ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران :

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو:

”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“

هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين عزيز ڪنگراڻيءَ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ