ھڪ جنرل کي ڪيئن ھارائي سگهجي ٿو
شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي اھا مدبرانہ سياست، فھم، تدبر ۽ تحمل ئي ھيو جنھن جنرل مشرف جھڙي طاقتور چيف آف آرمي اسٽاف کي وردي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، اھا ھڪ جنرل جي شڪست ھئي. 8 سالن جي جلاوطني کانپوءِ بہ محترمہ ڀٽو پنھنجي تدبر ۽ سياست ذريعي پنھنجي لاءِ واپسيءَ جون راھون ھموار ڪيون ۽ جنرل کي ڳالھين لاءِ مجبور ڪيو ۽ کيس وردي ڇڏڻي پئي. پوءِ ان ساڳيي جنرل جي موجدگيءَ ۾ محترمہ کي ھڪ سازش تحت شھيد ڪيو ويو، پر سندس مضمونن ۾ ڪيل اڳڪٿيون ۽ تجزيا درست ثابت ٿيا.