بنگالي زبان جي عظيم شاعر، فلسفي ۽ تعليمدان رابندرناٿ ٽئگور 7 مئي 1861ع تي ڪلڪتي (هندوستان) ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ ديوندر ناٿ ٽئگور، برهمو سماج جي ٻن ڌڙن مان هڪ ڌڙي جو رهنما هو. لفظ ’ٽئگور‘، ٺاڪر جي بگڙيل صورت آهي. ٽئگور بنيادي طور برهمڻ هو، جن وٽ علم ۽ دانش جي هڪ ڊگھي روايت موجود رهي آهي. کيس گهرو ماحول ئي اهڙو مليو، جنهن ۾ هن جو ذهن اعليٰ قدرن واري سماج ڏانهن راغب ٿيو ۽ سندس سوچ اعليٰ شعور جي روپ ۾ اُسري. مغربي دنيا ۾ ٽئگور فلسفيءَ کان وڌيڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ٽئگور بنگالي ادب ۾ ڪلاسيڪي سنسڪرت بجاءِ عوامي ٻولي بنگاليءَ جو استعمال ڪيو ۽ هندستاني معاشري جي ڪن خاص پهلوئن کي مغرب سان متعارف ڪرايو. ٽئگور جو فڪر مذهب ۽ فلسفي جي ميلاپ مان وجود ۾ آيل آهي. سندس ادبي سرمائي ۾ شاعريءَ جو وڏو حصو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ٻن هزارن کان مٿي گيتن تي مشتمل آهي ۽ سندس گيتن کي بنگالي ادب ۾ خاص جاءِ ڏني ويئي ۽ انهن گيتن کي ’رابندر سنگيت‘ جو نالو ڏنو ويو. پوءِ به هن ناول، افسانا، سفرناما، ڊراما ۽ ٻيا کوڙ مضمون لکيا آهن. رابندر ناٿ ٽئگور جو ڏاڏو دوارڪا عربي ۽ فارسي دانيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ ڏاڍو مشهور هو. سندس خاندان ۾ سنسڪرت ۾ لکيل قديم ڌرمي ڪتابن سان گڏ اسلامي روايتن ۽ فارسي ادب سان گھري دلچسپي قائم رهندي آئي. اهو ئي سبب آهي، جو ٽئگور جي لکڻين ۾ ننڍي کنڊ جي مختلف ڌرمن ۽ تمدني روايتن جون جھلڪيون چٽيون نظر اچن ٿيون. سندس نثر ۾ سماجي سوالَ، سياسي خيال ۽ تعليمي تصورن سان گڏ عالمي ڀائيچاري جي جھلڪ ملي ٿي، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾ مذهب ۽ روحانيت سان گڏوگڏ فطرت ۽ زندگي جي سُرور جو عڪس موجود آهي. سندس شاعريءَ جون جڙون حب الوطني ۽ عالمي ڀائيچاري ۾ کتل نظر اچن ٿيون. ادبي تاريخ ۾ ٽئگور جي اهميت جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته هندوستان ۽ بنگلاديش ٻنهي ملڪن سندس گيتن کي پنهنجي قومي تراني ۾ شامل ڪيو آهي. کيس 1913ع ۾ سندس شاعري جي ڪتاب ”گيتانجلي“ جي انگريزي ترجمي تي نوبل انعام ڏنو ويو هو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پاڻ ڪيو هئائين. سندس ڪارنامن ۾ هڪ وشوا ڀارتي (Vishva-Bharti) يونيورسٽيءَ جو قيام ۽ ٻيو مغربي بنگال ۾ ”شانتي نڪيتن“ آشرم جو قيام آهي، جيڪو ادب، سنگيت، مصوريءَ ۽ سنگتراشيءَ جي علم جو وڏو مرڪز رهيو آهي. شانتي نڪيتن جهڙي درسگاهه جي قيام ۾ سندس پيءُ جو ساڻس وڏو ساٿ رهيو، جو هن پنهنجي وسيع جاگير مان زرعي زمين جو ڪافي حصو هن اداري لاءِ وقف ڪيو. هن اداري جي شاگردن مان 1922ع جي آسڪر اوارڊ يافته فلم ساز ستيه جيت راءِ، 1998ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ امرتاسين ۽ اڳوڻي هندوستاني وزيراعظم اندرا گانڌيءَ کان سواءِ سنڌ جو مشهور سياستدان ۽ دانشور سوڀو گيانچنداڻي شامل آهن. 1913ع ۾ نوبل انعام ۽ 1915ع ۾ کيس ”سر“ جو خطاب مليو، جيڪو هن 1915ع ۾ ئي جليانوالا قتل عام تي احتجاج طور انگريزن کي موٽائي ڏنو. سندس ڪتابن جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي، جنهن مان ڪي ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ڪبي ڪهني (1878: A poets tale)، (2) سنڌيا سنگيت (1882ع)، (3) پرڀات سنگيت (1883ع)، (4) راجشاهي (1887ع)، (5) راجا اوراني (1889ع)، (6) وسرگان (1890ع)، (7) مناسي (نظم:1890ع)، (8) چتر لگدا (ڊراما:1892ع)، (9) يورپ جاتر ڊائري (93-1891ع)، (10) والميڪي پرتيا (1893)، (11) سونارتاري (شاعري: 1894ع)، (12) ڪٿا (1900ع)، (13) ڪلپنا (1900ع)، (14) نئه وديا (1901ع)، (15) نشتنير (ٽٽل آکيرو-1901ع)، (16) شرڻ (1902ع)، (17) ڇوڇر بالي (اک سور: 1905ع)، (18) گورا (ناول: 09-1907ع)، (19) گال پگوڇا (ڪهاڻيون: 1912ع)، (20) چناپترا (1912ع)، (21) گيتانجلي (نثري نظم:1912ع)، (22) جبان سمرتي (1912)، (23) ڊاڪ گهر (1912ع)، (24) The Crescent Moon (1913)، (25) Glimpses of Bengali Life (1913)، (26) The Hungry stones and other stories (1913)، (27) چترا (1914ع)، (28) سڌنا (1914ع)، (29) چترنگا (1916)، (30) Stories from Tagore، (31) جپان جاتري (1919ع)، (32) Greater India (1921)، (33) Letters from Abroad (1924)، (34) Broken ties & other stories (1925)، (35) Rabindranath Tagore: 22 poems (1925)، (36) ناتر پوجا (1926ع)، (37) Letters to a friend (1928)، (38) شيشر ڪويتا (1929ع)، (39) جاتري (1929ع)، (40) ياگا يوگ (1929ع)، (41) The religion of man (1940)، (42) Mahatmahi and Depressed Humanity (1932)، (43) The Golden Boat (1932)، (44) چار اڌيايه (1934ع)، (45) شيش سپتڪ (1935ع)، (46) پترا پُوت (1936ع)، (47) Collected Poems and Plays (1936)، (48) سيمجوتي (1938ع)، (49) پرانتڪ (1938ع)، (50) سياما (1939ع)، (51) آڪاس پرديپ (1939ع)، (52) نباجاتڪ (1940ع)، (53) جنم دني (1941ع)، (54) Last Poems (1941)، (55) Crisis in Civilization (1950)، (56) More Stories form Tagore (1951)، (57) A Tagores’ Tastement (1955)، (58) Wings of Death (1960)، (59) On Art and Aesthetics (1961)، (60) رابندر رچنا بلي (27 جلد: 37-1934ع)، (61) Rabindranath Tagore: Selected Poems (1985)، (62) Rabindranath Tagore Selecte Short Stories (1991).
رابندرناٿ جو سمورو شعري ذخيرو، ڪيترا ناول ۽ ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪيون هيون. ٽئگور جا شعري مجموعا ”گيتانجلي“ ۽ ”پريت جا گيت“ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙي عالم منظوم سنڌي ترجمو ڪيا هئا، جيڪي 41-1940ع ۾ ڇپيا. سندس ڪيترا ناول جن ۾ ’گورا‘ ۽ ’اک‘ سور شامل آهن، نه رڳو ورهاڱي کان اڳ پر پوءِ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا آهن. ’اک سور‘ ته ساهتيه اڪادمي دهليءَ ڇپايو آهي. سنڌيءَ جي وڏي شاعر ڪشنچند بيوس ٽئگور جي شاعريءَ جي اڀياس لاءِ انگريزي سِکي ۽ ڪيترن سالن تائين لاڙڪاڻي ۾ ٽئگور ڪلاس هلايا. ٽئگور جي شعر ۽ نثر جو سنڌي ادب تي وڏو اثر آهي.
بنگالي ادب جي هزار سالا تاريخ ۾ ٽئگور جھڙو قدآور شخص نظر ڪونه ٿو اچي. سندس گيتن کي اڄ به لکين بنگالي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن. مارچ 1913ع ۾ گيتانجليءَ جو انگريزي ترجمو لنڊن مان ڇپيو هو. نومبر ۾ ان کي انعام جو مستحق قرار ڏنو ويو. انهي وچ ۾ ان جا ڏهه ڇاپا ڇپجي چڪا هئا. ٽئگور وٽ ماڻهن جي آزاد زندگيءَ ويچارن کي وڏي اهميت رهي آهي. ٽئگور، هندستان جي عظيم رهنما گانڌيءَ جو وڏو پرستار هو، هن ڪڏهن به گانڌيءَ جي قوم پرستيءَ کي شڪ جي نظر سان نه ڏٺو. سندس گانڌيءَ سان ڪيترن نڪتن تي اختلاف به رهيو، پر هو گانڌيءَ جي سياسي صلاحيتن جو هميشه متعرف رهيو. هن ئي گانڌيءَ کي ”مهاتما“ جو لقب ڏنو ۽ ان کي مقبول بنايو. زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ هو هندوستان جي مستقبل مان مايوس ٿي چڪو هو. هن 17 آگسٽ 1941ع تي ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رابندر ناٿ ٽئگور جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن