سنڌوءَ جو سفر 1831ع, مصنف : اليگزينڊر برنس

سنڌوءَ جو سفر 1831ع

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌوءَ جو سفر 1831ع
مصنف : اليگزينڊر برنس
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
ڪيٽيگري : سنڌ شناسي
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 1994
شامل ڪيو ويو : 2021-04-19
ڏِٺو ويو : 1 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 515 ڀيرا

اليگزينڊر برنس جي انگريزي ڪتاب Travels into Bokhara جو سنڌي ترجمو ”سنڌوءَ جو سفر 1831ع“  جي نالي سان اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي. اليگزينڊر برنس مشرقي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن 1831ع واري عرصي ۾ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي رڪاوٽن باوجود سنڌو درياهه جي سڀني مُنهنِ جو سروي ڪري ورتو ۽ ان جي پڇاڙ واري حصي جو نقشو به ٺاهي ورتو. هن زميني سفر جي بدران سنڌوءَ ذريعي سفر جي مڪمل اجازت بہ حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ جي حاڪم ٽالپرن کان اها به اجازت ورتائين ته سنڌو درياهه جو رستو برطانوي واپارين لاءِ کليل رهندو. اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه جو سفر ڪندي 18 جولاءِ 1831ع تي لاهور پهتو، جيئن تہ هن جو اصلي مطلب پورو ٿي چڪو هو ۽ هن پنهنجي سروي به مڪمل ڪري ورتي. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سنڌ شناسي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ