اک سور
بنگالي زبان جي نوبل انعام يافتہ عظيم شاعر، فلسفي ۽ تعليمدان رابندرناٿ ٽئگور مغربي دنيا ۾ فلسفيءَ کان وڌيڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ٽئگور بنگالي ادب ۾ ڪلاسيڪي سنسڪرت بجاءِ عوامي ٻولي بنگاليءَ جو استعمال ڪيو ۽ هندستاني معاشري جي ڪن خاص پهلوئن کي مغرب سان متعارف ڪرايو. ٽئگور جو فڪر مذهب ۽ فلسفي جي ميلاپ مان وجود ۾ آيل آهي. گرديو جو ھيءُ ناول سندس سڀني ناولن کان وڌيڪ پسند ڪيو ويو آھي ۽ پھريون نمبر ليکيو وڃي ٿو. اصل ناول بنگالي زبان ۾ 1902ع ۾ لکيو ويو ھو.