سامين مارڳ ماڻيو
ھن ڪتاب ۾ سيد تاج علي شاھ لڪياريءَ جي ڪلام جو قومي، فڪري ۽ نظرياتي جائزو پيش ڪيو ويو آھي. تاج علي شاھ لڪياري بودلائي نھايت شفيق، نفيس ۽ ٻاجهارو بزرگ ھيو. شاعريءَ کان سواءِ ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ مثالي انسان ۽ باعمل زندگي گذاريندڙ شخص ھو.