ڳول اڙي دِل ڳول
مولا بخش دلواڻي مرحوم ھڪ سادہ طبيعت انسان، صلح پسند ۽ محبتي ماڻھو ھو. ھو ڌرتيءَ سان بيپناھہ محبت ڪندڙ شخص ھيو جنھن جو عڪس سندس شاعريءَ ۾ موجود آھي. سندس ھن مجموعي ۾ خوفِ خدا، انسانيت سان پيار ۽ امن جي پيغام جو ھر ھنڌ اولڙو پسجي ٿو. سندس ھن مجموعي ”ڳول اڙي دِل ڳول“ ۾سندس غزل، نظم، گيت، ڪافيون ۽ وايون شامل آھن.