اوريانا فلاسي

Author Name

اطالوي صحافي اوريانا فلاسي (فلاچي) Oriana Fallaci  جو جنم 29 جون 1929ع ۾ فلورينس ۾ ٿيو. اوريانا فلاسي جي سڃاڻ ھڪ رپورٽر ۽ انٽرويوئر طور ٿي پر ساڳي وقت ھن جا ناول پڻ مڃتا ماڻي چڪا آھن. ھن آدرشي عورت پنھنجي عملي ۽ سياسي زندگيءَ جو آغاز تمام ننڍي عمر ۾ پنھنجي مھان آزادي پسند پيءُ سان Underground Resistance Movement واري انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي شروع ڪيو. اوريانا کي پھرين سڃاڻ ٻي جنگ عظيم وقت فاشزم مخالف رپورٽر طور ٿي. ھن جنگ ھلندي  خطرناڪ حالتن مان پڻ رپورٽنگ ڪئي. ھن جا انٽرويوز پڻ گهڻا مشھور ٿيا ۽ سندس متنازع ۽ سخت گير شخصيتن کان ورتل انٽرويوز ۾ ھن جو سوالن جو انداز کيس مشھور بڻائي ويو. ھن ايراني انقلاب جي سرواڻ آيت اللہ خميني، فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات، امريڪي وزير خارجہ ھينري ڪسنجر، پاڪستاني وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، يونان جي باغي شاعر ”پانا گولس“، اندرا گانڌي، شھنشاھ ايران رضا شاھ پھلوي شامل آھن.
سندس ورتل  انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب “Interview with History”  گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ کيس ان عيوض World best Interviewer جو لقب مليو.  ان سان گڏ سندس ناول “A Man” ان کانپوءِ ناول “If the Sun dies”  ۽ “Letter to a child never Born” پڻ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آھن.
اوريانا فلاسي 15 سيپٽمبر 2006ع تي فلورينس جي اسپتال ۾ ڪينسر سبب وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اوريانا فلاسي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


اوريانا فلاسي جا ڪتاب

پنڌ اڻانگا پٻ جا، مصنف : اوريانا فلاسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پنڌ اڻانگا پٻ جا
مصنف : اوريانا فلاسي
اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط، مصنف : اوريانا فلاسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط
مصنف : اوريانا فلاسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ