دراوڙ دل جي تنھائي
اياز جاني اسان جي دور جو بھترين شاعر ھو جيڪو اسان کان دل جي تڪليف سبب جلد وڇڙي ويو. اياز جاني شاعريءَ جو جادوگر ھيو، ھو ڪنڊو کڻي گلاب ۾ بدلائيندڙ شاعر ھيو. ھن جا شاعراڻا ويچار اڻ ڏٺل ذرن جو وھڪرو آھن. اياز جاني وائيءَ کي نئون روپ ڏنو. اياز جاني ماٺيڻو پر سماج جي صدمن کان تنگ هڪ ڀنڀٽ هيو جنھن پنھنجي خيالن نظريي ۽ سوچن کي شاعريءَ وسيلي عوام آڏو آندو آهي،