گانڌيءَ جو قتل
جسٽس جي. ڊي کوسلا جي لکيل ھن ڪتاب جو سنڌيڪار خالد چانڊيو آھي.
ھي ڪتاب ھندستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي. ڊي کوسلا جي ڪتاب ”گانڌيءَ جو قتل ۽ ٻيا ڪيس“ تان ورتو ويو آھي. مھاتما گانڌي عدم تشدد واري نظريي جو پرچارڪ ھيو. مھاتما گانڌيءَ جيڪي اصول ڏنا آھن انھن جو بنياد محبت تي ھيو، ھو مذھبي ماڻھو ھيو پر سندس مذھب روح جي پاڪائي ۽ انسانن جي ڀلائيءَ وارو ھيو. ھن اھڙي سماج جا خواب ڏٺا جنھن جو بنياد پيار ۽ محبت تي ھجي. مھاتما گانڌي کي ھڪ فرقي پرست ۽ ڀائيچاري واري سياست جي ڪٽر مخالف پونا جي ھڪ برھمڻ نٿو رام گاڊسي کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو.