اجري ڌرتي ميرا ماڻهو
”سنڌ جيڪا هميشه امن ۽ صوفين جي سرزمين طور مشهور آهي اها اڄڪلهه مذهبي ڪٽرپڻي ۽ نفرت جو شڪار ٿيڻ لڳي آ. ڪجهه ميرا ماڻهو هن اجري ڌرتيءَ کي ميرو ڪرڻ جو ناپاڪ ارادو رکن ٿا! اڄ ان ڳاله جي ضرورت آهي ته اهڙن ماڻهن جي خراب خيالن کي رد ڪرڻ لاءِ قلم کڻجي! هي ناول لکي يار محمد چانڊئي هڪ پيچرو ٺاهيو آهي جنهن تي سنڌ جي ٻين قلم ڌڻين کي به هلڻ کپي ته جيئن ملي ڪري سنڌ جي تقدس کي برقرار رکي سگهجي!“