پنڌ اڻانگا پٻ جا
پانا گولس، يونان ۾ جمھوريت جي قاتل فوجي ٽولي سان ٽڪر ورتو ھئو ۽ انھيءَ جي سزا طور کيس تمام گهڻيون اذيتون ۽ صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون ھيون. اوريانا، انٽرويو سان گڏوگڏ سندس زندگيءَ ۽ جدوجھد جو احوال پڻ لکيو آھي. حق جي راھ تي ھلندي انسان کي ڪھڙيون اذيتون ٿيون برداشت ڪرڻيون پون، تن جو ھت تفصيلي بيان ڪيو ويو آھي.