ايسٽ انڊيا ڪمپني جو مُهم جُو آفيسر ۽ سياح اليگزينڊر برنس 16 مئي 1805ع تي اسڪاٽلينڊ جي شهر مونٽروس ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ رابرٽ برنس فورفارشر جو مئجسٽريٽ هو. سندس خاندان جي نالي جي صورتخطيءَ ۾ اڳ Burnes لکبو هو، پر سندس پيءُ رابرٽ برنس -ان- مان E ڪڍي ڇڏي، جنهن کانپوءِ اهو رڳو برنس (Burns) لکيو ويندو هو. -اليگزينڊر برنس- پنهنجي ابتدائي -تعليم- مونٽروس اڪيڊميءَ مان حاصل ڪئي. 16 سالن جي عمر ۾ 31 -آڪٽوبر- 1821ع تي بمبئيءَ پهتو. هندستان جي شهر سورت ۾ کيس اضافي بٽالين ۾ هندستاني ٻوليءَ جو ترجمان (Interpreter) مقرر ڪيو ويو. فارسي ٻوليءَ تي عبور هجڻ ڪري هن صدر عدالت جي ججن جو اعتماد به حاصل ڪري ورتو، تنهنڪري کيس عدالت ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل دستاويزن جي ترجمي لاءِ مقرر ڪيو ويو. اليگزينڊر برنس جي صلاحيت کي مدنظر رکندي -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- کيس 21 سالن جي عمر ۾ ڊپٽي اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ هن واگر (Wagur) جي انگن اکرن بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي. جنهن کي گورنر ۽ -بمبئي- ڪائونسل جي ميمبرن تمام گهڻو ساراهيو. هو مشرقي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن 1831ع واري عرصي ۾ سنڌ جي -ٽالپر- حڪمرانن جي رڪاوٽن باوجود سنڌو درياهه جي سڀني مُنهنِ جو سروي ڪري ورتو ۽ -ان- جي پڇاڙ واري حصي جو نقشو به ٺاهي ورتو. هن زميني سفر جي بدران سنڌوءَ ذريعي سفر جي مڪمل اجازت به حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ جي حاڪم ٽالپرن کان اها به اجازت ورتائين ته سنڌو درياهه جو رستو برطانوي واپارين لاءِ کليل رهندو. اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه جو سفر ڪندي 18 -جولاءِ- 1831ع تي لاهور پهتو، جيئن ته هن جو اصلي مطلب پورو ٿي چڪو هو ۽ هن پنهنجي سروي به مڪمل ڪري ورتي. -انگريز- حڪومت کي هندستان ۽ سنڌ جي صحيح معلومات ۽ نقشن بابت پوري ڄاڻ هن ئي ڏني. اڳتي هلي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ”سنڌوءَ جو سفر“ عنوان سان ڪري ڇپايو آهي. 17 -جنوري- 1832ع تي جڏهن هو ٻيهر لاهور داخل ٿيو، تڏهن رنجيت سنگهه هن جو دل جي گهرائين سان استقبال ڪيو. هتي -اليگزينڊر برنس- وچ -ايشيا- جي خطرناڪ سفر جي تياريءَ ۾ مصروف هو، هن پنهنجو حُليو ۽ ويس بدلائي ٻهروپيو بنجي عادتون بدلائي ڇڏيون ۽ حُليو تبديل ڪرڻ کان پوءِ هڪ افغانيءَ جو روپ اختيار ڪيو، -ان- سفر ۾ هن سان گڏ -بنگالي- فوج جو سرجن جيمس گيرارڊ شريڪ هو، جنهن پڻ هن جهڙو حُليو اختيار ڪيو. اليگزينڊر برنس رنجيت سنگهه جي ڏنل فوجي دستي سان هن جي رياست جو -جائزو- ورتو ۽ اڳتي برنس ۽ سندس ساٿي افغانين سان مليا، جيڪي اڪوڙه تائين هنن سان گڏ هئا. -ان- بعد ڪاميابيءَ سان -پشاور-، -جلال آباد- ۽ ڪابل پهتا. اهو سفر -جاري- رکندي، لکنئو کان -بخارا- اچي پهتو. اتي خطرن کان خوشقسمتيءَ سان -بچي- ويو. برنس واپس خولرم ۽ گيرارڊ سان مليو، جتان اهي -بلخ- پهتا، 18 -جنوري- تي هڪ سال کانپوءِ بمبئيءَ پهتو. اليگزينڊر جڏهن هندستان جي گورنر کي سموري رپورٽ پيش ڪئي ته سندس ڪم کان گورنر جنرل تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ -انگلنڊ- ۾ به سندس ڪم کي گهڻي پذيرائي ملي. سندس سفرنامي کي -ترت- فرينچ ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو. کيس رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو. “The Navigation of the Indus and a Journey by Balkh and Bokhara” واري ريسرچ جي ڪم تي کيس گولڊ ميڊل پڻ مليو. -ان- کانپوءِ هي انگلينڊ، ڏکڻ فرانس، مصر ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي علائقن ۾ به ڪجهه عرصو رهڻ کانپوءِ 5 -اپريل- 1835ع تي هندستان واپس آيو ۽ کيس سنڌ جي عدالت ۾ -ان- مقصد سان مقرر ڪيو ويو ته هو سنڌو درياهه جي نيويگيشن (Navigation) بابت ٺاهه ڪري. انهيءَ دوران کيس هڪ اهم ذميداري ڏني وئي ته، هو -افغانستان- جي -بادشاهه- دوست محمد سان ملي -ان- سان ڳالهائي ته هو هندستان جي اولهندي واري صوبن سان تجارتي معاهدا ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪري. -اليگزينڊر برنس- 20 سيپٽمبر 1837ع تي ڪابل پهتو، -جتي- پهچڻ کانپوءِ -ان- محسوس ڪيو ته سندس مشن بيڪار آهي، ڇاڪاڻ جو هندستاني حڪومت کي -ايران- ۽ روس جي تحريڪن ۽ بغاوتن کان خطرو هو. جڏهن ته اهي -افغانستان- جي ويجهو هئا، ٻئي طرف دوست محمد کي روسي ايجنٽ تصور ڪيو ويندو هو. جنهن برنس کي -افغانستان- مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. برنس هندستان پهچندي ئي سرڪار کي دوست محمد جي -باري- ۾ ٻڌايو ته سرڪار کيس ٻيو حڪم ڏئي واپس -افغانستان- موڪليو آهي. برنس -افغانستان- وڃڻ لاءِ جيئن ئي شڪارپور پهتو ته کيس ”لنڊن گزيٽ “ جي هڪ ڪاپي ملي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته برنس کي ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ڏني وئي آهي. اليگزينڊر برنس عهدي سميت جڏهن -افغانستان- پهتو، تڏهن دوست محمد جي پٽ حيدر خان پنهنجو پاڻ کي برطانيه حڪومت جي آڏو پيش ڪيو. جنهن کي بعد ۾ برنس جي نظرداريءَ هيٺ ڪوئيٽا جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ٿورڙي ئي عرصي ۾ دوست محمد -افغانستان- مان فرار ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي 1939ع ۾ شاهه شجاع کي حاڪم مقرر ڪيو ويو. سر وليم ايم ناٽن (Sir Willium M. Naughten) ڪابل ۾ برطانوي سفير جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جڏهن ته برنس سندس نائب مقرر هو. پر انگريزن جي پسند وارو اهو انتظام گهڻو وقت هلي نه سگهيو. انگريزن خلاف افغانين جي -بغاوت- شروع ٿي چڪي هئي. ليڪن سر وليم ايم ناٽن ۽ -اليگزينڊر برنس- -ان- -بغاوت- مان ڪو خطرو محسوس نه ڪيو. افغانين جي -بغاوت- کي مدنظر رکندي ميجر پاٽنجر جي خبردار ڪرڻ کانپوءِ 14 هزار برطانوي فوجي -افغانستان- ۾ مقرر ڪيا ويا، پر 2 نومبر 1841ع تي هڪ وڏو طوفان برپا ٿيو. -ان- ڏينهن صبح جو 9 وڳي افغانين ڪابل ۾ برنس جي رهائشگاهه تي حملو ڪري، -اليگزينڊر برنس-، سندس -ڀاءُ- ليفٽيننٽ چارلس برنس، ليفٽيننٽ بروڊفٽ ۽ گهر ۾ موجود سڀني مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي ماري ڇڏيو ۽ سندس گهر کي -باهه- ڏئي ساڙي ڇڏيو. اها انگريزن جي خلاف هڪ خوفائتي سانحي جي شروعات هئي.[6]
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اليگزينڊر برنس جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن