سنڌ شناسي

سنڌوءَ جو سفر 1831ع

اليگزينڊر برنس جي انگريزي ڪتاب Travels into Bokhara جو سنڌي ترجمو ”سنڌوءَ جو سفر 1831ع“  جي نالي سان اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي. اليگزينڊر برنس مشرقي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن 1831ع واري عرصي ۾ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي رڪاوٽن باوجود سنڌو درياهه جي سڀني مُنهنِ جو سروي ڪري ورتو ۽ ان جي پڇاڙ واري حصي جو نقشو به ٺاهي ورتو. هن زميني سفر جي بدران سنڌوءَ ذريعي سفر جي مڪمل اجازت بہ حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ جي حاڪم ٽالپرن کان اها به اجازت ورتائين ته سنڌو درياهه جو رستو برطانوي واپارين لاءِ کليل رهندو. اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه جو سفر ڪندي 18 جولاءِ 1831ع تي لاهور پهتو، جيئن تہ هن جو اصلي مطلب پورو ٿي چڪو هو ۽ هن پنهنجي سروي به مڪمل ڪري ورتي. 

  • 0/5.0
  • 2
  • 0
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book سنڌوءَ جو سفر 1831ع
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مُهم جُو آفيسر ۽ سياح  اليگزينڊر برنس جي انگريزي ڪتاب Travels into Bokhara جو سنڌي ترجمو ”سنڌوءَ جو سفر 1831ع“  جي نالي سان اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي. 
 اليگزينڊر برنس مشرقي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن 1831ع واري عرصي ۾ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي رڪاوٽن باوجود سنڌو درياهه جي سڀني مُنهنِ جو سروي ڪري ورتو ۽ ان جي پڇاڙ واري حصي جو نقشو به ٺاهي ورتو. هن زميني سفر جي بدران سنڌوءَ ذريعي سفر جي مڪمل اجازت بہ حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ جي حاڪم ٽالپرن کان اها به اجازت ورتائين ته سنڌو درياهه جو رستو برطانوي واپارين لاءِ کليل رهندو. اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه جو سفر ڪندي 18 جولاءِ 1831ع تي لاهور پهتو، جيئن تہ هن جو اصلي مطلب پورو ٿي چڪو هو ۽ هن پنهنجي سروي به مڪمل ڪري ورتي. انگريز حڪومت کي هندستان ۽ سنڌ جي صحيح معلومات ۽ نقشن بابت پوري ڄاڻ هن ئي ڏني.
ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌ سلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف اليگزينڊر برنس
  • سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
  • ڇپيو ويو 1994
  • ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 19/Apr/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 0 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون