لئبرري تحريڪ
”ساھتي لئبرري خانواھڻ“ جي مھورت جي موقعي تي ڪيل تقرير
18 آڪٽوبر 1985
لئبرري تحريڪ
ساٿيو ۽ ڳوٺ واسيو! جيئي سنڌ!
تحريڪون سياسي به ٿينديون آھن، سماجي به ٿينديون آھن ۽ ادبي پڻ. پر ٿوري سمي کان سنڌ ۾، ۽ خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ ھڪ نئين تحريڪ شروع ٿي آھي، جنھن کي مان ”لئبرري تحريڪ“ چوندس. تحريڪ جو مطلب آھي ھلچل يا چُرپرُ. سو ھن تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ چرندڙ ڦرندڙ ۽ چُست ھوندا آھن. انھن ۾ ٻار ۽ وڏا پڻ آھن، پر گھڻي گھڻائي نوجوانن جي آھي. ڇوڪريون به ان تحريڪ ۾ پاڻ ملھائي رھيون آھن، پر گھڻو ڪري وڏن شھرن ۾.
ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن جا نوجوان ڇوڪرا گڏجي پھه ڪن ٿا ته پنھنجي ڳوٺ ۾ لئبرري قائم ڪجي ان لاءِ ھو لئبرري ڪاميٽي ٺاھن ٿا، جا ان ڪم کي ھٿ ۾ کڻي ٿي. ھو جاءِ يا دڪان جو بندوبست ڪن ٿا؛ ڪٻٽ، ڪرسيون، بينچون ۽ ميزون ھٿ ڪن ٿا، ۽ ڪتاب ڪٺا ڪن ٿا، ان ڪارج ۾ ھٿ ونڊائڻ لاءِ ھو ڳوٺ وارن وٽ وڃن ٿا ۽ وري وري وڃن ٿا. غريب توڙي سرندي وارا پڄت آھر ھنن جو سھڪار ۽ سھائتا ڪن ٿا. ڪيترن ھنڌ ائين به ٿيو آھي ته ڪنھن پنھنجو دڪان يا ڪمرو بنا مسواڙ لئبرري لاءِ ڏنو آھي ۽ ڪن فرنيچر مھيا ڪيو آھي. ڏوڪڙ به چڱا ملي پوندا اٿن. پوءِ ڇوڪرا ڳوٺ جي گھر گھر مان رکيل ۽پراڻا ڪتاب ڪٺا ڪرڻ نڪرندا آھن. انھن جو به چڱو ڳاڻاٽو حاصل ٿي ويندو اٿن. اھڙي طرح لئبرري شروع ٿي ويندي آھي.
آھستي آھستي لئبرريءَ جي ڪم ۾ باقاعدگي پئدا ڪئي ويندي آھي. ڪتابن جو لسٽون ٺاھيون وينديون آھن. لئبرريءَ جا ميمبر ڪبا آھن. ڪن ھنڌ ڪو اھڙو ڪارڪن ملي ويندو آھي، جو پنھنجو وقت بچائي بنا اجوري لئبرري سنڀاليندوآ ھي يعني لئبرري جي کليل ھئڻ وقت اتي موجود رھندو آھي، ڪتابن جي ڇنڊڦوڪ ڪندو آھي، نوان آيل ڪتابن جي داخلا ڪندو آھي ۽ ميمبرن کي ڪتاب ڏيندو وٺندو آھي. ٻين ھنڌن تي پگھاردار ڪارڪن رکيا ويندا آھن. جيئن ڏوڪڙن جي گنجائش وڌندي آھي ته اخبارون ۽ رسالا به گھرايا ويندا آھن. ڪي سرندي ۽ جذبي وارا پنھنجي طرفان لئبرريءَ تي اخبارون وٺي ڏيندا آھن.
جيئن مون چيو آھي ته ” لئبرريءَ تحريڪ“ جا ڪارڪن چرپر ۾ رھندا آھن، ھو نه رڳو پنھنجي ڳوٺ وارن وٽ ويندا آھن، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا پنڌ ڪندا آھن، ڳوٺن ڏانھن توڙي شھرن ڏانھن اتي ھو سرندي وارن کان نقد سھائتا وٺندا آھن، ڪتاب پڙھڻ جي شوقينن کان رکيل ۽پراڻا ڪتاب حاصل ڪندا آھن ۽ ليکڪن کي سندن ڇپيل ڪتابن جون ڪاپيون ڏيڻ لاءِ چوندا آھن. ڪن ليکڪن کي ھو خط رستي به ڪتاب موڪلڻ واسطي وينتي ڪندا آھن، اخبارن ذريعي به ھو ليکڪن ۽ عام ماڻھن کي ڪتاب ۽ نقد موڪلڻ جي ايپل ڪندا آھن. جن وٽان ھنن کي ڪتاب ۽ ڏوڪڙ ملندا آھن ته اھا خبر پڻ اخبارن ۾ ڏيندا آھن.
نقد اوڳڙ مان ٻيو خرچ پکو پورو ڪرڻ کانپوءِ نوان ڪتاب خريد ڪندا آھن. اھڙي ريت آھستي آھستي ان لئبرريءَ ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود ٿي ويندو آھي.
ھي سڀ ڳالھيون مان توھان کي پنھنجي شخصي ڄاڻ مان ٻڌائي رھيو آھيان ۽ ٻيون به جيڪي ٻڌايان ٿو، تن جي پڻ مونکي ذاتي طرح سڌر آھي. مونکي اھا خبر آھي ته ھنن لئبررين ۾ گھڻو ڪري ڪھڙي قسم جا ڪتاب رکيا ويندا آھن. ڳچ اھڙن لئبررين وارا خط ذريعي يا روبرو اچي مون کان صلاح وٺندا آھن ته لئبرريءَ لاءِ ڪھڙا ڪتاب خريد ڪيا وڃن؟
ڪن لئبررين وارا رڳو سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ڪتاب رکندا آھن، ٻي ڪنھن ٻولي جا نه، ٻيا ھر ٻوليءَ جا ڪتاب رکندا آھن. ھنن جو خيال ھوندو آھي ته علم ڪھڙي به ٻوليءَ ۾ ھجي، حاصل ڪرڻ گھرجي. جيڪي ڪتاب مفت ۾ تحفي ۾ ملندا آھن، اھي ڪھڙي به ٻوليءَ ۾ ۽ ڪھڙي موضوع تي ھوندا آھن ته اھي رکيا ويندا آھن. پر جڏھن ڪتاب ڏوڪڙن سان خريد ڪرڻا پوندا آھن ته لئبرري ڪاميٽي صلاح مصلحت ڪري ڪتابن جي چونڊ ڪندي آھي. رڳو سنڌي ڪتاب خريد ڪيا ويندا آھن ۽ موضوع جي لحاظ کان گھڻو ڪري اھي ترقي پسندي، سنڌيت قوميت ۽ انقلابيت سان لاڳاپو رکندڙ ھوندا آھن. جي ٻين ٻولين جا ڪتاب خريد ڪيا ويندا آھن ته اھي اھڙن ملڪن جا ھوندا آھن جتي انقلاب اچي چڪو آھي، جن جو موضوع انقلابي ھوندو آھي، ۽ جن ۾ انقلاب جي واٽ ڏسيل ھوندي آھي، قومي ۽ طبقاتي انقلاب جي جنگ ۽ جاکوڙ ڏيکاريل ھوندي آھي. اھڙا ڪتاب گھڻو ڪري ترجمو ٿيل ھوندا آھن.
لئبرريءَ جي اھميت جو ڪاٿو ان مان به ڪري سگھجي ٿو ته اڳئين زماني ۾ جڏھن ڌاريا ڪنھن ملڪ تي ڪاھ ڪندا ھئا ته ڦرلٽ ڪرڻ کانسواءِ ڪتبخانا به ساڙيندا ھئا. ان ۾ ڌارين جو مطلب اھو ھوندو ھو ته ملڪي ماڻھن جي ذھني ۽ نظرياتي اوسر ۾ رڪاوٽ پوي. عربن جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھو ته ھنن به ڪتاب گھر جلايا ھئا. ٿورا سال اڳ جڏھن ھتي سنڌي ۽ اڙدوءَ وارن جا ھنگاما ٿيا ھئا ته اڙدوءَ وارن سنڌالاجي جي لئبرريءَ کي باھ ڏني ھئي.
ھاڻي لئبرريءَ جي ڪارج تي ڪجھه ڳالھائجي: لئبرريءَ جي اھميت ڪتابن ڪري آھي. پڙھڻ ته اسڪول ۾ ٿو سکجي، پر ذھني ۽ نظرياتي اوسر عوامي ساھت پڙھڻ سان ٿي ٿئي. نصابي ۾ سرڪاري ڪتابن پڙھڻ مان اھڙي اوسر جي اميد رکڻ اجائي آھي. عوامي ساھت ئي ذھني سجاڳي، نظرياتي ساڃھه، قومي احساس، سياسي جاڳرتا ۽ عملي جذبو پئدا ڪري ٿو.
ڪن ڪتابن ۾ ۽ خودنصابي ڪتابن م ڪي غير سائنسي وٿون ڏنيون ويون آھن، ۽ اسان جي تاريخ کي ڪن ھنڌ صحيح نموني پيش نه ڪيو ويو آھي. انھن غلط ڳالھين جي حقيقت ۽ رد، ادبي ڪتابن ۽ قومي ساھت ۾ ھوندو آھي. انڪري اھي ڪتاب پڙھڻ ضروري ھوندا آھن، نه رڳو وڏن لاءِ پر ٻارن لاءِ پڻ. اھڙائي ڪتاب ھنن عوامي لئبررين ۾ رکيا وڃن ٿا.
ھنن عوامي ڪتابن ذريعي نه رڳو سنڌ جي حالتن کي سمجھي سگھجي ٿو پر انھن ۾ انھن حالتن کي ڦيرائڻ جي واٽ پڻ ٻڌايل آھي.
سنڌي ڪتاب جي ھڪ خاص اھميت آھي: ھن وقت سنڌ ۾ جيڪا سماجي، سياسي، قومي ۽ نظرياتي سجاڳي آھي، ان ۾ سياستدانن کان وڌيڪ ساھتڪارن جو ھٿ آھي. ھتي جبر ۽ پاپندين جا ڪھڙا به دور آيا آھن، پر سنڌي ڪتاب لاڳيتو نڪرندا رھيا آھن، ۽ اھي به ڪنھن وڏيري، سرمائيدار يا سرڪار طرفان نه، پر سنڌيت جو جذبو رکندڙ مسڪين شاگردن ۽ ٻين نوجوانن ۽ انھن جي تنظيمن طرفان، جھڙي طرح موجودھ ”لئبرريءَ تحريڪ“ پٺيان ڪو لکاپتي يا ڪروڙ پتي نه آھي، پر سياسي ۽ سماجي ساڃھه رکندڙ نئين ٽھي آھي.
سنڌيءَ ۾ ڪتاب گھڻو ڪري اھي ڇپجن ٿا جي قومي، نظرياتي ۽ ترقي پسند آھن. اسان جي پرھندڙن جو لاڙو پڻ ان طرف آھي. ٻيا ڪتاب ھو گھڻو ڪري نه پسند ڪن ۽ نه خريد ڪن.
”لئبرريءَ تحريڪ“ اھا وڏي ضرورت پوري ڪئي آھي جو اھي ڪتاب جيڪي ڳوٺن تائين نه پھچي سگھندا ھئا ۽ نه اتي ملي سگھندا ھئا، سي ھاڻي لئبررين جي ذريعي پھچي وڃن ٿا ۽ غريب ڳوٺاڻو، جنھن کي ڪتاب خريد ڪرڻ جي پڄت ڪانھي، سو پڻ اھي پڙھي سگھي ٿو.
ھي لئبرريون ماڻھن ۾ پڙھڻ جي به عادت پئدا ڪن ٿيون...
جيئي سنڌ!