سونھري پشپا
پرل ايس بڪ آمريڪا جي مشھور ليکڪا آھي پر گهڻو عرصو چين ۾ رھڻ ڪري ھن تي چين جو ڪافي اثر آھي. ان ڪري ئي ھن ناول ۾ چيني عڪس نمايان آھي. سونھري پشپا ھڪ دلير نينگر جي ڪھاڻي آھي، جيڪا وڏي جرئتمند ۽ بھادر آھي. ھن ناول ۾ جپاني حملي وقت ان جي قيد ۾ قابو ھجڻ، سختين ۽ تشدد، مڙسي ۽ ڪارنامن جو نقشو چٽيءَ طرح پيش ڪيو آھي.