پرل ايس بڪ

Author Name

آمريڪي ليکڪا پرل. ايس بڪ کي1938 ۾ ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو هو. هوءَ پنهنجي دور جي مقبول ترين اديبا، انسانيت جي علمبردار، عورتن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن هئي، پاڻ ’ايشيا‘ نالي ماهوار رسالي جي ايڊيٽر به هئي. هن چين جي پس منظر ۾ ڪيترا ئي ناول لکيا. سندس جنم 26 جون 1892ع تي هلزيورو، مغربي ورجينيا ۾ ايپسلام سبرن اسٽريڪر جي گھر ۾ ٿيو، جيڪو مزاح کان عاري هڪ خشڪ عالم هو. جيڪو بائبل کي چيني زبان ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ چين ۾ ڪيترائي سال رهيو. بڪ ابتدائي تعليم پنهنجي ماءُ ۽ هڪ چيني عالم کان ورتي جيڪو ڪنفيوشزم جو وڏو عالم هو. 1907ع کان 1909ع تائين هن شنگھائيءَ ۾ پڙهيو. هوءَ انگريزيءَ کان اڳ ۾ چيني زبان وڌيڪ ڄاڻيندي هئي. ننڍي هوندي کيس باڪسر (Boxer) تحريڪ ۾ حصو وٺڻ سبب چين مان نيڪالي ڏني وئي. 1914ع ۾ هن ورجينيا مان علم نفسيات ۾ گريجوئيشن ڪئي. بعد ۾ هوءَ واپس چين هلي وئي. اتي هن هڪ زرعي ماهر ڊاڪٽر جان لاسنگ سان شادي ڪئي ۽ چين جي هڪ ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن چين جي ڪيترين ئي تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ نانڪنگ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جي ليڪچرار رهي. سندس پهرين ڌيءُ ذهني طور مفلوج ڄائي، جنهنڪري 1924ع ۾ سندس علاج لاءِ هوءَ موٽي آمريڪا آئي. اتي جي ڪارنيل يونيورسٽيءَ مان ادبيات ۾ ماسٽرز جي ڊگري ورتائين. 1927ع ۾ هوءَ واپس چين موٽي وئي. چين ۾ گھرو لڙائيءَ سبب کيس جپان موڪليو ويو. ان کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به وري چين واپس نه موٽي. 1935ع ۾ پنهنجي پهرئين مڙس کان طلاق وٺي ”جان ڊي پبلشنگ هائوس“ جي مالڪ رچرڊ والٽس سان شادي ڪيائين. سندس پهريون ناول 'East Wind: West Wind'، 1930ع ۾ ڇپيو. پر سندس شهرت جو سبب 'The Good Earth' ناول بڻيو. هي ناول هڪ منفرد اسلوب ۾ لکيل هو. جنهن جو نثر بائبل جھڙو ۽ ڪهاڻي چيني معاشري مان کنيل هئي. هن ناول تي فلم به ٺاهي وئي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپرايو آهي. 1936ع ۾ کيس انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ليٽرس جو رڪن چونڊيو ويو. 1938ع ۾ کيس ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو. آمريڪي اديبن ۾ هي ٽين اديبا هئي، جنهن کي ادب تي نوبل انعام ڏنو ويو هو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران هن ايشيا بابت آمريڪي رويي تي ليڪچر ڏنا ۽ مضمون لکيا. ذاتي تجربن جي بنياد تي هن کي مختلف تمدنن جي مردن ۽ عورتن جي تعلقاتن تي گھرو مطالعو هو. هوءَ پنهنجن ناولن ۾ مختلف نسلن جي ماڻهن جي وچ ۾ محبت کي مرڪزي خيال طور پيش ڪندي هئي. ليکڪا طور بَڪ 40 سالن تائين ادب جي افق تي ڇانئي رهي. هن جا ڪيترائي ناول، ڊراما، مختصر ڪهاڻين جا مجموعا، ٻارن جو ادب ۽ سوانح عمريون ڇپيون. هن جان سجر جي نالي فرضي نالي سان 5 ناول به لکيا. هن چوڏهين صديءَ جي هڪ چيني شاعر جي شاعريءَ جو ترجمو به ڪيو. 1959ع ۾ سندس آخري ڪتاب'Command In The Horning' ڇپيو، جنهن ۾ هُن آمريڪا طرفان جپان تي بم ڪيرائڻ بابت احوال جو نقشو چٽيو ۽ ان تي تنقيد ڪئي. پرل ايس. بڪ 6 مارچ 1973ع تي وفات ڪئي. سندس نثر، نـظــم تـوڙي ترجـمـن تـي مشـتـمــل 114 ڪـتاب ڇـپـجـي مختلف ٻولين ۾ پڌرا ٿيا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پرل ايس بڪ جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


پرل ايس بڪ جا ڪتاب

سونھري پشپا، مصنف : پرل ايس بڪ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سونھري پشپا
مصنف : پرل ايس بڪ
سون ورني ڌرتي، مصنف : پرل ايس بڪ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سون ورني ڌرتي
مصنف : پرل ايس بڪ
ڀلاري ڀونءِ، مصنف : پرل ايس بڪ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڀلاري ڀونءِ
مصنف : پرل ايس بڪ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ