تصوف

تصوف جي چير ڦاڙ

”تصوف جي چير ڦاڙ“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڪتاب، تصوف جي باري ۾ موجود جاهلانه تصورن جي سائنسي ۽ عقلي دليلن وسيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک تي مشتمل مضمونن تي آڌاريل آهي.
نجم عباسي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ صوفين جو ديس آھي، پر تصوف ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. سياسي ۽ سماجي نظريا به اھي ترقيءَ جي واٽ وٺرائن ٿا، جن جو بنياد سائنس تي آھي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪ وٺن ٿا. مدي خارج واٽون اسانکي اوڙاھ ۾ وڃي ھڻنديون. مونکي نفرت آھي اسانجي ڌرتيءَ تي ڌارين کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌاري سڀيتا ۽ ڌاري ٻوليءَ کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌارين غير سائنسي نظرين ۽ ويچارن کان، ۽ مون ھنن صفحن اندر انھن نفرتن جي ڀرڀور نموني وائکائي ڪئي آھي؛ ۽ مان چاھيان ٿو ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ به انھن نفرتن سان ايترو ڀرجي وڃن جو جوالامکيءَ وانگر ڦاٽي پون.“
  • 4.5/5.0
  • 5023
  • 1850
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نجم عباسي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تصوف جي چير ڦاڙ

ذرڙا ذرڙا (ذاتي نوٽ بڪ مان)

(1). آرنڀ: ميڙن ۽ ميٽنگن، ڪانفرنسن ۽ ڪچھرين جو آرنڀ، ڪنھن آيت جي تلاوت سان ڪرڻ جو رواج ٿي ويو آھي. آرنڀ جي مراد ھجڻ گھرجي ته موجود ماڻھن کي، اتي گڏ ٿيڻ جو مقصد ۽ ايندڙ ڪاروائيءَ واسطي ذھني طرح تيار ڪيو وڃي.
عربيءَ مان اڻڄاڻ ھجڻ ڪري، ٻڌندڙ اھي آيتون سمجھي ڪونه ٿا سگھن. انڪري اھڙي قسم جو آرنڀ بي مقصد رھجيو وڃي.
منھنجي نيت آھي ته ان مقصد واسطي، اسان لاءِ لطيف سائينءَ جو ڪو شعر يا ٻيا ڪي شعر پڙھڻ کان وڌيڪ سٺي ڪا ڳالھه ٿي ئي نه ٿي سگھي؛ ۽ ھر موقعي ۽ مھل جي مناسبت سان، لطيف سائينءَ جو، ڪونه ڪو، موزون کان موزون، سٺي کان سٺو شعر ملي سگھي ٿو. انڪري اسانکي، ھر ميڙ جي شروعات، لطيف سائينءَ جي ڪنھن ڄاڻوءَ کان، لطيف سائينءَ جو ڪو موزون ۽ سٺو شعر پڙھائي ڪرڻ گھرجي.

(2). ٻاليشاھي: جپان ۾ ”بُراڪو“ نالي، ٽيھه لک ماڻھن جو، ھڪ ٽڙيل پکڙيل ۽ مظلوم طبقو آھي. ڌنڌي ۽ حالتن جي لحاظ کان ھنن جي ڀيٽ، سنڌ جي ”ٻاليشاھين“ سان ٿي سگھي ٿي. ھنن کان پڇان ڪئي ويندي آھي ۽ ھنن کي نيچ ليکيو ويندو آھي. ان طبقي جي ھڪ شاعر ماڪوٽو جو 8 جنوري 1973 واري ”ٽائيمس“ مئگزين ۾ ھڪ شعر شايع ٿيو آھي.
ان جو ترجمو:
ٻَر، منھنجا پٽ، ڪاوڙ ۾ ٻَر
ھنن اوچي ذات وارن کي ڌڪار،
ھنن کان نفرت ڪر،
جيستائين ھو گيسيون ڪندا اڳتي اچن،
معافي گھرڻ، پيڙا ۾ ڪيھون ڪندا اچن،
پر ھنن کي معاف نه ڪجان،
ڪڏھن به نه، ھرگز نه!

(3). ناتو: ٻه انسان، ھڪ ٻئي کي ايترو چاھين ٿا، ھڪ ٻئي جي پيار ۾ ٻڏل آھن، ھڪ ٻئي جي ساٿ ۾ اڻ مئي خوشي محسوس ڪن ٿا، اھڙي خوشي، جا ھنن دنيا جي ڪنھن به ٻي چيز ۾ ماڻي نه ھجي.... انھن کي ڇو نه ھميشه لاءِ، يا جيستائين ھو چاھين، گڏ گذارڻ ڏنو وڃي.

(4). ڦڙا ۽ سمنڊ: دل ۽ دماغ ۾ خيالن جو ساگر لھرون پيو ھڻي، انھن کي لفظن جا ڦڙا، پنھنجو پاڻ ۾ ڪٿي ٿا سمائي سگھن.

(5). عقيدي جي ھڪ وصف: ڪنھن شيءِ کي اٽل سمجھڻ، جنھن جو بنياد، علم ۽ عقل تي ھجڻ ضروري نه آھي.

(6). دروازو: سنڌ ۾ آيل پناھگير ان ڳالھه تي زور ڏيندا آھن ته سنڌ ”باب السلام“ (اسلام جو دروازو ) آھي. ھي، جي چون ٿا ته اسين اسلام خاطر سنڌ ۾ آيا آھيون ۽ سنڌ اسلام جو دروازو آھي ته انھن کي اھو سمجھڻ گھرجي ته دروازو لنگھي وڃڻ واسطي ٿيندو آھي. دروازي ۾ ويھي ڪونه رھبو آھي، ٿڪي ڪونه پئبو آھي، دائمي طور قبضو ڪونه ڪبو آھي. دروازي مان لنگھي ھليو وڃبو آھي، چائنٺ اورانگھي اڳتي وڌبو آھي.
جي اسلام خاطر لڏي اچڻ ھنن جو مقصد آھي ته ھو وڃي اسلام جي گھر ۾ رھن، ڇو ته رھبو گھر ۾ آھي، ۽ اسلام جو گھر عربستان آھي.
جي ھو پنھنجي وطن، جتي ھو ڄاوا ۽ نپنا ۽ جتي ھنن جا ابا ڏاڏا ۽ گھر گھاٽ ھئا، اھو ڇڏڻ ئي چاھين ٿا ته سنڌ جي اسلام واري دروازي مان لنگھي، وڃي عربستان ۾ رھن. اسلام خاطر سنڌ ۾ رھڻ جي دعوى منافقت ۽ ٻچاپڙائي آھي. سنڌ سندن چوڻ موجب اسلام جو دروازو آھي، سنڌ اسلام جو گھر نه آھي. ھو فقط ھتان لنگھي سگھيا ٿي، ھتي ھنن کي رھڻ جو حق نه آھي.

(7). دوستي ۽ دشمني: سنڌ جو دشمن، اسانجو دشمن. سنڌ جو دوست، اسانجو دوست.

(8). وفاداري: پناھگير، پاڪستان سان سچا ڪيئن ٿي سگھندا؟ ھڪ ڀاءُ ھتي ته ٻيو ھندستان ۾، چاچو ھتي ته ڀائيٽو ھندستان ۾. ھي ٻنھي ملڪن سان ساڳئي وقت وفادار ڪونه رھي سگھندا. البت جاسوسي ڪرڻ جو پورو موقعو اٿن، ۽ اسلام ۽ ڪليم جي نالي ۾ خوب پيا جاوا ڪن.

(9). زمين جا پٽڙا: ھيءَ عالمگير حقيقت وري وري ورجائڻ جھڙي آھي ته ملڪ جا اصل رھاڪو ۽ ان زمين جا پُٽڙا (Sons of the Soil) پھرين درجي جا شھري (First Class Citizens) آھن. ٻاھران ايندڙ، ڌاريا، پناھگير، پرديسي يا غير ملڪي ٻئي درجي جا شھري (Second Class Citizens) آھن. جتي عملي طرح اھو اصول نه ٿو مڃيو وڃي، اتي فتنو ۽ فساد، بلوو ۽ پکيڙو ٿئي ٿو، ۽ ان ديس جي ترقي رڪجي وڃي ٿي.

(10). ڏنڊو: انسان جو ڪجھه حاصل ڪري ٿو، پنھنجي سگھه ۽ ڏنڊي جي زور سان.

(11). ختم نبوت: ختم نبوت جو مطلب آھي ته مذھب جو دور (Age of religion) پورو ٿيو.

(12). انقلاب: جڏھن ملڪ ۾ قانون نه رھندو آھي، جڏھن ملڪ ۾ انصاف نه رھندو آھي، تڏھن عوام قانون پنھنجي ھٿ ۾ کڻندو آھي، انصاف پنھنجي ھٿ ۾ کڻندو آھي ۽ ڏنڊي جي زور تي قانون ۽ انصاف جا ٻھروپي ۽ پرمار ادارا ختم ڪري ڇڏيندو آھي.... اھو آھي انقلاب.

(13) سوچ ۽ تعليم: پنھنجي لاءِ نه، سنڌ لاءِ سوچيو... تعليم، پنھنجي لاءِ نه، سنڌ لاءِ پرايو.

(14) سوال ۽ سڃاڻپ: سنڌيءَ جي حيثيث ۾ اسان جي منزل ڪھڙي آھي؟ سنڌيءَ جي حيثيث ۾ اسان جا دشمن ڪير آھن؟ سنڌيءَ جي حيثيث ۾ اسان جا دوست ڪير آھن؟... جڏھن اسان پنھنجي منزل مقرر ڪئي، جڏھن اسان پنھنجو دشمن سڃاتو، جڏھن اسان پنھنجو دوست پرکيو... تڏھن اسان ۾ پتوڙ جو اڻموٽ جذبو اڀرندو، ۽ اسان پنھنجي ”سنڌي راھ“ تي ھلڻ لڳنداسين.

(15) مذھب جي ھڪ وصف: آسماني طاقتن جو ڊپ ڏئي، انسانن جي پرماريت (Exploitation) ڪرڻ.

(16) سنڌ جي ڌرتي: مون کي اھو ڄاڻڻ جي جستجو رھي آھي ته سنڌ جي زمين تان ڪھڙو دين يا ڌرم شروع ٿيو؟ ھتي ڪھڙو پيغمبر يا اوتار پيدا ٿيو؟ مان ڪنھن نج سنڌي مذھب ۽ نج سنڌي پيغمبر جي ڄاڻ پراپت ڪرڻ جو خواھشمند رھيو آھيان. پر ڏسجي ٿو ته ھتي ڪنھن به مذھب جي شروعات ڪانه ٿي، ھتي ڪوبه پيغمبر پيدا ڪونه ٿيو.... ڌرتي ئي ھتي جي عقيدتمندي، ذھن، پيار ۽ پورھئي جو مرڪز ۽ محور پئي رھي آھي.

(17) گھڻائي: جتي عبادتگاھ گھڻا ھوندا آھن، گناه به گھڻا ٿيندا آھن. جتي ٿاڻا گھڻا ھوندا آھن اتي ڏوه به گھڻا ٿيندا آھن. جتي اسپتالون گھڻيون ھونديون آھن، اتي بيماريون به گھڻيون ٿينديون آھن.

(18) يھوديءَ جي ھڪ وصف: يھودي اھو آھي جنھن کي ھڪڙي ملڪ، ھڪڙي ديس، ھڪڙي ڌرتيءَ تي ٽڪاءُ نه اچي يا اتان تڙيو وڃي.

(19) رياست ۽ عدالت: اسين جنھن سرشتي جا مخالف آھيون، اسين جنھن سرشتي کي غلط سمجھون ٿا، ان سرشتي جي عدالت ۾ ڪيئن ڀروسو رکي سگھون ٿا، ان مان انصاف جي اميد ڪيئن رکي سگھون ٿا !

(20) ياسر عرفات چيو: ڪڏھن به ھار قبول نه ڪجو، علائقا واپس نه ڪجو، فتح تائين وڙھو، پڇاڙڪي گوليءَ تائين دشمن سان وڙھو!

(20) نظريا: طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ قومي جنگ لاءِ ضروري آھي ته ستايل طبقي ۽ ستايل قوم جي ستائيندڙ خلاف ھلچل ھلائڻ جو بنيادي نظريو، ستائيندڙ طبقي يا ستائيندڙ قوم جي نظريي کان بنيادي طرح الڳ ھجي. ستائيندڙ طبقو ۽ ستائيندڙ قوم جاگيرداري، سرمائيداري ۽ مذھب جو سھارو وٺندا آھن. ستايل طبقي ۽ ستايل قوم جي جاکوڙ ۽ جياپي لاءِ سائنسي ۽ آزمايل نظريو آھي سوشلزم ۽ مارڪسزم.
ھلچل ھلائڻ لاءِ، انقلاب آڻڻ لاءِ، قومي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ لاءِ مظلوم طبقي ۽ غلام قوم کي ظالم طبقي ۽ سامراجين جي نظريي کان مختلف نظريو اختيار ڪرڻو پوندو.

(21) نعرو: نعري ھڻڻ واري کي فئشن طور يا سوچڻ سمجھن بنا نعرو ھڻڻ نه گھرجي. پر ھن کي سخت کان سخت آزمائشن لاءِ تيار ٿي پوءِ چپن مان نعرو بلند ڪرڻ گھرجي... نعرو انقلابي طوفان جي پھرين گجگور آھي.
نعري ھڻندڙ کي، نعرو ھڻي ماٺ ناھي ڪرڻي، ۽ دل سان نعرو ھڻندڙ ماٺ ڪري ويھي ڪونه سگھندو، نعرو پتوڙ جو ارادو ۽ انجام آھي. پنھنجي سر نعرو منزل نه آھي.
گھير ۾ گھڙي، باھ ۾ ٽپي، طوفان ۾ ڌوڪي ۽ نعري جي لفظن، خيالن ۽ جذبن کي عملي شڪل ۾ پراپت ڪرڻو آھي. نه ته اھڙي نعري کي جنم ئي نه ڏجي، اھڙي نعري کي بلند ئي نه ڪجي.

(22) حڪومت ۽ مذھب: ميڪاولي چيو آھي: ”حڪومت لاءِ مذھب ضروري آھي. ماڻھن کي نيڪ ۽ ڀلاڙو بنائڻ لاءِ نه، پر کين فرمانبدار رکڻ ۽ مٿن حڪومت ڪرڻ واسطي... حڪمران لاءِ مذھب جي طرفداري ڪرڻ ضروري آھي ته ظاھري طرح نيڪ ۽ ڀلارو نظر ۾ اچي، پر اقتدار تي رھڻ لاءِ اھو به ضروري آھي ته وعدي خلافيون ڪجن.“

(23) اقتصادي غلامي: اھو ئي اسلام، جنھن کي پاڪستان ٺاھڻ لاءِ ھندن خلاف استعمال ڪيو ويو ھو، ساڳئي اسلام کي سنڌين کي ڇيپاٽڻ ۽ غلام بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
اسان جنھن پاڪستان لاءِ نعرو ھنيو ھو، ان ۾ لڏپلاڻ جي گنجائش ڪانه ھئي. اسانکي اھو نه ٻڌايو ويو ھو ۽ نه اسان اھو سوچيو ھو ته پناھگير، پٺاڻ، پنجابي ۽ ٻيا غير سنڌي، سنڌ تي مڪڙن وانگر يلغار ڪندا ۽ ھندن وارو ڪردار ادا ڪندا، ۽ سنڌي ساڳيا اقتصادي مظلوم ۽ سياسي غلام رھندا.
اسانکي ھندن کان نفرت ضرور پئدا ٿي ويئي ھئي، پرھاڻي محسوس ٿئي ٿو ته اھا نفرت مذھب ڪري نه، پر اقتصادي پرماريت ڪري ھئي. ھو سرمائيداري طبقي جا ھئا ۽ سنڌي مسلمان پورھيت طبقي جا ۽ جاگيرداري دور ۾. ھنن کان طبقاتي نفرت ھئي، جنھن کي مذھبي نفرت جو رنگ ڏئي، اسان ۾ غلط نظريو پئدا ڪيو ويو.

(24) ادب جو ڪارج: جيون جئن آھي ان جو اڀياس، ۽ جئن ٿيڻ کپي ان لاءِ اتساه پئدا ڪرڻ.

(25) انسانيت: ھو فخر سان چوندو ھو: ” منھنجو مذھب انسانيت آھي. عام مذھب ته انسانن جي وچ ۾ ويڇا پئدا ڪندو آھي.“
ھاڻي ھو ڪڙاڻ مان چوندو آھي: ” ھنن پناھگيرن جي روش ته منھنجو انسانيت مان ايمان ئي ڪڍي ڇڏيو آھي. انسانيت جي جذبي ھيٺ اسان ھنن کي، جي پاڻ کي ستايل، ڦريل ۽ مظلوم ظاھر ڪري رھيا ھئا، تن کي پناھ ڏني ۽ ھر سھائتا ڪئي، پر ھي ڪليمي ته اسان جي اھڙي لٽ مار ڪندا رھيا ۽ اسان تي اھڙو ظلم ڪندا رھيا جو اسان مجبور، مسڪين ۽ مظلوم بنجي ويا آھيون. ھاڻي جي ڪو چوي ٿو ته ھنن ھتي آباد ٿيلن کي ھتان ڪڍڻ ۽ تڙڻ انسانيت جي ابتڙ آھي ته پوءِ اھڙي انسانيت ۾ ڪھڙو ويساھ پئدا ٿيندو!.. . ھاڻي ته مان مذھب ۽ انسانيت کان وڌيڪ قوميت کي مڃڻ لڳو آھيان.“
ھن جو فيصلو: انساني اخلاق جو مطلب آھي اھڙي پتوڙ، جنھن سان سماجي، قومي يا گڏيل ڀلو ٿئي، ۽ جو طبقاتي سماج ۽ سامراجيت خلاف ھجي، اھڙي پتوڙ ئي ”انسانيت“ آھي. اھڙي طرح انسانيت خود مطلبي ۽ شخصي ڀلي واري پتوڙ جي ابتر آھي.

(26) بت: ٽي – ويءَ تي ڪعبي تي حملو ڪندڙ باغي ۽ عربستان جا حڪمران شھزادا ڏسي، منھنجو ڊاڪٽري جو حس جاڳي اٿيو. عربستان تي حڪم ڪندڙ ھڪڙو ئي خاندان آھي. ھو پاڻ کي شھزادا سڏائيندا آھن ۽ وزير به ھڙئي انھن منجھان آھن. ھنن وزيرن مان ڪن ڪعبي جي پاسبان جي حيثيث ۾ باغين جي بغاوت جو تفصيل ٽي – ويءَ تي ٿي ٻڌايو.
مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته شھزادن جا بُت ٺلھا متارا، رت سان ٽمندر ۽ سردي گرميءَ جي اثرن کان محفوظ ۽ ضرورت کان زياده کائڻ Over Eating جا مجسما ھئا. ۽ باغين جا جسم سڪل سڙيل، ڏٻرا ۽ ڪاراٽيل ھئا، جن کي نه پورو کاڌو (Complete Food) مليو ھجي، جنھن ۾ نشاستو، پروٽين، سڻڀ، وٽامن ۽ معدني جزا ھجن، ۽ نه وري ضروري کاڌو (Balanced Diet) حاصل ٿيو ھجي، جنھن ۾ مٿيان جزا بدن لاءِ گھربل مقدا ۾ ھجن، نه وري ھي جسم موسم جي اثرن کان بچيل ٿي ڏٺا. ھي جسم بک ۽ بيماريءَ جا چرندڙ ڦرندڙ اشتهار ھئا. ( 15 نومبر 1979)

(27) ونواھ ۾ : زيبيءَ چيو ” مان ونواھ ۾ به تنھنجو ڪتاب پڙھندي رھيس.“
”ڪيئن ڀلا؟“
” مون ونواھ ۾ وھڻ نه ٿي چاھيو، پر گھر ۽ خاندان جي پوڙھين ڪونه ڇڏيو. ڪمري ۾ زوريءَ واڙي اڪيلائي جو قيد ڏنائون. بتي به ٻارڻ نه ٿي ڏنائون. مونکي خبر پئجي ويئي ته تنھنجو نئون ڪتاب ”ناچڻي“ اچي ويو آھي. ڏاڍين اٽڪلن سان اھو گھرايم ۽ پوءِ مخالفت جي باوجود به بتي ٻاري ونواھ وارن ڏينھن ۾ تنھنجو اھو ڪتاب پڙھندي رھيس.“

(28) سياسي سوچ: ھي پوڙھو پناھگير وڪيل جو منشي، مون واري ڪمپائونڊر وٽ، جو به پناھگير ھو، اچي وھندو ھو ۽ ڪچھري ڪندو ھو. ان ڏينھن اچڻ سان ئي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ھن کي چيائين:
”اي بھائي، ھڪڙو ووٽ ٻيو به گھٽيو.“
مون به ھن جو اھو گفتو ٻڌو، پر سمجھه ۾ ڪونه آيم. شايد ڪمپائونڊر پڻ نه سمجھيو ھو... ھي ڀٽي جي حڪومت جڳ دور ھو ۽ سنڌ ۾ تازو ٻولين جا فساد ٿيا ھئا، ۽ اسيمبليءَ ۾ سنڌين ۽ غير سنڌين جا تضاد چٽا ٿي بيٺا ھئا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪل سٺ ميمبر ھئا، جن مان پنجاھ سنڌي ھئا ۽ ڏھ غير سنڌي.
”ڇو، ڇا ٿيو ڀائي؟“ مون ڪمپائونڊر کي پڇندي ٻڌو.
”منير چوڌري، جو پنھنجو حيدرآباد مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيل ھو، سو اڄ موٽر جي حادثي ۾ مري ويو. “
ھاڻي مونکي سمجھه ۾ آيو ته ھنن کي ماڻھوءَ جي دردناڪ موت تي ڏک ڪونه ٿيو ھو، پر ڏک ان تي ٿيو ھو ته اسيمبليءَ ۾ ھنن جي ڌُر جو ھڪڙو ووٽ گھٽيو ھو.

(29) اخبارن جا فوٽو: اڄ اخبار ۾ خان خداداد خان، جو ون يونٽ ۾ صحت جو وزير ھو، تنھنجي موت جي خبر پڙھيم. منھنجي ذھن تي ھڪڙي يادگيري تري آئي... ان وقت مان ٺٺي جي اسپتال جو انچارج ھوس. ھڪ ڏينھن،ٽپھريءَ جو اوچتو خان خداداد خان اچي نڪتو. ھو سنڌ جي وڏيرن وانگر اڌ پڙھيل ٿي ڏٺو. ان وقت اسپتال جو ٽائيم ڪونه ھو، فقط وارڊن ۾ داخل ٿيل مريض ھئا. مون ھن کي اسپتال جو چڪر ڏياريو. ورانڊي ۾ اٺن ڏھن سالن جڳ ھڪ چڱو ڀلو ٻھراڙيءَ جو ڇوڪرو، ڦاٿل ساٽل ڪپڙن ۾ بيٺو ھو، جو شايد رھيل بيمارن مان ڪنھن جو مائٽ ھو. وزير ھروڀرو کڻي ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو ۽ پڇيائين: ”ڪھڙو حال آھي؟“ ڇوڪري ته ھن جي ٻولي به ڪانه سمجھي. ان وقت وزير سان گڏ آيل فوٽو گرافر تڪر ڪري فوٽو ورتو. بس ايترو ئي ٿيو. ڇوڪري ته ڪو جواب ئي ڪونه ڏنو. ھو ته ھيسجي ويو ھو... .
ٻئي ڏينھن اھو ڏسي اچرج لڳم ته اخبار ۾ وزير جو ان ڇوڪري جي ڪلھي تي ھٿ رکيل وارو فوٽو ھو ۽ ان جي ھيٺان لکيل ھو ته وزير صاحب ٺٺي جي اسپتال ۾ ھڪ بيمار ڇوڪري سان ھمدرديءَ جو اظھار ڪري رھيو آھي.

(30) ٻولي: لاھور ۾ ھن مھيني جي 23 ۽ 24 تاريخ پنجابي ادبي سنگت پاران ادبي ڪنوينشن رکي وئي آھي. مونکي ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوتنامو اڙدوءَ ۾ موڪليو ويو آھي. ھونءَ ته مان ھنن کي جواب ڪونه ڏيان ھا، پر ھنن جي دعوتنامي سان گڏ، جوابي ڪارڊ پڻ موڪليو آھي. ان ڪري مون ھنن کي ھيٺيون جواب سنڌيءَ ۾ لکي موڪليو آھي:
... پنجابي ادبي سنگت جو ھي دعوتنامو توڙي ٻي لکپڙھ پنجابيءَ ۾ ھجڻ کپي ھا. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي برتري ھجي، پنجاب ۾ پنجابيءَ ٻوليءَ کي برتري ھجي، سرحد ۾ پشتو ٻوليءَ کي برتري ھجي، بلوچستان ۾ بلوچي ٻوليءَ کي برتري ھجي. توھان جي ھن ادبي ڪنوينشن لاءِ منھنجو اھو ئي پيغام آھي...

(31) ڪليمي: ورھاڱي وقت ھندستان مان ھتي ڀڄي ايندڙ مسلمان، ھاڻي ڏسجي ٿو ته بزدل ۽ ڀاڄوڪڙ ھئا. ھنن اچي چيو ته اسان ھندن جي ظلم کان ڀڄي ھتي پناھ وٺڻ آيا آھيون. ھنن پاڻ کي پناھگير ٻڌايو، دنيا پڻ ھنن کي پناھگير سڏيو ۽ اسان به ھنن کي پناھگير سمجھي ھنن جي روايتي مھماننوازي ڪئي. جڏھن سخت مينھن پوندو آھي ۽ ڪنھن گھر جي ڇت وھندي آھي يا اھا ڪرڻ جو انديشو ھوندو آھي، تڏھن ان گھر وارا پاڙيسريءَ جي گھر وڃي وقتي پناھ وٺندا آھن، ۽ جڏھن مينھن وسي بس ٿيندو آھي ته واپس پنھنجي گھر ھليا ويندا آھن. اھڙي ريت اسان سمجھيو ته ٺاپر ٿيڻ تي ھي پناھگير واپس پنھنجي وطن پنھنجي گھرن ڏي ھليا ويندا. پر ٺاپر ٿيڻ تي به ھنن واپس وڃڻ جو نالو نه ورتو، پاڻ پنھنجن عزيزن، دوستن ۽ ٻين ديس واسين کي ھيڏانھن اچڻ تي ھرکائيندا رھيا. عملي طرح ھو پاڻ کي پناھگير ڪوٺي فائدا حاصل ڪندا رھيا ۽ ھتي پير پختا ڪرڻ لڳا ۽ اھو تاثر ڏيڻ لڳا ته ھنن ھن ملڪ حاصل ڪرڻ خاطر جاکوڙ ڪئي ھئي ۽ ھو ھن ملڪ جا فاتح ھئا ۽ ھو پنھنجن گھرن ۾آيا آھن.
ھاڻي ھو پاڻ کي مھاجر سڏڻ لڳا، جيئن ته اھو لفظ اسلامي تاريخ سان ڳنڍيل آھي، انڪري پاڻ کي اھو لقب ڏئ، ھو ھتي جي رھاڪن جي مذھبي جذبن جي پرماريت ڪرڻ لڳا.
پوءِ باقاعدي ڪليمن جو سلسلو شروع ٿيو: ملڪ تي ڪليم، مذھب تي ڪليم، زبان تي ڪليم، تھذيب تي ڪليم، واپار تي ڪليم، نوڪرين تي ڪليم، روزگارن تي ڪليم ۽ سڀ کان وڌيڪ ھتي جي جائدادن، ملڪيتن، زمينن ۽ ڪارخانن تي ڪليم، ھنن جا اھي ڪليم ڪيتري قدر سچا آھن، اھا ڳالھه ھاڻي لڪل نه رھي آھي.
انڪري ھو ڪليمي آھن ۽ ھنن کي ”ڪليمي“ سڏيو وڃي.

(32) مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ: مقصد حاصل ڪرڻ ۽ ماڳ تي پھچڻ لاءِ گھرجي لاڳيتي جاکوڙ ۽ ڊگھي جنگ.

(33) منھنجي پنھنجي ڳالھه: مان سونھن جو عاشق، سچ جو ڳولائو ۽ پيار جو بکيو آھيان.

(34) منھنجي موت تي: مان چاھيان ٿو ته منھنجي موت تي جمعاڻو ۽ ٻيون مذھبي رسمون نه ڪيو وڃن، ڪجھه ڪرڻو آھي ته ادبي ڪچھري ڪئي وڃي ۽ قرآن خوانيءَ بدران شاھ جو رسالو خواني ڪئي وڃي.

(35) منھنجيون لکڻيون: موجوده دور ۾ سنڌي ھجڻ جي پيڙا جو تجربو.

(36) ھڪلڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ: اڳواڻي ڪرڻ ۾ اڳواڻ اڳيان ھوندو آھي ۽ قوم يا ماڻھو پٺيان، ھڪلبو رڍن جي ڌڻ کي آھي. رڍون اڳيان ھونديون آھن ۽ ھڪلڻ وارو ريڍار پٺيان انھن کي ھڪليندو ھلندو آھي. اسانجي ملڪ ۾ سياسي اڳواڻ قوم جي اڳواڻي نه ڪندا آھن، پر ان کي ھڪليندا آھن، ھو وڙھندڙن جي پٺيان ھوندا آھن ۽ ڀڄندڙن جي اڳيان.

(37) سامراج جا جانشين: انگريز سامراج جي شڪايت ھئي ته اھي اسان جي ملڪ کي بيٺڪ بنائي ھتان جي دولت پنھنجي ملڪ ڏانھن کڻي ٿا وڃن، آزادي کان پوءِ ڏسجي ٿو ته ھتي جو سرمائيدار، جاگيردار، زميندار ۽ پرمار طبقو ھتان جي دولت ٻاھرين ملڪن ۾ سيڙائي ٿو، پئسو اتي بئنڪن ۾ رکائي ٿو، اتي وڃي عيش تي ڏوڪڙ کپائي ٿو، ۽ علاج ۽ پنھنجن ٻارن جي تعليم لاءِ اوڏانھن خزانو کڻي وڃي ٿو.

(38) ظلم جو خاتمو: ماڻھو چوندا آھن: ” ظلم قائم آھي، ظالم ختم ٿيو وڃي.“ ائين چوندي ھو سمجھندا آھن ته ھو ڪا وڏي حقيقت بيان ڪري رھيا آھن، ۽ ھڪڙي نموني پاڻ کي تسلي ڏيندا آھن ته ظلم جو اھو ئي علاج آھي ۽ ان باري ۾ انسان کي ڪجھه ڪرڻو نه آھي.
ان چوڻي ۾ جا جھالت، بزدلي ۽ احمقپائي ڀريل آھي، سا ان جو پاسو ڦيرائي چوڻ سان پڌري ٿي پوي ٿي، يعني: ”سچ قائم آھي، سچار ختم ٿيو وڃي.“
بھتر آھي ته سماجي انقلاب پئدا ڪرڻ لاءِ پنھنجو گفتو ھيءُ مقرر ڪجي: ظلم ختم ڪجي، ظالم قائم نه رھندو.

(39) ڪتاب ۽ دعا: دعا گھرندڙ کي ڏسي، خيال ٿيو ته ھٿ ڪتاب وانگر جھليا اٿس. چپ به پيا چرنس، ڄڻ ڪتاب پيو پڙھي. انھن ٻنھي جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو آھي ڇا؟ دعا وقت ھٿن جھلڻ جو ڍنگ ڏسي، ڪتاب جي صورت بنائي وئي ھئي يا ڪتاب جي پڙھڻ واري نموني جو تصور ڪري، دعا لاءِ ھٿ ملايا ويا.

(40) آزاديءَ جي ھڪ وصف: ملڪي پئدائش جي وسيلن تي ملڪي پورھتين جو اختيار، ۽ تحرير ۽ تقرير ۽ لکڻ پڙھڻ جي عام آزادي.

(41) پڙاڏو: پنھنجي وجود لاءِ سڏ جو محتاج ھوندو آھي.

(42) چمنيءَ جو دونھون: ڪارخاني جو دونھون چمنيءَ جو گھٽ ۽ غلاميءَ مان نڪرندو آھي ته جھومندو ۽ نچندو، فضا جي بلندين ۾ ڦھلجي ويندو آھي.

(43) اوچو ڳاٽ: اسان کي ھر حالت ۾ ڳاٽ اوچو رکڻ کپي، جيئن بندوق ڇوڙڻ وارو نشانو وٺڻ وقت ڪندو آھي. جي ڪنڌ ھيٺ ڪيون ته به ان تياريءَ جي نيت سان جيئن ويڙھو ڍڳو، وڙھڻ کان اڳ ڪنڌ ھيٺ ڪندو آھي.

(44) ٻوليون: سنڌي اسان جي مادري زبان آھي ۽ ترقي يافته ٻولي آھي. اھا اسان کي ھر حالت ۾ لکڻي، پرھڻي ۽ ڳالھائڻي آھي. انگريزي، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ۽ عالمي ٻولي آھي. اھا سکڻ به نھايت ضروري آھي. ٻيون ٻوليون، جيڪي اسان تي مڙھيون وڃن ٿيون، انھن تي مڙھيل حد کان وڌيڪ توجھه ڏيڻ وقت ۽ قوتن جو زيان آھي.

(45) قوم جو جياپو: قوم تڏھن سلامت رھندي جڏھن ھنن جي ڪھاڙي سلامت رھندي.

(46) سنڌ لاءِ: منھنجون سوچون، منھنجا خواب، منھنجا خيالي پلاءُ، منھنجا ھوائي قلعا، سڀ گھڻو ڪري سنڌ لاءِ ٿي ويا آھن.

(47) سنڌ ۽ مان: مان سنڌ ۾ رھان ٿو....ھاڻي مونکي لڳندو آھي ته سنڌ مون ۾ رھي ٿي، سنڌ منھنجي دل ۾ رھي ٿي، سنڌ منھنجي ذھن ۾ رھي ٿي، سنڌ منھنجي دماغ ۾ رھي ٿي.

(48) جياپي جي دليري: جيون جا عذاب ۽ جيون جون بي عزتيون، ماٺ ۾ صبر سان سھڻ بدران، انھن جو مڙس ماڻھو ٿي مقابلو ڪجي.

(49) پورھيو: پورھيو ئي نيڪي آھي.... ۽ بدي!... ٻئي جي پورھئي جو ڦل ھڙپ ڪرڻ.

(50) ساھت: ساھت اھو لکجي جو ذھن کولي، حوصلو پيدا ڪري ۽ پتوڙ لاءِ اڀاري.

(51) مرڻ ۽ مارڻ: ”سنڌ لاءِ مرنداسين“ بدران پڪو پھه پچائجي ته ” سنڌ لاءِ مارينداسين.“

(52) سائنس ۽ عقيدو: ھر عقيدي کي سائنس جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي يعني عقل، دليل، تنقيد، ڇنڊڇاڻ ۽ تجربي سان.

(53) واکاڻ ۽ پوڄا: جنھن شيءِ جي واکاڻ ڪبي آھي، ان جي واکاڻ جا ڪارڻ ٻڌائي، ان جي خوبين سان گڏ خامين جي ڇنڊڇاڻ ڪبي آھي يعني ان ۾ تنقيد جي گنجائش ھوندي آھي. پر پوڄيندڙ، نقاد نه ٿيندو آھي. پوڄيل شيءِ ۾ انڌي عقيدتمندي ھوندي آھي.

(54) ظلم: ظلم سھڻ پاپ آھي. ( گيتا جي چوڻي)

(55) شاعري: سونھن پرکڻ جي صلاحيت، نظرن سان ۽ ذھن سان، ۽ ان پرک جو خوبصورت لفظن ۾ اظھار.

(56) گوريلو ٿيڻ جو گس: گذراني مسئلا ۽ بيروزگاري پڻ نوجوانن کي گوريلو ٿيڻ جو گس وٺرائيندا آھن.

(57) اسان جي تاريخ: اسان پنھنجي تاريخ، جنھن جي اسان کان ڇنڻ جي شروعات عربن ڪئي ھئي، تنھن کي وري پنھنجو ڪنداسين، ۽ پنھنجي بازن جي قوت سان پنھنجو ڪنداسين.

(58) توحيد: مان توحيد کان انڪري به باغي آھيان، جو ھي دور اجتماعيت Collectivism جو آھي.

(59) بيبي شو: بيبي شو Baby show ٿين ٿا ۽ صحتمند ۾ صحتمند ٻار کي انعام ملي ٿو. پر اھڙا بيبي شو ٿيڻ کپن، جن ۾ ڏٻري ۾ ڏٻري ٻار کي انعام ملي، جيئن نه رڳو ھنجي مالي مدد ٿئي، پر اھڙي ڏٻرائيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ به ٿئي ۽ ماڻھو ان جي ڪارڻن تي پڻ سوچين.

(60) انقلاب جي واکاڻ: ٻين ملڪن جي انقلاب جي واکاڻ مقصد ناھي، پنھنجو پاڻ، پنھنجي زمين تي انقلاب آڻڻو آھي.

(61) اسين اصل کان ويڙھو آھيون: ٻڌڻ ۾ آيوآھي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عرب شاگردن، سنڌي شاگردن تي حملو ڪيو آھي... ٻيا ته ٺھيو پر ھي جيڪي علم حاصل ڪرڻ خاطر، چين بدران ھتي آيا آھن، ۽ رھڻو به ٿوري وقت لاءِ اٿن، سي به اسان سان وڙھن ٿا!... ڇا اھا سوچڻ جھڙي ڳالھه نه آھي ته اسان ۾ ڪوتاھي ڪھڙي آھي؟ اسان جي ڪھڙي ڪمزوري آھي؟ اسان ڪنھن جو ڇا بگاڙيو آھي، جو جيڪي به ڌاريا اچن ٿا، جيڪي به غير سنڌي ھتي رھن ٿا، ھتي جو کائن پين ٿا، سي ئي اسان جي مخالفت ڪن ٿا، اسان جا ويري بنجن ٿا، اسان کي گھٽ سمجھن ٿا، اسان کان نفرت ڪن ٿا، اسان جون ملڪيتون ناس ڪن ٿا، اسان تي حملا ڪن ٿا... ۽ صدين کان ائين ٿيندو آيو آھي، ڇو؟ آخر ڇو؟... اسين ويڙھ ۽ مقابلي جا به ماھر آھيون. انڪري ئي اڄ تائين پنھنجو وجود قائم رکي سگھيا آھيون. اسين سنڌي موھن جي دڙي ۾ دٻجي وري به جيئر ٿي اٿندا آھيون. دنيا جا پھريان پھريان انسان، سنڌ جي سرسبز زمين تي اچي آباد ٿيا. دنيا جي پھرين پھرين تھذيبن مان، سنڌ جي تھذيب پڻ ھئي. ويڙھ ۽ مقابلو ان تھذيب جو اھم جزو پئي رھيا آھن. انڪري ئي اسانجي سنڌ ۽ اسين سنڌي اصل کان دنيا جي نقشي تي دائم ۽ قائم آھيون، ۽ اھا ئي تھذيب اڳتي پڻ اسانکي دائم ۽ قائم رکندي.

(62) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي: دنيا ۾ سياسي ۽ سماجي تبديليون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اثر ھيٺ پڌريون ٿي رھيون آھن. اسان کي آمريڪا کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سکڻ گھرجي. رشيا کان اسانکي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ سياست ۽ اقتصاديت به سکڻ جڳائي.

(63) حق ۽ انصاف: ماڻھوءَ کي اوترو ئي ”حق“ ملندو، جيتري ھن ۾ ھمت ھوندي. ماڻھو کي اوترو ئي انصاف ملندو، جيتري ھن ۾ سگھه ھوندي ۽ اھا سگھه استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ھمت ھوندي. پڌرو آھي ته قوم جي گڏيل سگھه ۽ گڏيل ھمت استعمال جي سان بھتر نتيجا نڪرندا.

(64) پلاند: جڏھن قانون ۽ انصاف نه ھوندو آھي، يا ماڻھن جو قانون ۽ انصاف جي ادارن تان اعتماد کڄي ويندو آھي، يا انصاف جي ايوان تائين پھچي نه سگھندا آھن، ۽ ماڻھو وير ۽ بدلو وٺڻ واسطي قانون ۽ انصاف پنھنجي ھٿ ۾ کڻندا آھن، تڏھن خانداني دشمنيون، پوئين پيڙھين جو پلئه يا پلاند وٺڻ جون روايتون جنم وٺنديون آھن.
خاندان جو بدلو! خانداني دشمني!.. . انڪري جو انصاف جي اميد ڪانه ھوندي آھي. ائين پلاند جو سلسلو شروع ٿي ويندو آھي. قانون ۽ ڪورٽ جي اوڻاين ڪري، قاتل ڇٽي ويندو آھي ته مقتول جا پونيئر ھن کي خون ڪري ڇڏيندا آھن.

(65) عمل: اسانجي سوچ عملي ھجڻ کپي ۽ عمل جو ئي سوچيون ۽ عملي سنڌي بنجون.

(66) ساھت جي پيڙھ: واسطيداري Commitment ۽ سماجي ذميواري (Social Responsibility) جو احساس.

(67) سيڪيولرزم: سيڪيولرزم Secularism جو مطلب آھي ته رياست جي ڪارگردگيءَ ۾ مذھب جي ٽنگ اڙيل نه ھجي.

(68) شاھ جو شعر: لطيف سائينءَ جو شعر سنڌ جي تھذيبي تاريخ آھي، سنڌ جي پنگتي تاريخ آھي، سنڌ جي راڄنتيي تاريخ آھي. پر جن جو ذھن سنڌي نه آھي، تن کي اھي سڌيون ۽ ساديون سنڌي ڳالھيون نظر نه ٿيون اچن، ۽ ھو ان شعر کي تصوف جو بحر بنائي، آڏيون ابتيون ٽٻيون پيا ڏين.
شاھ جو شعر، سنڌ جو ڄاڻيٽو (Encyclopedia) آھي. ان ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، نفسيات، سماجيات، ٻولي، ادب، مذھب، عقيدا، ۽ فلسفو آھي: سڀڪجھه سنڌيت جي حوالي سان.

(69) خواب: خواب، طبقاتي سوچ جي پئداوار آھن. سپنا، سماجي اڻ برابريءَ جو نتيجو آھن. ھڪڙو ماڻھو، ٻين ماڻھن کي موجون ماڻيندي ۽ عيش ڪندي ڏسي ٿو ۽ پاڻ اھي حاصل ڪري نه ٿو سگھي ته پوءِ پاڻ کي ڪوڙي تسڪين ڏيڻ خاطر، جاڳندي ئي خواب ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ انھن سوچن ۽ خيالن جي ڪري ننڊ ۾ اھي سپنا اچنس ٿا. ان کانسواءِ ھنن ۾ جيڪي وھم ۽ خوف وٺن ٿا... پرمار طبقي وارا اڃا به وڌيڪ دولتمند ۽ پورھتين جي اڃا به وڌيڪ پرماريت ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا. آسماني ھستين جي نالي جيڪي وھم پئدا ڪيا ويا آھن،اھي ڪڏھن ڪڏھن پرمارن ۾ پڻ خيالي خوف ۽ ضمير جي چھنڊڙي پئدا ڪن ٿا، جي ڊيڄاريندڙ خوابن جي صورت وٺن ٿا.

(70) پڙھڻ ۽ لکڻ: ائين ڇو ٿو پڇيو وڃي: ڪانئون درجو ٿو پڙھين؟ يا ڪيترو پڙھيل آھين؟... ائين ڇو نٿو پڇيو وڃي: ڪانئون درجو ٿو لکين؟ يا ڪيترو لکيل آھين؟

(71) وک اڳتي وڌندي رھندي: ارتقا (Evolution) ۽ جدليات (Dialectics) جي لحاظ کان ڪنھن شيءِ جو ” آخري“ ھجڻ جو تصور ختم ٿي ٿو وڃي. ”آخري“ ”آخري سھارو“ ”آخري زمانو“، ”آخرت“ ۽ ٻين اھڙن ويچارن جو وجود ڪونھي. دنيا جو ۽ انسان جو قدم اڳتي ئي وڌندو رھندو. نيون اميدون، نوان سھارا ۽ نئون زمانو اسان واسطي سدائين موجود رھندو ۽ پئدا ٿيندو رھندو. نه وري ”ڪامل انسان“ وارو نظريو يا تصور صحيح ٿي سگھي ٿو. انسان اڃا به پاڻ ۾ خوبيون پئدا ڪري پيو، انسان اڃا به ڪمال حاصل ڪري پيو.
تبديلي، ترقي ۽ نواڻ سماجي ارتقا جو لازمي حصو آھي...ھر شيءِ فاني نه آھي، ھر شيءِ دائمي آھي، مادو (Matter) ناس نه ٿيندو آھي، فقط صورت بدلائيندو آھي. مادو امر آھي.
ڪا به شيءِ، ڪو به نظريو، ڪو به ويچار نه قطعي آھي نه آخري آھي، نه لافاني.
نئين شيءِ پراڻي ٿيندي رھندي ۽ ان پراڻي شيءِ جي ڀيٽ مان نئين شيءِ پئدا ٿيندي رھندي، جا بھتر ھوندي، وڌيڪ بلند ھوندي.
ڪنھن به وٽ يا خيال جا باري ۾ ڄاڻ وقتي آھي، عارضي آھي. اھا ڄاڻ قطعي، مڪمل يا پڇاڙڪي ناھي. اڳتي ھلي ان ڄاڻ ۾ تبديلي ٿيندي، واڌارو ٿيندو.
سچ وقتي ۽ عارضي ٿيندوآ ھي. قطعي ٻيا آخري سچ نه ٿيندوآ ھي... سچ ”پنھنجي دور جو سچ“ يا ”پنھنجي زماني جو سچ“ ٿيندو آھي... سچ دائمي، لازوال ۽ قطعي نه ٿيندو آھي.

(72) پوڙھپڻو: عمر سان پوڙھو نه ٿيو آھي. ذھني طرح جوان ھججي. ذھني طرح ڪميونسٽ يا مارڪسٽ ڪڏھن پورھو نه ٿيندو. ماديت (Materialism) ۽ جدليات (Dialectics) ذھن کي سدا جوان رکن ٿيون. اھي نظريا ارتقا ((Evolution) ۽ نواڻ جا مڃيندڙ آھن. ارتقائي نئين تبديلي ۽ ارتقائي نئين سوچ، جي وقت (Time) ۽ وٿيءَ (Space) جو ساٿ ڏين ٿيون، تن کي پنھنجو ڪندڙ ذھن ڪڏھن به پوڙھو ٿي نه ٿو سگھي.

(73) ذھني دولت: چوندا آھن، دولت اچڻي وڃڻي آھي. اڄ آھي، سڀاڻي ڪانھي، چوري ٿي وڃي يا آسماني آفتن جو شڪار بنجي، يا واپار ۾ ڏيوالو نڪري؛ پر علم، ذھن ۽ دماغ جي دولت دائمي آھي، جا نه چوري ٿي سگھي ۽ نه ڪو کسي سگھي.
پر حافظي ۽ ذھن سميت دماغ جون قوتون پڻ برباد ٿي سگھن ٿيون: حادثي ۾ دماغ تي ڌڪ لڳڻ ڪري، ذھني صدمي ڪري، ذھني ۽ دماغي روڳن ڪري. ان لحاظ کان ذھن جي دولت به دائمي دولت ٿي نه ٿي سگھي.

(74) سماج ۽ حڪمران: اسان جي جاکوڙ، سماج تبديل ڪرڻ لاءِ ھجي ۽ نه رڳوحڪمران تبديل ڪرڻ واسطي.

(75) ملڪيت: مارڪس چيو، ملڪيت جي ھر صورت چوري آھي. All property is theft

(76) لقب: ڪجھه وقت اڳ ڊان اخبار ۾ پڙھيو ھوم ته انگلينڊ ۾ انگريز، پاڪستانين کي نفرت وچان باڪي ڪري ڪوٺيندا آھن. نه رڳو ايترو پر ڪيترن ھنڌ، عير انگريز کي پاڪي سڏيندا آھن.
بنگلاديش ۾ بھارين جو لٽڻ ڦرڻ جو ڪردار اھڙو رھيو جو بنگاڪي، اتي رھندڙ ھر غير بنگالي کي بھاري سڏڻ لڳا.
پوئين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي، پنجابين سنڌ ۾ آباد ٿيڻ شروع ڪيو. ڪجھه عرصو اڳ تائين ۽ ٻھراڙيءِ ۾ اڃا تائين سنڌ ۾ ھر غير سنڌيءَ کي پنجابي سڏيو ويندو آھي.

(77) سنڌ ۽ ٻاھريان: پنھنجا ته پنھنجا آھن، سنڌ نه رڳو ھينئر پر صدين کان، سوين نه پر لکن جي ڳاڻاٽي ۾ ٻاھرين لاءِ به پيٽ ۽ پناھ موجود ڪندي رھندي آھي ... اڳي جيڪي ٻاھريان ايندا ھئا، سي سنڌ جا ٿي ويندا ھئا. ورھاڱي کان پوءِ ايندڙ تاريخ ۾ پھريان پناھگير آھن، جيڪي چاھن ٿا ته سنڌ سندن ٿي وڃي!

(78 ) ”سنڌي“ جي وصف: اھي غير سنڌي، جي سنڌين جي راضپي سان ھتي اچن ۽ سنڌين کي ھنن جي سنڌ ۾ رھڻ تي اعتراض نه ھجي ۽ ھنن جون گھٽ ۾ گھٽ ٽي لاڳيتون پيڙھيون ھتي رھن ۽ گھر کان اندر توڙي ٻاھر سنڌي ٻولي ڳالھائين ۽ سنڌي تھذيب اختيار ڪن، سي ئي پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ جا حقدار آھن.

(79) ادب ۽ فن جي ھڪ وصف: جيون جي گھڙين ۽ سوچن کي محفوظ ڪرڻ.

(80) جواني سونھن ۽ زندگي:
اسين نوجوان آھيون،
زندگيءَ سان ڀرڀور،
سونھن سان سرشار.
زندگي سونھن آھي،
سونھن زندگي آھي،
اسين زندگيءَ جي زندگيءَ آھيون،
اسين سونھن جي سونھن آھيون،
اسين زندگيءَ کي سونھن ڏيئي سگھون ٿا،
اسين سونھن کي زندگي ڏئي سگھون ٿا،
مرنداسين زندگيءَ لاءِ،
موت اھڙو، سونھن آھي!

(81) راڳ ۽ ڳوٺ: راڳ، روح جي زندگي آھي، ڳوٺ زندگي جو بنياد آھي. راڳ ۽ فن جا ڏسڻ ۾ نه ايندڙ پَرَ، ڳوٺن جي لوڪ موسيقي ۽ چراگاھن جي سُرن مان اڀرن ٿا.

(82) فن ۽ ڏوھ: کوڙ فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو آھي ته سمگلر پنھنجن اڏن ۽ خاص ھوٽلن ۾ نھايت خوبصورت پئماني تي ناچ ۽ راڳ جو بندوبست ڪندا آھن. اتي راڳ ۽ ناچ جي ڍڪ ۾ سمگلنگ جو ڪاروبار ڪندا آھن، سمگلنگ جي سوديبازي ڪندا آھن، پنھنجن مخالفن کي بليڪ مئل ڪندا آھن، پنھنجن دشمنن کي قتل ڪندا آھن، ڪامورن لاءِ ڄار پکيڙيندا آھن ۽ پوليس کي رشوت ڏيندا آھن.
ان مان خيال اڀري ٿو ته فن کي ڪيئن نه ڏوھن واسطي ڪتب آندو ٿو وڃي.

(83) اخلاقي ۽ اقتصادي ڏوھ: طبقاتي سماج ۾ اخلاق، قانون، ڪورٽ ۽ سزا جا باني جاگيردار سرمائيدار ھوندا آھن، پر انھن جي عملي صورت اھڙي ھوندي آھي جو اھي وٿون فقط مظلوم طبقي يعني ھارين ۽ پورھتين سان لاڳو ٿينديون آھن.
ڏوھ ٻن قسمن جا ٿيندا آھن: اخلاقي ۽ اقتصادي. زنا، چوري، خون اخلاقي ڏوھ آھن، سياسي ڏوھ به ھن قطار ۾ شمار ٿيندا.
سمگلنگ، بلئڪ مارڪيٽ، گھوٻي ھڻڻ، رشوت، نفعي خوري، پرماريت، اھي اقتصادي ڏوھ آھن.
طبقاتي سماج ۾ طبقاتي رياست ۾ جيئن ته پوليس قانون، ڪورٽ ۽ نوڪر شاھي سڀ جاگيردار آھن ۽ سرمائيدار طبقي جي بچاءُ لاءِ وجود ۾ آندا ويا آھن. تنھنڪري ھو ڏوھن ڪرڻ جي حالت ۾ وٺ پڪڙ کان بچي ويندا آھن.
اقتصادي ڏوھ گھڻو ڪري جاگيردار ۽ سرمائيدار جو پرمار طبقو ئي ڪندو آھي، انڪري انھن جي سزا اھڙي سخت نه رکي ويئي آھي. طبقاتي سماج ۾ سماجي سرشتو اھڙو ھوندو آھي جو اخلاقي ڏوھ گھڻو ڪري ھاري ۽ پورھيت جو مظلوم طبقو ئي ڪندو آھي. حقيقت ۾ اھي اخلاقي ڏوھ جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو وڌيڪ ڪندو آھي، پر ھو گرفت کان بچيل رھندا آھن.
اخلاقي ڏوھن لاءِ نھايت سخت سزائون مقرر ڪيون ويون آھن: چوريءَ لاءِ ھٿ وڍڻ، زنا لاءِ سنگسار، خون لاءِ ڦاسي، سياست لاءِ ڦٽڪا وعيره. اقتصادي ڏوھن لاءِ، جيڪي ڦورو طبقي جا ڏوھ آھن، تن لاءِ سزائون ھلڪيون آھن.

(84) ٻاھرين سامراجيت ۽ اندروني سامراجيت: سامراجيت جو مطلب آھي ته ڪا ڌاري قوم، ڪو ڌاريو ملڪ، ڪو ڌاريو علائقو ڪنھن ٻي قوم، ڪنھن ٻئي ملڪ، ڪنھن ٻئي علائقي کي غلام بنائي اتي جي پئدائش ۽ روزگار جي ذريعن تي قبضو ڪري، اتان جي دولت لٽي، پنھنجي ملڪ ڏانھن کڻي وڃي.
اڳي سامراج ڪنھن ملڪ کي بيٺڪ بنائي يا سياسي غلام ڪري ڦرلٽ ڪندو ھو. ھاڻي ظاھري طرح آزاد ملڪن کي سامراج اقتصادي غلام بنائي، ساڳيو مقصد ماڻي ٿو. اقتصادي غلامي قرضن، اقتصادي امداد ۽ گھڻ قومي ڪارپوريشنن جي واپار ذريعي مڙھي وڃي ٿي. ھندستان، انگريزن جي بيٺڪ ھو ۽ سياسي طرح ھنن جو غلام. ھن وقت پاڪستان، آمريڪا جي اقتصادي غلامي ۾ آھي. اھي ٻاھرين سامراجين جا مثال آھن.
اندروني سامراجيت اھا آھي جو ھڪ ملڪ ۽ گھڻيون قومون رھنديون ھجن، پر انھن مان ھڪڙي قوم تمام وڏي گھڻائيءَ ۾ ھجي ۽ اھا گھڻائي واري قوم، اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ خاطر، ننڍين قومن کي سياسي، قومي ۽ اقتصادي غلام بنائي، انھن جي علائقن جي پيداور ۽ روزگار جي ذريعن تي قبضو ڪري، اھا دولت پنھنجي علائقي ڏي پھچائيندي رھي، اھا گھڻائيءَ واري قوم گھڻو ڪري مذھب جو سھارو وٺندي آھي. ھوءَ دنيا وارن جي ۽ گڏيل قومن جي اداري جي مڃيل اصول ته قوميت جو بنياد جاگرافي، تاريخ، تھذيب ۽ ٻولي آھي؛ ان کي پٺي ڏيئي مذھب کي قوميت جو بنياد ٻڌائيندي آھي ۽ پنھنجي ملڪ جي ننڍين قومن کي پاڻ کان الڳ قومون مڃڻ لاءِ تيار نه ھوندي آھي، ۽ انھن ننڍين قومن جي علائقن ۾ وڃي، اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ پنھنجو حق سمجھندي آھي.
سنڌ اڄڪلھه ٻاھرين سامراجيت سان گڏ، اندروني سامراجيت جو شڪار به آھي.

(85) ڏک ۽ سک: چوندا آھن: ڏک، سکن جي سونھن آھن، يا ڏکن پٺيان سک؛ يا سکن جو قدر تڏھن پوندو جڏھن ڏک ڏسبا، يا رڳو سک ماڻڻ ڪري بيزار ٿي پئبو، يا سکن جو مزو ماڻڻ واسطي وچ ۾ ڏکن جو ھجڻ ضروري آھي... اھي سڀ جاگيرداري دور جون پئدا ڪيل چوڻيون آھن، پيڙيل طبقي کي ڀرڀائڻ خاطر. باقي پرمار طبقو پاڻ به سدائين سکن ۾ ھوندو آھي، جيئن چيو ويندو آھي ته خيرات ۽ زڪوات لاءِ غربت ھجڻ ضروري آھي. ساڳيو سُرتال آھي انھيءَ چوڻيءَ جو ته ڏک نه ھوندا ته سکن جو قدر ڪيئن پوندو....البت ائين آھي ته ساڳئي قسم جو سک، ساڳئي قسم جي تفريح، ساڳئي قسم جي وندر لاڳيتو ھجڻ ڪري انسان ٿڪجي يا بيزار ٿي سگھي ٿو....اصل ۾ سک جو مزو ماڻڻ واسطي، وچ ۾ ڏکن جو ھجڻ ضروري ڪونھي، پر سک ۽ وندر جا ذريعا قسمين قسمين (Variety) ھجن. ڪڏھن راند روند، ڪڏھن گھمڻ، ڪڏھن ڪتاب پڙھن، ڪڏھن دنيا جو سير سفر، ڪڏھن سئنيما، ڪڏھن پيار محبت. ۽ ھر ڌنڌي ۽ ان جي ماحول کي اھڙو دلچسپ بنايو وڃي، جو ڪم ڪندڙ لاءِ سڀ ڪجھه دلچسپ ٿي پوي. ماڻھو ڌنڌو پڻ دلپسند ڪري ۽ ھر ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ ڌنڌا ڪري، ڪي جسماني ڪم وارا ۽ ڪي ذھني ڪم وارا، يڪسانيت ئي ٿڪاوٽ ۽ بيزاري پيدا ڪري ٿي. تبديلي ۽ نواڻ سان دلچسپي قائم رھي ٿي. باقي ڏک، پيڙا ۽ بيماريءَ جو انساني سماج ۽ دنيا مان ئي خاتمو ڪرڻو آھي.

(86) فطرت: ائين چوڻ ته فلاڻي ڳالھه فلاڻن ماڻھن يا فلاڻي قوم جي فطرت ۾ آھي، بدران چئجي ته ھنن جي لاشعور (Sub-Conscious) ۾ اھا ڳالھه آھي. فطرت = لاشعور = (Sub-Conscious)

(87) پاڪائي: اھو زمانو ويو، جڏھن مذھب شين کي تقدس يا پاڪائي بخشيندو ھو. ھاڻي ته مذھب جي نالي ۾ پليتائي پئي پکڙجي. ھاڻي پاڪائي بخشڻ لاءِ ٻيا ماپا آھن. ھاڻي پاڪائيءَ جو ماپو پورھيو ۽ محبت ٿيڻ کپي.

(88) انسانيت جو ماپو: جاگيرداري ۽ سرمائيداري دور ۾ انسانيت جو معيار ٻيو ھو: آزادي، برابري ۽ ڀائپي. طبقاتي سماج ۾ اھڙي قسم جي انسانيت رڳو سکڻو نعرو ثابت ٿي، عملي طرح وجود ۾ اچي ڪانه سگھي آھي.
ھاڻي انسانيت جو ماپو اھو آھي يا ٿيندو ٻيو وڃي ته انسان پورھئي سان انسان بنجي ٿو. انسانيت اھا آھي ته انسان کي پنھنجي پورھئي جو پورو ڦل ملڻ کپي. ڪنھن انسان جي پورھئي جو ڦل ڦٻائڻ يا ان ڦل کان وانجھو ڪرڻ انساينت نه آھي. انسانيت جو گڻ ان ۾ آھي جو پورھيو ڪري ٿو.

(89) جنسياتي خواھش: جسماني خواھشون ۽ جذبا پورا ٿيڻ کپن، جيئن دماغ تائين پھچي بار نه بنجي پون، ڪو خلل پئدا نه ڪن. جنسياتي خواھشن کي جتي پورو ٿيڻو آھي، اتئي پوري ٿي وڃڻ کپي، انکي دماغ تائين رسڻ جو موقعو نه ڏجي.

(90) بک ۽ آزادي: بکيو ماڻھو آزاد نه ٿيندو آھي.

(91) چڻنگ، ڀڙڪو ۽ ڀيڙ: اھا اطمينان جوڳي حقيقت آھي ته اسانجو سنڌي سماج رڳو رک جو ڍير نه آھي. ان ۾ ڪجھه چڻنگون آھن، جي ڀڙڪي رھيون آھن ۽ ڀيڙ مچائينديون.

92) تعداد جي سگھه: دنيا ۾ ٻه طبقا آھن:
ظالم ۽ مظلوم.
ظالم: زميندار، جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج.
مظلوم: ھاري، مزدور ۽ پورھيت.
ظالم طبقو، مظلوم طبقي تي راڄ ڪري ٿو، ان جي محنت جو ڦل کائي ٿو، ان کي ننگو ۽ بکيو رکي ٿو، ان کي بيوس ۽ ٽڙيل پکڙيل بنائي ٿو. ظالم طبقي وٽ دولت آھي، ھٿيار آھن، پوليس آھي، لشڪر آھي، ڪورٽون آھن۽ ٻيون ڪيئي طاقتون ۽ وسيلا آھن.
مظلوم طبقي وٽ نه دولت آھي، نه وسيلا آھن ۽ ھٿيار... ھنن وٽ فقط ھڪ ھٿيار آھي ۽ اھو آھي ته ”تعداد جي سگھه“. ھو ظالمن کان ڳاڻاٽي ۾ ھزاروڻا لکوڻا آھن، جي ھنن ۾ طبقاتي شعور جاڳي پوي ۽ متحد ٿي وڃن ته نه رڳو ظالمن جو مقابلو ڪري سگھن، پر ھنن کان دولت، وسيلا ۽ ھٿيار کسي، ھنن جو جڙون پٽي، دائمي طور ھنن جو طبقو ئي ختم ڪري ڇڏين.

(93) اڳوڻو ۽ اڄوڪو ساھت: ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ وارا ڪتاب ۽ رسالا پڙھجن ٿا ته ائين ٿو لڳي ته اسان سياسي ۽ سماجي طرح اڃان ان دور ۾ آھيون. اسان جا نعرا ۽ مطالبا ھينئر پڻ ساڳيا آھن، اھي سياسي ۽ سماجي ڪھاڻيون، ناول ۽ تقريرون انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ خاطر ھيون يا طبقاتي سماج خلاف. ان وقت سنڌي ساھتڪارن جيڪي ڪتاب پاڻ لکيا يا ٻين ٻولين تان ترجمو ڪيائون ته انھن جو موضوع گھڻو ڪري ھوندو ھو سنڌين ۾ سياسي جاڳرتا پئدا ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ خاطر جاکوڙڻ ڪرڻ، ۽ سياسي چيتنا ۽ نظرياتي سجاڳي اڀارڻ. انڪري باشعور ۽ ترقي پسند ۽ انقلابي ليکڪ اھڙو ساھت لکندا ۽ پيش ڪندا ھئا. ھينئر پڻ اسان جي جاکوڙ ساڳي آھي، اسان جو نعرو ساڳيو آھي، گھُرون ساڳيون آھن، ضرورتون ساڳيون آھن.
ان وقت جي سامراج تي جھڙي نموني کلي طرح ڪتابن ۾ تنقيد ڪيل آھي ۽ ظلمن ۽ زيادتين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آھي، ان مان محسوس ٿئي ٿو ته ھينئر ان جي پتي به اظھار جي آزادي موجود نه آھي.

(94) ظالم ۽ مظلوم: مان سوچيان ٿو ته قانوني سزا ظالم کي ملي يا مظلوم کي؟ سزا چور کي ملي يا ڀاڳئي کي؟... ڀاڳئي پنھنجي گھر جي سنڀال ڇو نه ڪئي؟... سزا پرمار زميندار کي ملي يا ڏتڙيل ھاريءَ کي... ھاري پنھنجي ٻانھن جي ٻل سان پنھنجو حق، جو ھن جو زمين تي آھي، ڇو نه ٿو وٺي؟ وڏيري جو مقابلو ڇو نه ٿو ڪري، ھاري گڏجي ڇو نه ٿا زميندار جي ظلم کي روڪين... تنھنڪري ھارين کي سندن ڪمزوريءَ جي سزا ملڻ کپي!

(95) پاڪ ھستيون: جن کي مذھبي ۽ مقدس ھستيون چيو وڃي ٿو، تن جي ڪارنامن، ڪردار ۽ جيون چرتر بيان ڪرڻ مان پورو لاڀ حاصل ٿي نه ٿو سگھي، ڇو ته انھن تي تنقيد ڪرڻ منع آھي. انڪري ھنن جي ڪردار جي پوري ڇنڊڇاڻ ٿي نه ٿي سگھي. ھنن جي رڳو واکاڻ ٿيندي آھي. اھا به اھڙي نموني جو ان واکاڻ جي بنيادي سببن جي تھه تائين پھچڻ به ضروري نه سمجھيو ويندو آھي.

(96) سونھن: عورت جي سونھن رڳو جسماني يا منھن مھانڊي جي سونھن آھي، پر جڏھن ھوءَ (Action) (چرپر) ۾ ھوندي آھي، جڏھن ھلندي چلندي آھي، جڏھن ڪم ڪار ڪندي آھي ته ھن جي چر پر ۾ جيڪو حسن اڀرندو آھي، سو وڌيڪ ڇڪيندڙ ۽ وڌيڪ وڻندڙ ھوندو آھي. بيحس جسم جي سونھن ته بيجان ٻوٽي جي سونھن آھي.

(97) ھڪ خط جو جواب: ساٿي شڪيل نظاماڻي! توھان جو ڪاٿو درست آھي. منھنجي ذھن ۾ سنڌيت ايترو سمائجي وئي آھي، جو غير سنڌي آسماني ھستين غير سنڌي پيغمبرن ۽ غير سنڌي مذھبن کي اوليت ڪونه ڏيان. توھان علامه مشرقي جي ڪتاب”مولويءَ جو غلط مذھب“ جي واکاڻ ڪئي آھي. منھنجو چوڻ آھي ته نه رڳو مولويءَ جو مذھب غلط آھي، ھن زماني ۾ مذھب ئي غلط آھي؛ خاص ڪري ھڪ ڌرتيءَ جو مذھب ٻي ڌرتيءَ تي غلط آھي. ھندو مذھب، جيڪو ھندستان ۾ پئدا ٿيو ھو، سو ھيترين صدين گذرڻ کان پوءِ به جيئرو آھي ۽ ھندستان تائين محدود آھي. ھندو مذھب جو ھندستان تائين موجود ھجڻ جو مکيه ڪارڻ اھو آھي جو ھندستان معاشي ۽ اقتصادي طرح پاڻ ڀرو ھو ۽ ھندستانين کي بک جا چڪ ھڻڻ خاطر ٻين ملڪن ۾ سامراجي اکيون وجھڻ جي ضرورت ئي ڪانه ھئي. عربستان ۾ جي ان وقت تيل نڪري ھا ته عربن کي سنڌ ۽ ٻين ملڪن تي ڪاھ ڪرڻ جي لوڙ ئي ڪانه پوي ھا. انھن ڪاھن جو بنياد؛ عربن جي اقتصادي ضرورت ھئي.

(98) سامراجيت جو بنياد: جيئن سھڻي ڇوڪريءَ لاءِ سندس سونھن مصيبت بنجي پوندي آھي، ھرڪو ھن ۾ اکيون وجھندو آھي، طاقتور ھن کي زوريءَ ھٿ ڪندو آھي، اھڙي طرح سرسبز ملڪ لاءِ آبادي ۽ سکي قوم لاءِ خوشحالي، ھن واسطي ڏچي جو ڪارڻ بنيا آھن. ٻيا ڌاريا ديس، ان ملڪ ۾ اکيون وجھندا آھن ۽ ان جي آبادي ۽ دولت تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آھن، جنھن کي سامراجيت چئبو آھي. ان سبب ڪري ئي سنڌ صدين کان سامراجيت جو نشانو پئي بڻبي آھي.

(99) جوڻ: جسماني طرح ته ماڻھو جوڻ ڪونه ٿو مٽائي، ذھني طرح ماڻھو يا ڪي ماڻھو جوڻ ضرور مٽائين ٿا. جڏھن پراڻي نظريي کي ڇڏي، ھو ذھن جي اونھاين مان نئون نظريو مڃڻ لڳندا آھن ته اھو ذھني طرح جوڻ مٽائڻ آھي. پراڻو نظريو مري ويندو آھي ۽ نئون سچو نظريو ھنن جي ذھن ۾ جنم وٺندو آھي، ھنن جو ذھن نئون روپ اختيار ڪندو آھي.