ڊاڪٽر منظور قادر

شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ اديب ڊاڪٽر منظور قادر جو جنم پھرين سيپٽمبر 1964ع تي ضلع نوشھروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو ۾ و۱قع ڳوٺ الله وسايو انڙ ۾ رهندڙ واپڊا اسڪارپ جي ملازم محمد موسي انڙ جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر منظورقادر پنجين جماعت پنھنجي ڳوٺ الله وسايو انڙ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪري ڏهين جماعت جو امتحان گورنمنٽ ھاءِ اسڪول خانواھڻ مان ڏئي انٽرميڊئيٽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان حاصل ڪئي. 
۱۹۹۴ع ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جي ڊائيگنوسٽڪ سينٽر ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيو جتان ۱۹۹۷ع ڌاري نوازشريف جي دورِ حڪومت ۾ سياسي انتقام تحت فارغ ڪيو ويو. نوڪري کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۹۷ع ڌاري ئي ڌاٻيجي ۾ پنھنجي وڏي نياڻي جي نالي تي شاھ بانو ڪلنڪ کولي خانگي پريڪٽس شروع ڪئي . 2000ع ۾ ڌاٻيجي واري ڪلنڪ بند ڪري ساڳي نالي سان ڪراچي جي سنڌي آبادي ڀٽائي آباد ۾ ڪلنڪ کولي جيڪا پڻ ٽن سالن کان پوءِ ھيئر ٽرانسپلانٽيشن جي نئين ٽيڪنالاجي ۾ ڊپلوما ڪرڻ سبب بند ڪيائين. پاڪستان ۾ ھيئر ٽرانسپلانٽيشن جي نئين ٽيڪنالاجي آئي تہ ڊاڪٽر منظورقادر ۲۰۰۳ع ۾ ڇھن مھينن جي ڊپلوما ڪري پاڪ ٽاور ڪراچي ۾ ھيئرٽرانسپلانٽ جي مشھور سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو سان گڏ ٽن سالن تائين ھيئر ٽرانسپلانٽيشن جي اسپتال ھلائيندا رهيا. جنھن کان پوءِ ۲۰۰۷ع کان ۲۰۰۹ع تائين اوشن ٽاور ڀرسان ڊاڪٽر ھمايون سان ساڳي شعبي جي اسپتال ھلائيندو رهيو. بعد ۾ ڊاڪٽر منظورقادر بلاول چورنگي واري گهٽي ڀرسان جان اسٽريٽ ۾ ھڪ بنگلو ڪرائي تي وٺي منظور ھيئر پلانٽ جي نالي سال پنھنجي ذاتي ڪلنڪ کولي جنھن کي ۲۰۱۲ع ۾ ٻہ تلوار وٽ سينٽرل ھاسپيٽل ۾ منتقل ڪيو جتي ھن وقت بہ سندس ڪامياب پريڪٽس جاري آھي.
ڊاڪٽرمنظور قادرھڪ  ڪالم نگار، ڊراما نويس ۽ ڪھاڻيڪار پڻ آھي جڏهن تہ پڙهڻ جي حد تائين سندس پسنديدہ صنف سوانح عمري آھي جنھن تي طبع آزمائي ڪندي پنھنجي زندگي جي ڪھاڻي جو ڳچ حصو رقم ڪري چڪو آھي جنھن کي ھاڻي ٻيھر نظرثاني ڪري رهيو آھي تہ جيئن ڇپرائي سگهجي. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب فيس بڪ جي نالي سان ڇپجي مڃتا ماڻي چڪو آھي. پاڻ پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ مختلف سنڌي اردو چينلن لاءِ ويھارو کن ڊراما لکيا اٿائين جڏهن تہ ريڊيو پاڪستان لاءِ سندس لکيل ڊرامن جو ڳاڻيٽو ٻہ سئو کان مٿي آھي. ان کان علاوہ ڊاڪٽر صاحب مختلف اين جي اوز لاءِ انساني شعور کي جلا بخشي زندگي ڏانھن موٽڻ ۽ زندہ رهڻ لاءِ اتساھيندڙ بيشمار ڊراما تخليق ڪري چڪو آھي. مضمون نگار طور پڻ ڊاڪٽر منظور قادر جو قد ڪاٺ مٿاھون آھي پاڻ بيشمار رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهي ٿو جڏهن تہ سنڌي روزنامي عوامي آواز ۾ چار سالن تائين مسلسل ھفتيوار ڪالم لکندو رهيو.

  • جنم: 1964-09-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب