نظر ۾ نظربند
احمد خان مدھوش سنڌ جي نج پيار رتين روايتن جو امين شاعر آھي. مدھوش جي شاعري پيار جي آفاقيت جو شمعدان آھي . ھن شمعدان جي روشني ڪيترن کي ازلي پيار جي دڳ لائي ٿي ۽ ڪيترن کي پيار جو پروانو بڻائي تڙپائي ٿي، اھو حاصلات جي امنگن تي ٻڌل آھي. بحر وزن جو پختو شاعر ”مدھوش“ محبت کان ويندي سياسي ۽ سماجي رخن تائين لڳ ڀڳ ھر موضوع تي قلم کنيو آھي، پر محبت وري بہ سندس پسنديدہ موضوع رھيو آھي.