احمد خان مدھوش

Author Name

ناميارو شاعر احمد خان ولد  حاجي خان (فقير شغلي) ذات (کٽي) سومرو، 15 اپريل 1931ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. هن شاعريءَ جي سکيا سيد نجف علي شاهه لڪياريءَ ۽ فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾ ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هيو. احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي احمد خان مدھوش جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


احمد خان مدھوش جا ڪتاب

نظر ۾ نظربند، مصنف : احمد خان مدھوش

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
نظر ۾ نظربند
مصنف : احمد خان مدھوش
دل جون ڳالھيون، مصنف : احمد خان مدھوش

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
دل جون ڳالھيون
مصنف : احمد خان مدھوش
2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ