاگيرداري دور جا مکيه ڪردار؛ وڏيرو، پير ۽ مُلو، سنڌي قوم لاءِ ڪئنسر ثابت ٿيا آھن.
جيئن ته پرويز تصوف کي اسلام کان خارج ٿو سمجھي، ان ڪري ھن کي صوفين خلاف خدا ڪارڻ وير ٿو ڏسجي. ھن صوفين جي روش جي روح کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي آھي ۽ نه ان روش کي بغاوت ڳڻيو آھي ۽ ان بغاوت جي ڪارڻن کي به نظرانداز ڪري ويو آھي. ھن صوفين مان روڳو وڏون ۽ اوڻايون ڪڍيون آھن يا ھنن جي چڱين ڳالھين کي به وڏن ۽ اوڻاين جي روپ ۾ پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن ھو سائنسي سچائيءَ سان لکي ھا ته صوفين جي ڪردار جون ھن کي خوبيون پڻ نظر اچن ھا. مثال طور سنڌ جي شاه عنايت صوفيءَ جا ڪارناما. ڏسجي ٿو ته شاه عنايت ۾ سماجي ۽ قومي ٻئي شعور ھئا. ھن پنھنجن مريدن ۽ تر وارن ھارين کي جاگيردارن خلاف جاکوڙ ڪرڻ لاءِ ميدان تي آندو ۽ ڌرتيءَ تي ڌارين جي غلبي خلاف جنگ جوٽيائين.
پرويز جي ھن ڪتاب جي لکڻيءَ ۾ ھڪ خاص ابتڙائيءَ ھيءَ آھي: ھڪ طرف ھن جو چوڻ آھي ته قرآن ۾ شروع کان پڇاڙيءَ تائين بار بار اھو چيو ويو آھي ته عقل،فڪر ۽ سوچ کان ڪم وٺو،۽ ھن صوفين کي ٽوڪيو آھي ته وٽن سندن روش جي پٺڀرائيءَ ۾ نه ڪو دليل آھي ۽ نه سند. ٻئي طرف ھو چوي ٿو ته وحيءَ جي ھر ڳالھه کي اکيون ٻوٽي مڃڻو آھي. جي پرويز پاڻ عقل ۽ سوچ کان ڪم وٺي ھا ته ھو ضرور پروڙي سگھي ھا ته صوفين جي روش ۽ بغاوت جو سبب ئي ھو عقل ۽ سوچ استعمال ڪرڻ.
تصوف جي باري ۾ منھنجي ڪڍيل نتيجن جو تت ھي آھي: شروعاتي صوفي باغي ته ضرور ھئا، پر ھو انقلابي بنجي ڪونه سگھيا. ڪارڻ اھو ٿو ڏسجي ته مذھب کاب بغاوت ڪرڻ کان پوءِ ان وقت ھنن جي سامھون سائنسي سوشلزم يا اھڙي ڪا ٻي سماجي انقلاب جي واٽ ڪانه ھئي. ھنن وٽ جذباتي يوٽو پيائي ويچار ھئا پر سائنسي سوچ ڪانه ھئي. ان ڪري ھو ذھني ڦڙڦوٽ (Anarchy) جو شڪار ٿي ويا. ھاڻي انھن جو وارث سڏائيندڙن: پير، مرشد ۽ گادي نشين جي روپ ۾ ڏاڍو ڪِن ڪيو آھي ۽ ھنن جو ڪردار مڪار ۽ مداريءَ وارو وڃي رھيو آھي.
(8 اپريل 1982)