اياز جاني
نامياري شاعر اياز جانيءَ جو اصل نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ آهي. هن رحمت پور، لاڙڪاڻي ۾ 4 آڪٽوبر 1967ع تي جنم ورتو هو. سندس تعليمي لياقت ايم. اي سنڌي ادب آهي، جيڪا هن شاهہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. اياز جاني، غزل ۽ وائيءَ جو خوبصورت شاعر آهي. سندس غزل، وايون ۽ شاعريءَ جون ٻيون صنفون، سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر ادبي پرچن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”پن ڇڻ جا پل پٿر“ ۽ ”دراوڙ دل جي تنھائي“ شايع ٿيل آهن. اياز جانيءَ ماهوار ”سارس“ ڪراچيءَ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور 6 پرچا ترتيب ڏنا ۽ 1997ع ۾ ماهوار ”لھرون“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر رهيو، جنھن جا پڻ هن 6 پرچا ڪڍيا. 2000ع کان ٻيھر ”سارس“ رسالو سندس ايڊيٽر شپ هيٺ نڪتو. ان جو هڪ خاص نمبر، سنڌ جي بھترين شاعر عبدالغفار تبسم جي نالي ترتيب ڏئي، ڇپرائي چڪو آهي. اياز جاني 06 جون 2016ع تي لاڙڪاڻي ۾ دل بيھڻ سبب گذاري ويو. سندس تدفين اسٽيل ٽائون قبرستان ڪراچي ۾ ڪئي وئي.
- جنم: 1967-10-04
- ورسي: 2016-06-06
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل