ناول

ڀلاري ڀونءِ

ھن ناول جو مرڪزي ڪردار چين جو ھڪ اڻپڙھيل ننڍڙو وانگ لنگ آھي، جيڪو پنھنجي زمين جي ننڍڙي ٽڪري سان بي انت پيار ڪري ٿو. ناول ماڪڙ جي حملي سبب ڏڪار کان قبضي ۽ جنگ تائين ۽ جنگ کان بدامني ۽ انقلاب تائين جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي. ھن ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ زمين سان عشق ۽ محبت ۽ پورھيي سان پيار جي لاٽ اجهامي ئي نٿي. ناول ۾ معصوميت ۽ مڪاري، لالچ، ھٻڇ، ھَوس، بي حسي. محبت ۽ نفرت جي واقعن ۽ موضوعن جا قصا شامل آھن.

  • 5.0/5.0
  • 29
  • 2
  • هڪ سال اڳ
  • 0
Title Cover of book ڀلاري ڀونءِ
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور نوبيل انعام يافتہ ليکڪا پرل ايس بڪ جي لکيل ناول  “The Good Earth” جو سنڌي ترجمو ”ڀلاري ڀونءِ“  پيش آهي، جنھن جا سنڌيڪار رشيد ڀٽي ۽ لکاڏنو ”ڪلال“ خاصخيلي آھن. 
پرل ايس بڪ آمريڪا جي مشھور ليکڪا آھي پر گهڻو عرصو چين ۾ رھڻ ڪري ھن تي چين جو ڪافي اثر آھي ۽ ھي ناول پڻ چين جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ھن ناول جا پھريان 11 باب مرحوم رشيد ڀٽي ترجمو ڪيا پر ساڻس زندگيءَ وفا نہ ڪئي ۽ باقي 23 باب لکاڏنو ”ڪلال“ خاصخيليءَ ترجمو ڪيا آھن. ھن ناول جو مرڪزي ڪردار چين جو ھڪ اڻپڙھيل ننڍڙو وانگ لنگ آھي، جيڪو پنھنجي زمين جي ننڍڙي ٽڪري سان بي انت پيار ڪري ٿو. ناول ماڪڙ جي حملي سبب ڏڪار کان قبضي ۽ جنگ تائين ۽ جنگ کان بدامني ۽ انقلاب تائين جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي. ھن ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ زمين سان عشق ۽ محبت ۽ پورھيي سان پيار جي لاٽ اجهامي ئي نٿي. ناول ۾ معصوميت ۽ مڪاري، لالچ، ھٻڇ، ھَوس، بي حسي. محبت ۽ نفرت جي واقعن ۽ موضوعن جا قصا شامل آھن.
ھي ڪتاب 1995ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان  اوھان اڳيان آڻجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف پرل ايس بڪ
  • سنڌيڪار رشيد ڀٽي
  • سنڌيڪار لکاڏنو ”ڪلال“ خاصخيلي
  • ڇپيو ويو 1995
  • ڇپائيندڙ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر 969-405-038-3
  • آن لائين ٿيو 22/Jan/2024
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 2 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون