يار محمد چانڊيو

 جديد سنڌي ادب جو اهم ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس جنم 2 فيبروري  1978ع تي ڳوٺ عالم خان چانڊيو (ڊکڻ شھر ڀرسان)، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. پيشہ ورانہ طور هو استاد آهي ۽ بھترين استاد جي حيثيت سان کيس بيسٽ ٽيچر جي نمايان مڃتا طور خاص سند پڻ ڏني وئي آھي .
تعليمي حوالي سان يارمحمد چانڊيو ايم. أي (سنڌي)، ايم. ايڊ ۽ ايم. فل جون ڊگريون شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪيون. سندس ايم. فل جو تحقيقي مقالو ”زخمي چانڊيي جون ادبي خدمتون“  (تحقيق ۽ تنقيد) سنڌي ادب ۾ ادبي شخصيتن تي ڪيل تحقيقي ڪم ۾ شمار ٿئي ٿو.
هن 1994ع کان ادبي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس تخليقن ۾ سماج جي ٻھروپي روين، انساني المين، نفسياتي ڪيفيتن، محرومين، عشق  ۽ سماجي ناانصافين کي موضوع بڻايو ويو آهي. سندس اسلوب سادو، علامتي ۽ فڪري گھراين سان ڀرپور آهي، جنھن سبب هو جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ هڪ نمايان سڃاڻپ رکي ٿو.

ڇپيل ڪتاب :
جنم جنم الميو (ڪھاڻيون، 2014ع)
اجري ڌرتي، ميرا ماڻھو (ناول، 2016ع)
عشق جي آخري سرحد (ڪھاڻيون، 2018ع)
سنڌو (ناول، 2023ع)

سھيڙيل / اشاعت هيٺ ڪتاب :
اکين جي آسمان مان وهندڙ ڳوڙها (ڪھاڻيون)
سنڌ جون سورميون (جديد افسانا)
خدا، آسمان ۽ ڌرتي (ڪھاڻيون)
جيل ۾ قيد جوانيون (جيل ڪھاڻيون)
ڪھاڻي رنگ (تحقيق)
يارمحمد چانڊيو سنڌي ادبي سنگت  سان سرگرميءَ سان لاڳاپيل رهيو آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو سيڪريٽري ۽ ضلعي شڪارپور جو رابطہ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

ايوارڊ :
سندس ادبي خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترائي اعزاز مليا آهن، جن ۾ آغا سليم ايوارڊ، سھڻي ايوارڊ، نسيم کرل ايوارڊ، عبرت گروپ جي هزار داستان ڊائجيسٽ پاران سال جو بھترين ڪھاڻيڪار ايوارڊ (2014ع)،   بيسٽ ٽيچر ايوارڊ: (2019ع) ۽ جديد ڪھاڻي ۾  مڃتا طور مشتاق ڀرڳڙي ايوارڊ (2025ع) شامل آهن.

 

  • جنم: 1978-02-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image