نگاھون نيرا گل
ھن ڪتاب ۾ غزل، نظم، وايون، گيت ۽ چئوسٽا شامل آھن. ايوب کوسو پنھنجي شاعريءَ جي رستي سنڌ جا حسين منظر پسائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آھي. ايوب کوسي روايتي ورجاءَ، يڪسانيت، تتبع ۽ ڊکاڻڪيءَ واري شاعريءَ کان ھٽي ”لفظن جي حرمت“ ۽ تخليقي انداز کي بحال رکيو آھي. يڪسانيت جي جمود کي ٽوڙيو آھي ۽ روحن جي ڌرتيءَ کي گرمايو آھي. ھن وٽ سماجي ۽ قومي شعور بہ بلند سطح جو آھي ۽ ان جو اظھار بہ وقتائتو ڪري ٿو.