ٽُٽل عڪسَ سونھن جا
عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ ۾ وزن جي پابنديءَ سان گڏ، نين تشبيھن، اصطلاحن، مھاورن، استعارن، عڪسن، علامتن، اھڃاڻن ۽ موسيقيءَ جي موجودگي آھي. ڪتاب ۾ پاڻ لکن ٿا: ”ھيءَ شاعري آرسي آھي منھنجي اُڌمن، ڪلپنائن، آرزوئن ۽ پيڙائن جي. ھيءَ شاعري منھنجي روح جي ٻولي ۽ دل جي ويران صحن مان اڀري آيل صدائن جو پڙاڏو آھي.“