عبدالحڪيم ارشد

Author Name

سنڌيءَ ٻوليءَ جو نامور شاعر عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير، 13 جون 1939ع تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاھ ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ اديب سنڌي ۽ اديب مولوي جا امتحان ڏئي، 1964ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 28 ڊسمبر 1998ع تي رٽائر ٿيو.
عبدالحڪيم ارشد 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي نامور شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي .ان کان سواءِ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ بہ ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر رھيو آھي. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. 
سندس شاعريءَ جا پنج مجموعا ڇپيل آھن جن مان پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاهه 1995ع شايع ڪيو. جڏهن تہ سندس قومي شاعريءَ جو ڪتاب ’آجپي جي گيت جهڙي شاعري ‘ڊسمبر 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”ٽُٽل عڪس سونھن جا“ 2013ع ۾ ڇپيو، چوٿون مجموعو ”آواز اندر جو" ۽ پنجون مجموعو "مون نينھن نڀايو ڌرتيءَ سان" جي نالي سان ڇپيل آھي. عبدالحڪيم ارشد جي مضمونن جو ڪتاب ”ڳالھيون من اندر جون“ سندس وفات کانپوءِ ڇپايو ويو.
عبدالحڪيم ارشد 6 فيبروري 2018 تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالحڪيم ارشد جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عبدالحڪيم ارشد جا ڪتاب

ٽُٽل عڪسَ سونھن جا، مصنف : عبدالحڪيم ارشد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٽُٽل عڪسَ سونھن جا
مصنف : عبدالحڪيم ارشد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ